Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يشوع 18 - Muslim Sindhi Bible


باقي بچيل ملڪ جي ورهاست

1 بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،

2 پر انهن مان اڃا ست قبيلا رهيل هئا جن کي پنهنجو ورثو ورهائجي ڪونہ مليو هو.

3 سو يشوع انهن کي چيو تہ ”جيڪا زمين خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ترسيا ويٺا هوندا.

4 هر هڪ قبيلي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊي ڏيو. آءٌ انهن کي موڪليندس تہ وڃي پنهنجي ورثي کي مدنظر رکي ملڪ جو جائزو وٺن، انهيءَ جو بيان لکن ۽ پوءِ مون وٽ واپس اچن.

5 زمين ستن حصن ۾ ورهائي ويندي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جو قبيلو پنهنجي سرحد اندر ڏکڻ ۾ رهندو ۽ يوسف جا گھراڻا پنهنجي سرحد اندر اتر ۾ رهندا.

6 اوهين انهن ستن حصن جو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ پوءِ آءٌ خداوند اسان جي خدا جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.

7 پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“

8 تڏهن اُهي ماڻهو اُٿي روانا ٿيڻ لڳا ۽ يشوع کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ ملڪ جي جائزو وٺي اُهو بيان لکو. پوءِ مون وٽ موٽي اچو تہ آءٌ هتي سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.“

9 سو اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ بچيل سڄو ملڪ گھمي ڏٺائون. انهن انهيءَ جو بيان ستن حصن ۾ شهر شهر ڪري لکيو ۽ پوءِ يشوع وٽ سيلا واري خيمي‌گاهہ ۾ موٽي آيا.

10 تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


بنيامين قبيلي جو ورثو

11 بني بنيامين جي قبيلي جو ڪُڻو سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو، جيڪو علائقو کين بني يهوداہ ۽ بني يوسف جي قبيلن جي وچ ۾ مليو.

12 انهيءَ حصي جي سرحد اتر پاسي اردن درياءَ کان شروع ٿي، يريحو شهر جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي اولهہ طرف جابلو علائقي منجھان لنگھندي بيت‌آون جي بيابان تائين آئي.

13 اتان اها لُوز يعني بيت‌ايل جي ڏاکڻي لاهيءَ ڏانهن ٽپي ويئي ۽ اتان لهي عطارات ادار ڏانهن انهيءَ ٽڪريءَ تائين ويئي جا هيٺاهين بيت‌حورون جي ڏکڻ ۾ آهي.

14 پوءِ اُها سرحد اتان انهيءَ ٽڪري جي اولهہ طرف کان ڦري ڏکڻ ڏانهن قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ڏانهن ويئي. اهو شهر بني يهوداہ جي ملڪيت آهي. اها ئي اولهہ واري سرحد هئي.

15 ڏکڻ واري سرحد اولهہ کان قريت‌يعريم جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿي نفتوح واري چشمي تائين نڪري ويئي.

16 اها سرحد اتان لهي انهيءَ جبل جي تري تائين آئي جيڪو هنوم ماٿريءَ جي سامهون ۽ رفائين جي ماٿريءَ جي اترئين پاسي ۾ آهي. پوءِ اُتان لهي هنوم جي ماٿريءَ وچان ويئي جا ڏکڻ طرف واري يبوسين جي شهر جي لاهيءَ وٽ آهي ۽ اتان وري لهي عين‌راجل چشمي ڏانهن ويئي.

17 پوءِ اُها اتر ڏانهن مُڙي عين‌شمس کان ٿيندي گليلوت ڏانهن ويئي جيڪو ادميم لڪ جي سامهون آهي ۽ اتان لهي روبن جي پٽ بوهن واري پٿر تائين پهتي.

18 پوءِ اها لنگھندي اترينءَ لاهيءَ کان اردن درياءَ جي ماٿريءَ کي تڪيندي منجھس لهي ويئي،

19 جتي اُها بيت‌حجلہ جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي کاري سمنڊ جي اترئين ڇيڙي تائين آئي جتي اردن درياءُ ڇوڙ ڪري ٿو. اها ڏاکڻي سرحد هئي.

20 انهيءَ حصي جي اوڀر واري سرحد اردن درياءُ هئي. بنيامين جي گھراڻن جي ميراث جون چئني پاسن کان حدون اهي ئي هيون.

21 بنيامين قبيلي جا شهر سندن گھراڻن موجب هي هئا: يريحو، بيت‌حجلہ، عيمق‌قصيص،

22 بيت‌عرابہ، صمريم، بيت‌ايل،

23 عويم، فارہ، عُفرہ،

24 ڪفرالعموني، عُفني ۽ جِبع، ڪل ٻارهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.

25 انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: جِبعون، رامہ، بِيروت،

26 مصفاہ، ڪفيرہ، موضہ،

27 رقم، ارفيل، ترالہ،

28 ضلع، الف ۽ يبوسين يعني يروشلم، جِبعت ۽ قريت‌يعريم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت. بنيامين قبيلي جي سندن گھراڻن موجب اها ئي ميراث هئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ