Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ايوب 22 - Muslim Sindhi Bible


اليفز جو ٽيون گفتگو ( 22‏:1‏-30 ) اليفز جو ايوب کي ڏوهي قرار ڏيڻ

1 تڏهن اليفز تيمانيءَ ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ

2 ”ڇا ڪو انسان خدا کي فائدو پهچائي سگھي ٿو؟ بلڪ جيڪڏهن ڪو عقلمند بہ آهي تہ ان ۾ رڳو سندس ئي فائدو آهي.

3 تنهنجي نيڪي قادرِمطلق کي ڪو فائدو پهچائي سگھي ٿي ڇا؟ تنهنجي پاڪيزہ زندگيءَ جو خدا تي ڪو اثر پوي ٿو ڇا؟

4-5 هو تو کي تنهنجي خداپرستيءَ جي ڪري نہ، بلڪ تنهنجي وڏي شرارت جي ڪري ڇينڀي ٿو. هن جو تو کي سزا ڏيڻ تنهنجي سچائيءَ جي ڪري ناهي، بلڪ انهيءَ ڪري آهي جو تنهنجي گناهن جي ڪا پڄاڻي ئي ناهي.

6 تو پنهنجي قوم وارن جون شيون بنا سبب گروي رکيون آهن، ايتري قدر جو ماڻهن جا ڪپڙا لاهي تو کين اگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي.

7 تو پياسن کي پاڻي نہ ڏنو، ۽ بکايلن کان ماني روڪي رکي.

8 تو پنهنجي طاقت سان زمين تي قبضو ڄمائي رکيو هو، ۽ عزت دار ماڻهوءَ طور انهيءَ ۾ رهندو هئين.

9 تو رنن‌زالن کي خالي هٿين ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن کي لٽي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿيئي.

10 اهو ئي سبب آهي، جو هاڻي تنهنجي چوڌاري مصيبت ئي مصيبت آهي، ۽ اوچتي دهشت تو کي ستائي ٿي.

11 هائو، انهيءَ سبب ئي تنهنجي اکين تي اهڙي اونداهي ڇانئجي ويئي آهي، جو سلامتي تو کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿي اچي، مصيبتن جي ٻوڏ تو کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.

12 خدا جيڪو اوچن ستارن کان مٿي آسمانن کان بہ بلنديءَ تي عرش عظيم ۾ آهي، سو ڪائنات جي هر شيءِ تي پنهنجي نظر رکي ٿو.

13 پوءِ بہ تون چوين ٿو تہ ’خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گھاٽن ڪڪرن جي اونداهيءَ مان ڪو انصاف ڪري سگھندو ڇا؟

14 جو خدا ڌرتيءَ جي چوگرد گھمي ٿو، جتي زمين ۽ آسمان ملن ٿا، ۽ وچ ۾ گھاٽا ڪڪر هن لاءِ پردو آهن، جتان هو ڪو اسان کي ڏسي سگھي ٿو ڇا؟‘

15 ڇا تون انهي پراڻيءَ راهہ تي هلندو رهندين، جنهن تي شرير ماڻهو هلندا رهيا آهن؟

16 اهي پنهنجي مرڻ واري وقت کان اڳ ئي ماريا ويا، ڇاڪاڻ تہ ٻوڏ سندن بنياد ئي لوڙهي ويئي.

17 انهن ئي ماڻهن خدا کي چيو ٿي تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي.‘ هيئن بہ ٿي چيائون تہ ’قادرِمطلق اسان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھي؟‘

18 تنهن هوندي بہ خدا ئي سندن گھر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا. پر آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي بلڪل پري ٿو رکان.

19 جڏهن بدڪارن کي سزا ٿي ملي، تڏهن بي‌گناهہ مٿن کلن ٿا ۽ سچار خوش ٿا ٿين.

20 هو چون ٿا تہ ’بيشڪ، اسان جي مخالفن کي ناس ڪيو ويو آهي، ۽ سندن پٺيان ڇڏيل هر شيءِ کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.‘


خدا سان پرچاءَ جو ڦل

21 هاڻ اي ايوب! خدا وٽ پيش پئُہ تہ سلامت رهين، ائين ڪرڻ سان تو کي خوشحالي نصيب ٿيندي.

22 آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ سندس تعليم قبول ڪر، ۽ سندس ڳالهين کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رک.

23 جيڪڏهن تون قادرِمطلق آڏو توبهہ‌تائب ٿيندين، ۽ بدڪاريءَ کي پنهنجي گھر کان پري رکندين، تہ تون وري موٽي اڳئين حالت ۾ ايندين.

24 جيڪڏهن تون پنهنجو خزانو مٽيءَ ۾، ۽ پنهنجي نج سون کي نديءَ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين،

25 تہ پوءِ قادرِمطلق ئي تنهنجي لاءِ سون ۽ چانديءَ جو خزانو ٿيندو.

26 بيشڪ، تڏهن ئي قادرِمطلق جي حضور مان، تو کي خوشي حاصل ٿيندي، ۽ تون پنهنجو منهن خدا جي آڏو کڻي سگھندين.

27 تڏهن تون خدا کان جيڪا بہ دعا گھرندين سا هو قبول ڪندو، ۽ تون پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندو رهندين.

28 جنهن ڳالهہ جو تون ارادو ڪندين سا تنهنجي لاءِ ٿي پوندي، ۽ تنهنجيون راهون روشن ٿينديون.

29 پوءِ جيڪي هيٺ ڪيرايا ويا آهن، تن کي تنهنجي دعا جي وسيلي بلند ڪيو ويندو، هائو، انهن دلگيرن کي خدا بچائي وٺندو.

30 هو انهن کي بہ معاف ڪري ڇڏيندو جيڪي بي‌گناهہ نہ آهن، هائو، کين تنهنجي هٿن جي پاڪيزگيءَ جي ڪري ڇڏيو ويندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ