Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ايوب 5 - Muslim Sindhi Bible


مصيبت جو ڪارڻ انسان پاڻ

1 اليفز ايوب کي وڌيڪ چيو تہ ”اي ايوب! هاڻ ڀلي تون پڪاري ڏس، ڪنهن کي پڪاريندين؟ آهي ڪا ٻي اهڙي هستي جيڪا اچي تنهنجي مدد ڪري؟

2 خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.

3 بيعقل ماڻهوءَ کي مون پاڙ هڻندي تہ ڏٺو آهي، پر اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هو لعنتي آهي، سو اوچتو ئي اوچتو سندس گھر تي اچي لعنت پوي ٿي.

4 هن جا ٻار ٻچا سلامتيءَ کان پري آهن، کين عدالت جي دروازي تي ئي چيڀاٽيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبہ کين ڇڏائڻ وارو ڪونهي.

5 بيعقل ماڻهوءَ جو فصل بکايل کايو ڇڏين، بلڪ ڪنڊن جي لوڙهي مان بہ فصل جا داڻا ڪڍي کايو ٿا وڃنس. لوڀي ماڻهو سندس مال ملڪيت کي ڳڙڪائي وڃن ٿا.

6 مطلب تہ مصيبت مٽيءَ مان ڦٽي ڪين ٿي نڪري، نڪي تڪليف زمين مان ٿي اڀري.

7 پر جهڙيءَ طرح باهہ جون چڻنگون آسمان ڏانهن ئي اڏامنديون آهن، تهڙيءَ طرح انسان بہ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي تڪليف پيدا ڪري ٿو.“


اليفز جي ايوب کي صلاح

8 ”پر اي ايوب! جي آءٌ تنهنجي جاءِ تي هجان ها، تہ آءٌ خدا جي مدد جو طالبو هجان ها، هائو، آءٌ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪري ڇڏيان ها.

9 بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.

10 هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو.

11 هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو.

12 هو دوکيبازن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، تان جو سندن رٿيل منصوبا بلڪل ناڪام ٿي وڃن ٿا.

13 هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.

14 خدا سندن يقيني ڪاميابيءَ کي بہ ناڪاميءَ ۾ بدلائي ڇڏي ٿو، ائين هو اهڙا بي‌وس ٿي وڃن ٿا، جو ڄڻ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا رهجي وڃن ٿا.

15 مگر محتاجن کي خدا انهن ماڻهن جي زبان جي تلوار کان، ۽ زورآورن جي چنبي کان بچائي وٺي ٿو.

16 سو غريب کي اميد رهي ٿي، ۽ بي‌انصافي پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي ٿي.“


اليفز جو ايوب کي بحاليءَ جي دلداري ڏيڻ

17 ”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار.

18 هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو.

19 هو تو کي بار بار مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ڪا ئي خرابي تو کي نقصان نہ رسائيندي.

20 ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو.

21 تون مخالفن جي زبان کان محفوظ رهندين، ۽ جڏهن ڪا مصيبت ايندي تڏهن تو کي ڪو ڊپ نہ ٿيندو.

22 تباهي ۽ ڏڪار بہ تو آڏو خسيس شيون هونديون. جھنگلي جانورن کان تون بلڪل نہ ڊڄندين،

23 ڇاڪاڻ تہ اهي تو تي ڪو حملو ڪين ڪندا. جيڪا ٻني تون کيڙيندين سا پٿرن کان صاف هوندي.

24 پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو گھر سلامتيءَ ۾ آهي، پنهنجي واڙي ۾ اچي ڏسندين تہ ڪوبہ جانور گم نہ هوندو.

25 تون اهو بہ ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو اولاد وڌندو، هائو، تنهنجو نسل زمين جي گاهہ کان بہ گھڻو وڌندو ويندو.

26 تون وڏي عمر ماڻي پوءِ وڃي قبر ۾ پوندين، هائو، ائين ئي جيئن ان جا گڏا پنهنجي پوري وقت تي گڏ ڪبا آهن.

27 ڏس، اسان اهو سڀ جاچي ڏٺو آهي، ۽ بيشڪ اهو سڀ سچ آهي، تنهنڪري تون انهن تي ڌيان ڏي، ۽ انهن مان پنهنجو فائدو حاصل ڪر.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ