Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

لاوي سرشتو 19 - Muslim Sindhi Bible


ٻيا مختلف قانون

1 خداوند موسيٰ کي

2 بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.

3 اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

4 اوهين مون کي ڇڏي بتن ڏانهن نہ ڦرجو ۽ نڪي پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ جا پلٽيل معبود بڻائجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

5 جڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني ذبح ڪريو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح پيش ڪجو جو اها اوهان جي طرفان مون وٽ قبول پوي.

6 جنهن ڏينهن اها قرباني ڪئي وڃي، تنهن ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن ان جو گوشت کاڌو وڃي. پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ بچي پوي تہ انهيءَ کي ساڙيو وڃي.

7 ٽئين ڏينهن انهيءَ مان ذرو بہ نہ کاڌو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو حرام آهي ۽ اها قرباني قبول نہ ڪئي ويندي.

8 جيڪو بہ اهو کائيندو سو پنهنجي سر تي گناهہ کڻندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.

9 جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو.

10 اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

11 اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان دوکو ڪجو ۽ نہ وري ڪوڙ ڳالهائجو.

12 اوهين منهنجو نالو وٺي ڪوڙو قسم نہ کڻجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.

13 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.

14 اوهين ٻوڙي کي ملامت نہ ڪجو، نڪي انڌي جي اڳيان ٿاٻي کائڻ جهڙي ڪا شيءِ رکجو. مون پنهنجي خدا جي خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.

15 اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو، نہ تہ ڪنهن غريب جي پاسخاطري ڪجو، نہ وري ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو لحاظ ڪجو، بلڪ پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪجو.

16 اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.

17 اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو.

18 اوهين پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺجو، نڪي انهن سان ڪينو رکجو، بلڪ اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.

19 اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪجو. اوهين پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس جي جانور سان لڳ نہ ڪرائجو، نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي پوکجو ۽ نہ ئي وري اوهين ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ پائجو.

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ عورت سان زنا ڪري، جيڪا ٻانهي هجي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان مڱيل هجي، پر هوءَ اڃا تائين ڇڏايل يا آزاد ٿيل نہ هجي، تڏهن انهن کي سزا ڏني وڃي. پر انهن کي قتل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها عورت آزاد نہ هئي.

21 پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي.

22 ڪاهن انهيءَ قربانيءَ واري گھٽي سان، منهنجي حضور ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جي گناهہ لاءِ ڪفارو ادا ڪري. تڏهن کيس پنهنجي گناهہ جي معافي ملندي.

23 جڏهن اوهين ملڪ ڪنعان ۾ پهچي طرح طرح جي ميون جا وڻ پوکيو، تڏهن انهن جو ميوو ٽن سالن تائين اوهان جي لاءِ حرام هوندو، سو اوهين اهو نہ کائجو.

24 پر چوٿين سال انهن جو سمورو ميوو مون خداوند جي واکاڻ طور پيش ڪرڻ لاءِ اهو مخصوص ڪيو ويندو.

25 پوءِ پنجين سال اوهين ڀلي انهيءَ جو ميوو کائجو. جيڪڏهن اوهين ائين ئي ڪندا تہ انهن وڻن جي پيداوار اوهان لاءِ وڌي ويندي. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

26 اوهين ڪنهن بہ طرح رت نہ کائجو پيئجو. اوهين نڪي فال ڪڍجو ۽ نہ ڪا جادوگري ڪجو.

27-28 اوهين پنهنجي جسم تي ڏينڀوڙين جا نشان نہ ڪڍائجو. اوهين مئلن جي لاءِ غير قوم وارن جيان پنهنجي جسم کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو ۽ نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙجو. آءٌ خداوند آهيان.

29 اوهين پنهنجي ڌيئرن کي ڪسبياڻي بڻائي کين بي‌آبرو نہ ڪجو، متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي.

30 اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو ۽ منهنجي مقدس خيمي جي تعظيم ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.

31 اوهين مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ڏانهن مائل نہ ٿجو، نڪي ڀوپن جي ڳولا ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن کان ناپاڪ ٿيندا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

32 اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.

33 جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان جي ملڪ ۾ اچي رهي، تہ انهيءَ کي نہ ستائجو.

34 اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

35 اوهين ڪنهن بہ فيصلي ڪرڻ وقت ماپ، تور ۽ ڳڻپ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو.

36 اوهان جون تارازيون، وٽ ۽ ماپا بلڪل صحيح هجن. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.

37 سو اوهين منهنجا سڀيئي قانون ۽ حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ