Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ايوب 35 - Muslim Sindhi Bible


خدا مغرورن جي نہ ٿو ٻڌي، اليهوءَ جي دعويٰ

1 اليهوءَ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ

2 ”اي ايوب! ڇا تون اهو درست ٿو سمجھين، جو دعويٰ ڪري چوين ٿو تہ ’آءٌ خدا آڏو سچار ثابت ٿيندس؟‘

3 يا وري جيئن خدا کي چوين ٿو تہ ’منهنجي گناهہ ڪرڻ يا نہ ڪرڻ سان تو تي ڪهڙو اثر ٿو پوي؟ ۽ جي آءٌ گناهہ نہ ڪريان تہ ان جو مون کي ڪهڙو اجر ملندو؟‘

4 آءٌ تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجي دوستن کي بہ انهيءَ ڳالهہ جو جواب ڏيندس.

5 آسمان جي اوچائيءَ ڏانهن نظر ڪري ڏس، بلڪ بادلن تي ئي غور ڪر تہ اهي تو کان ڪيترو نہ مٿي آهن.

6 پوءِ جيڪڏهن تون گناهہ ٿو ڪرين، تہ انهيءَ سان آسمان کان بہ مٿي رهندڙ خدا جو ڇا ٿو بگاڙي سگھين؟ هائو، جيڪڏهن تنهنجا گناهہ گھڻا ٿيندا ٿا وڃن، تہ انهن جو خدا تي ڪهڙو اثر ٿو پوي؟

7 يا وري جيڪڏهن تون نيڪيءَ جا ڪم ٿو ڪرين، تہ خدا تي ڪهڙو احسان ٿو ڪرين؟ يا هن کي تنهنجي هٿان ڪجھہ حاصل ٿئي ٿو ڇا؟

8 نہ، تنهنجي شرارت رڳو تو جهڙي انسان کي ئي نقصان پهچائي سگھي ٿي، هائو، تنهنجي سچائي رڳو ڪنهن آدمزاد کي ئي فائدو پهچائي سگھي ٿي.

9 مظلوم ماڻهو گھڻن ظلمن جي ڪري دانهون تہ ڪن ٿا، هائو، ڏاڍن جي زبردستيءَ ڪري هو مدد لاءِ پڪارين تہ ٿا،

10 پر انهن مان اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو خدا آڏو ٻاڏائي، جيڪو سندن خالق آهي، جيڪو وڏين مشڪلاتن ۾ بہ کين خوشيءَ جا گيت ڳارائي ٿو.

11 جڏهن تہ هن انسان کي جانورن کان وڌيڪ سمجھہ ڏني آهي، ۽ پکين کان وڌيڪ عقل عطا ڪيو اٿس.

12 پر جڏهن اهي ماڻهو دانهون ڪن ٿا، تڏهن خدا ٻُڌي بہ سندن بدڪاريءَ ۽ مغروريءَ سبب کين ورندي نہ ٿو ڏئي.

13 جڏهن تہ سندن دانهون بلڪل فضول آهن، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق هنن ڏانهن ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي،

14 تہ پوءِ اي ايوب! هو تنهنجي دانهن ڪيئن ٻڌندو؟ جو تون چوين ٿو تہ ’منهنجو مقدمو سندس آڏو آهي، پر هو انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي، آءٌ انهيءَ جو انتظار ڪندو ٿو رهان.‘

15 بلڪ تون ائين بہ چوين ٿو تہ هو شريرن تي غضب نازل نہ ٿو ڪري، ۽ سندن گناهن تي ڪو ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.

16 خبردار، اي ايوب! تون اجايون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟ هائو، نادانيءَ وچان ايڏيون وڏيون ڳالهيون نہ ڪر.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ