لوقا 24 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ ( متي 28:1-10 ، مرقس 16:1-8 ، يوحنا 20:1-10 ) 1 اهي عورتون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون. 2 اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي. 3 وري جڏهن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو لاش تہ آهي ئي ڪونہ. 4 اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن. 5 تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيئرو آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6 هو هتي ڪونهي پر جيئرو ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ 7 ’اهو ضروري آهي تہ ابنِ آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙهيو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اُٿي.‘“ 8 تڏهن عورتن کي هن جا اهي لفظ ياد آيا. 9 پوءِ هنن قبر کان موٽي اچي يارهن شاگردن ۽ ٻين سڀني پوئلڳن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 10 جن عورتن انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون. 11 پر رسولن انهن عورتن جي ڳالهين کي اڻٿيڻيون سمجھي انهن تي يقين نہ ڪيو. 12 تنهن هوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانهن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. تڏهن جيڪو وهيو واپريو هو تنهن تي عجب کائيندي گھر موٽيو. اِمائوس وٽ ڏيکاري ڏيڻ ( مرقس 16:12-13 ) 13 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو. 14 اهي پاڻ ۾ گذريل واقعن بابت ڳالهيون ڪندا پئي ويا. 15 هنن جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيا تہ عيسيٰ پاڻ ويجھو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. 16 پر انهن جي اکين مان عيسيٰ کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي. 17 عيسيٰ انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. 18 انهن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اهڙو ماڻهو نہ آهين جنهن کي خبر ئي نہ آهي تہ اڄڪلهہ هِت يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي؟“ 19 تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو خدا توڙي سڄي خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي هو. 20 انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس صليب تي چاڙهائي ڇڏيو. 21 اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. 22 اڄ تہ اسان جي ڪن عورتن اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي صبح جو سوير قبر تي ويون 23 تہ قبر ۾ لاش نہ ڏٺائون. پوءِ اهي موٽي آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ انهن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ عيسيٰ جيئرو آهي. 24 تڏهن اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو هو، پر عيسيٰ هنن کي نظر نہ آيو.“ 25 تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي نادانؤ! اوهين نبين جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو. 26 ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ 27 پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن. 28 جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي. 29 پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو. 30 پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو تہ ماني کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين. 31 اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. 32 اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پاڪ ڪلام سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“ 33 پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن شاگردن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو. 34 اهي پاڻ ۾ چون پيا تہ ”خداوند سچ پچ جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ هن شمعون کي ڏيکاري ڏني آهي!“ 35 تنهن تي هنن ٻنهي کين اهي سموريون ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون جيڪي رستي تي ٿي گذريون هيون ۽ اهو بہ تہ ڪيئن هنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مهل سڃاتو هو. شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ ( متي 28:16-20 ، مرقس 16:14-18 ، يوحنا 20:19-23 ، رسولن جا ڪم 1:6-8 ) 36 هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ 37 تڏهن هو خوف ۽ هراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38 پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ 39 منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“ 40 ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا. 41 جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري عيسيٰ چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“ 42 تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، 43 جيڪو هن انهن جي سامهون ويهي کاڌو. 44 پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ 45 پوءِ پاڪ ڪلام کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي 46 کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو. 47 پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي. 48 اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. 49 ڏسو، آءٌ اوهان تي پاڪ روح نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پيءُ واعدو ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آسمان مان انهيءَ جي طاقت عطا نہ ٿئي تيستائين شهر ۾ رهجو.“ عيسيٰ مسيح جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ ( مرقس 16:19-20 ، رسولن جا ڪم 1:9-11 ) 50 پوءِ عيسيٰ انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيتعنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ برڪت گھريائين. 51 جيئن ئي هو انهن لاءِ برڪت گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانهن کڄي ويو. 52 تڏهن هنن کيس سجدو ڪيو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا. 53 اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار خدا جا شڪرانا ادا ڪندا رهيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society