يوحنا 8 - Muslim Sindhi Bibleعورت جو زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙجڻ 1 هوڏانهن عيسيٰ نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليو ويو. 2 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو وري هيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو. 3 تڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هڪڙي عورت کي آندو جنهن کي زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙيو ويو هو، تنهن کي اڳيان بيهاري 4 عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! هيءَ عورت زنا جي ڏوهہ ۾ پڪڙي ويئي آهي. 5 شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آهي تہ اهڙين عورتن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. هاڻي تون هن بابت ڇا ٿو چوين؟“ 6 انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 7 جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو گناهہ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن عورت کي پٿر هڻي.“ 8 پوءِ هو وري نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 9 جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي. 10 عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انهيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هتي ڪوبہ ڪونہ آهي جو تو کي گنهگار قرار ڏئي؟“ 11 انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي گنهگار نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري گناهہ نہ ڪجانءِ.“ عيسيٰ مسيح جي شاهدي سچي آهي 12 ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“ 13 تنهن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنهنجي شاهدي پاڻ ئي ٿو ڏئين، سو تنهنجي شاهدي سچي نہ سمجھي ويندي.“ 14 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو. 15 اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان. 16 جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي. 17 اوهان جي پنهنجي ئي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’فيصلي جي ثابتيءَ لاءِ ڪن بہ ٻن شخصن جي شاهدي ضروري آهي.‘ 18 سو هڪڙو تہ آءٌ آهيان جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون بابت شاهدي ٿو ڏئي.“ 19 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پيءُ کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.“ 20 عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو. آءٌ اهو ئي آهيان 21 عيسيٰ وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“ 22 تنهن تي اهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا؟‘ انهيءَ جي معنيٰ تہ هو پنهنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“ 23 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن دنيا جا آهيو، پر آءٌ هن دنيا جو نہ آهيان. 24 اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“ 25 تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تون ڪير ’اهو ئي‘ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان، جيئن شروعات کان وٺي اوهان کي چوندو آيو آهيان. 26 مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون دنيا کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“ 27 انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پيءُ بابت ڳالهائي رهيو آهي. 28 سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي. 29 جنهن مون کي موڪليو آهي سو مون ساڻ آهي. هن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هميشہ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آهن.“ 30 تنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن عيسيٰ جون هي ڳالهيون ٻڌي مٿس ايمان آندو. ابراهيم جو نہ، پر ابليس جو اولاد 31 پوءِ جن يهودين مٿس ايمان آندو هو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي قائم رهندا تہ اوهين سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو. 32 پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“ 33 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابراهيم جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“ 34 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ گناهہ ٿو ڪري سو گناهہ جو غلام آهي. 35 ڪنهن بہ خاندان ۾ غلام تہ عارضي طور رهي ٿو، پر پٽ هميشہ تائين. 36 تنهنڪري جيڪڏهن فرزند اوهان کي آزاد ڪندو تہ اوهين سچ پچ آزاد ٿيندا. 37 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو. 38 آءٌ اوهان کي اهو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آهي، پر اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان پنهنجي پيءُ کان ٻڌا آهن.“ 39 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها تہ اوهين بہ انهيءَ جهڙا ڪم ڪريو ها. 40 پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا خدا کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابراهيم تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو. 41 اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پيءُ ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پيءُ تہ هڪڙو ئي آهي، يعني خدا.“ 42 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي. 43 اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو. 44 اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي. 45 تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو. 46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو گناهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟ 47 جيڪو بہ خدا جو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين خدا جا نہ آهيو.“ عيسيٰ مسيح ۽ ابراهيم 48 تڏهن انهن يهودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“ 49 عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونهي. جڏهن تہ آءٌ جيڪو پنهنجي پيءُ جو مان مٿاهون ٿو ڪريان، تنهن جي اوهين بيحرمتي ٿا ڪريو. 50 آءٌ خود پنهنجي عزت نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجي عزت ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. 51 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“ 52 تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘ 53 اسان جو پيءُ ابراهيم جيڪو مري ويو تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ نبي بہ مري ويا. تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“ 54 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ساراهہ ڪريان تہ منهنجي ساراهہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي ساراهہ ڪري ٿو سو منهنجو پيءُ آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو خدا آهي.‘ 55 تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو. 56 اوهان جي پيءُ ابراهيم کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“ 57 تنهن تي انهن چيس تہ ”تون پنجاهہ سالن جو بہ ڪين آهين، پوءِ تو ڪيئن ابراهيم کي ڏٺو؟“ 58 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“ 59 تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society