Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يشوع 11 - Muslim Sindhi Bible


اتر طرف وارن بادشاهن جي شڪست

1 جڏهن حصور شهر جي بادشاهہ يابين اهو ٻڌو تڏهن هن هنن بادشاهن کي سڏائي ورتو: مدون جو بادشاهہ يوباب، سمرون جو بادشاهہ ۽ اڪشاف جو بادشاهہ،

2 اتر پاسي جابلو علائقن وارا بادشاهہ، گليل ڍنڍ جي ڏکڻ واري اردن ماٿريءَ ۽ هيٺاهين زمينن وارا بادشاهہ ۽ اولهہ ڏانهن ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري تي دور شهر جي آس‌پاس وارا بادشاهہ.

3 انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.

4 اهي سڀيئي پنهنجيون پنهنجيون فوجون وٺي نڪتا. انهن فوجين جو تعداد ايترو تہ گھڻو هو جيئن سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جا ذرا. انهن ساڻ گھڻا ئي گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون بہ هيون.

5 انهن سڀني بادشاهن پنهنجيون پنهنجيون فوجون آڻي گڏ ڪيون ۽ ميروم نديءَ وٽ هڪ هنڌ تنبو کوڙيائون تہ جيئن بني اسرائيل سان گڏجي جنگ ڪن.

6 تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“

7 سو يشوع ۽ سندس سڀ جنگي جوان ميروم نديءَ وٽ اوچتو مٿن اچي ڪڙڪيا.

8 پوءِ خداوند انهن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ بني اسرائيل انهن کي ماريندا ويا ۽ اتر ۾ وڏي صيدا، مسرفات‌المائم ۽ اوڀر ۾ مصفاہ جي ماٿريءَ تائين انهن جو پيڇو ڪيائون، تان جو انهن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچيو.

9 يشوع انهن سان ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هن انهن جي گھوڙن کي جڏو ڪرايو ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏيائون.

10 تڏهن يشوع پوئتي موٽيو ۽ اچي حصور تي قبضو ڪيائين ۽ انهيءَ جي بادشاهہ کي تلوار سان مارائي ڇڏيائين. حصور جي بادشاهت انهن ڏينهن ۾ انهن سڀني بادشاهتن جو سِرُ هئي.

11 انهيءَ ۾ جيڪي بہ ماڻهو هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو ويو ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون.

12 اهڙيءَ طرح يشوع انهن سڀني شهرن تي قبضو ڪيو ۽ اتان جي بادشاهن ۽ رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيائين، جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.

13 باقي جيڪي شهر دڙن تي ٻڌل هئا تن مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل ڪونہ ساڙيو، سواءِ حصور جي، جنهن کي يشوع ساڙائي ڇڏيو هو.

14 انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.

15 جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو ۽ يشوع ائين ئي ڪيو. جيڪي خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ يشوع پورو ڪيو.


قبضي ڪيل علائقو

16 سو يشوع هي سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو: جابلو علائقو، سڄو ڏاکڻو علائقو، جشن جو سڄو علائقو، هيٺاهين زمين وارو علائقو، اردن ماٿريءَ وارو علائقو، اسرائيل جو جابلو علائقو هيٺاهين زمين سميت،

17-18 خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن وڌي ٿو، تنهن کان وٺي بعل‌جد تائين جيڪو اتر ۾ لبنان جي ماٿريءَ ۾ حرمون جبل هيٺان آهي. يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گھڻي وقت تائين جنگ ڪئي ۽ کين پڪڙي ماري ڇڏيو.

19 حوي جيڪي جِبعون ۾ رهندا هئا تن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ اهڙو شهر ڪونہ هو جنهن بني اسرائيل سان امن جو معاهدو ڪيو هجي. اهي سڀيئي علائقا جنگ ۾ فتح ڪيا ويا هئا.

20 ان جو سبب هي هو جو خداوند ئي هنن جون دليون سخت ڪيون هيون تہ جيئن اهي بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪن ۽ بني اسرائيل هنن کي صفا ناس ڪري ڇڏين ۽ سمورا بي‌رحميءَ سان ماريا وڃن، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

21 انهيءَ ئي وقت يشوع هنن جابلو علائقن ۾ وڃي عناق جي راڪاس جهڙي اولاد کي سندن شهرن سميت ناس ڪري ڇڏيو: حبرون شهر، دبير شهر، عناب شهر، يهوداہ جو سمورو جابلو علائقو ۽ پڻ اسرائيل جو سمورو جابلو علائقو.

22 عناق جي اولاد مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيئرو نہ ڇڏيو ويو، رڳو غزہ، جات ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.

23 اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ