Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24 - Muslim Sindhi Bible


هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
( مرقس 13‏:1‏-2 ، لوقا 21‏:5‏-6 )

1 عيسيٰ جيئن ئي هيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس اچي کيس هيڪل جون عمارتون ڏيکارڻ لڳا.

2 عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“


تڪليفون ۽ تباهيون
( مرقس 13‏:3‏-13 ، لوقا 21‏:7‏-19 )

3 عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“

4 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ نہ ڪري،

5 ڇو تہ گھڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي گھڻن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.

6 اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي.

7 قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.

8 پر اهي سڀ ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.

9 ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.

10 ان وقت گھڻا ئي گمراهہ ٿيندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.

11 گھڻا ئي نبي سڏائيندڙ ظاهر ٿيندا ۽ گھڻن ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.

12 بڇڙائي وڌي وڃڻ ڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو.

13 پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.

14 آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي سڄيءَ دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“


دهشتناڪ وقت
( مرقس 13‏:14‏-23 ، لوقا 21‏:20‏-24 )

15 ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،

16 تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.

17 مطلب تہ جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو لهي پنهنجي گھر مان ڪا شيءِ کڻڻ لاءِ وقت نہ وڃائي

18 ۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي.

19 انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

20 خدا کان دعا گھرو تہ شل اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينهن نہ ٿئي،

21 ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.

22 ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.

23 ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي،‘ يا چوي تہ ’مسيح هوڏانهن آهي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو،

24 ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.

25 پر آءٌ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي رهيو آهيان.

26 سو جيڪڏهن ڪي اوهان کي چون تہ ’ڏسو، هو رڻ‌پٽ ۾ آهي‘ تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو يا وري ڪي چون تہ ’ڏسو، هو اندرين ڪمري ۾ لڪل آهي‘ تہ يقين نہ ڪجو.

27 ابنِ آدم جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

28 جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“


ابنِ آدم جو موٽي اچڻ
( مرقس 13‏:24‏-27 ، لوقا 21‏:25‏-28 )

29 ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.

30 ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.

31 تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


انجير جي وڻ مان سبق
( مرقس 13‏:28‏-31 ، لوقا 21‏:29‏-33 )

32 ”انجير جي وڻ مان اوهين سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو.

33 ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي.

34 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون.

35 زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


سجاڳ رهو
( مرقس 13‏:32‏-37 ، لوقا 17‏:26‏-30 ‏، 34‏-36 )

36 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو.

37 ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.

38 انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.

39 انهن کي ڪا خبر ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. ابنِ آدم جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو.

40 انهيءَ وقت جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

41 يا جيڪڏهن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

42 تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو خداوند ايندو.

43 انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.

44 انهيءَ ڪري اوهان کي هر وقت تيار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ابنِ آدم اهڙي وقت ايندو جنهن جو اوهان کي گمان بہ نہ هوندو.“


وفادار ۽ بي‌وفا نوڪر
( لوقا 12‏:41‏-48 )

45 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟

46 سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.

47 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.

48 پر جيڪڏهن اهو نوڪر بڇڙو هجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘

49 ۽ اچي پنهنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي،

50 تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو، نڪي کيس ڪا خبر ئي هوندي.

51 پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ