Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ايوب 40 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جي ايوب کان جواب طلبي

1 خداوند ايوب کي چيو تہ

2 ”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“

3 تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ

4 ”اي خداوند! آءٌ تہ هڪڙو ناچيز آهيان، آءٌ تو کي ڪهڙو جواب ٿو ڏيئي سگھان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکي خاموش ٿو رهان.

5 هاڻي آءٌ ڪابہ ورندي ڪين ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي جيترو ڳالهائڻ کپندو هو، تنهن کان بہ وڌيڪ آءٌ اڳ ۾ ڳالهائي چڪو آهيان.“


خدا جو پنهنجي مقابلي ۾ ايوب کي سڏڻ

6 تڏهن خداوند وڏي واچوڙي منجھان ايوب سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ

7 ”هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌ، ۽ تو کان جيڪي پڇان تنهن جو جواب ڏي.

8 ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟

9 ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟

10 هاڻي جيڪڏهن ائين آهي تہ اُٿ ۽ پاڻ کي شان وَ شوڪت سان سينگار، پاڻ کي حشمت ۽ جلال سان تيار ڪر.

11 پوءِ جيڪي مغرور آهن تن ڏانهن نهاري، انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جو جوش ڏيکار ۽ کين ذليل ڪر.

12 هائو، هر مغرور کي نيچ ڪري ڇڏ، ۽ شرير ماڻهو جتي بہ هجن اتي کين ڪچلي ڇڏ.

13 انهن سڀني کي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪري ڏيکار، هائو، کين پاتال ۾ قيد ڪري ڏيکار.

14 تڏهن آءٌ بہ تو کي مڃيندس تہ تنهنجي طاقت تو کي بچائي ٿي سگھي.“


دريائي گھوڙي بابت سوچڻ

15 ”هاڻي دريائي گھوڙي تي نظر ڪر، جنهن کي بہ تو وانگر مون ئي خلقيو آهي، هو ڏاند وانگر گاهہ کائي ٿو.

16 پر ڏس تہ هن جي بدن ۾ ڪيتري نہ قوت آهي! ۽ هن جي مشڪن ۾ ڪيتري نہ طاقت آهي!

17 هو پنهنجي پڇ کي ديال جي ڪاٺ جيان کڙو ٿو ڪري، هن جي رانن جون ماس پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان ڳتيل آهي.

18 هن جا هڏا پتل وانگر ۽ هن جون ٽنگون لوهہ وانگر مضبوط آهن.

19 اهو مون خدا جي خاص ڪاريگري آهي. رڳو آءٌ، ان جو خالق ئي کيس شڪست ڏيئي سگھان ٿو.

20 جبل هن جي کاڌي لاءِ چارو اُپائين ٿا، جتي جھنگ جا سڀ جانور کيڏن ڪڏن ٿا.

21 هو ڪنڊن جي ٻوٽن پٺيان ۽ ڌٻڻ ۾ ڪانن جي هيٺان ليٽي لڪيو وڃي.

22 ڪنڊن وارا ٻوٽا هن کي پنهنجي ڇانوَ ۾ لڪايو ڇڏين، ۽ لئيءَ جا وڻ چوڌاري هن کي ڍڪي ڇڏيندا آهن.

23 ڏس، جڏهن درياءُ جوش ۾ ٿو اچي تڏهن بہ هو ڪين ٿو ڊڄي، هن کي ڪا پرواهہ ئي نہ ٿي رهي، توڙي جو اردن درياءَ جو پاڻي سندس وات تائين چڙهيو اچي.

24 جڏهن هو خبردار ٿو رهي، تڏهن ڪير آهي جو ان کي پڪڙي سگھي، يا ڦندو هڻي ان جي نڪ ۾ سوراخ ڪري سگھي؟“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ