يوحنا 7 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح ۽ سندس ڀائر 1 ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا. 2 پوءِ جڏهن يهودين جي تنبن واري عيد ويجھي آئي، 3 تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين. 4 ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دنيا تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“ 5 سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس ايمان نہ هو. 6 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي. 7 دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن. 8 اوهين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ هن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“ 9 اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو. عيسيٰ مسيح جو تنبن واري عيد تي وڃڻ 10 ان کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي. 11 جڏهن تہ يهودي اڳواڻ عيد تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آهي؟“ 12 ماڻهن ۾ عيسيٰ بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ڪري رهيو آهي.“ 13 پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا. 14 جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ عيسيٰ هيڪل ۾ اچي تعليم ڏيڻ لڳو. 15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“ 16 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪا تعليم آءٌ ڏيئي رهيو آهيان سا منهنجي نہ، بلڪ انهيءَ جي آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي. 17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان. 18 جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي عزت ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي عزت ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي. 19 ڇا موسيٰ اوهان کي شريعت نہ ڏني هئي؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ 20 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“ 21 عيسيٰ چين تہ ”مون سبت جي ڏينهن تي هڪڙو ڪم ڪيو هو تہ اوهين سڀ انهيءَ تي حيران ٿي ويا هئا. 22 ڏسو، موسيٰ اوهان کي طهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو طهر ڪرائيندا آهيو. 23 هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي طهر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟ 24 ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“ ڇا عيسيٰ سچ پچ مسيح آهي؟ 25 انهيءَ مهل يروشلم جا ڪي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي اهو ماڻهو تہ نہ آهي جنهن کي اڳواڻ مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟ 26 ڏسو، هو تہ کُليعام ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا هاڻي اهي سچ پچ اهو سمجھن ٿا تہ اهو ئي مسيح آهي؟ 27 پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي خبر آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“ 28 تڏهن عيسيٰ هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان جو آهيان. پر هتي آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان نہ آيو آهيان، بلڪ انهيءَ وٽان موڪليو ويو آهيان جيڪو سچو آهي. اوهين انهيءَ کي نہ ٿا سڃاڻو، 29 جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“ 30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو. 31 اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس ايمان آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ معجزا ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“ عيسيٰ مسيح کي پڪڙڻ لاءِ پهريدار موڪلڻ 32 عيسيٰ بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين. 33 تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي. 34 اوهين مون کي ڳوليندا پر لهي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ جتي آءٌ هوندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا.“ 35 تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي تعليم ڏيندو؟ 36 ڀلا انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي جو هو چوي ٿو تہ ’اوهين مون کي ڳوليندا، پر لهي نہ سگھندا‘ يا وري ’اوهين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ هوندس‘؟“ زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون 37 پوءِ تنبن واري عيد جو آخري ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي عيسيٰ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي. 38 هائو، جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“ 39 هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو. ماڻهن ۾ ڦوٽ 40 ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي اهو نبي آهي، جيڪو اچڻو آهي.“ 41 ڪن وري چيو تہ ”هو مسيح آهي.“ پر ڪي چوڻ لڳا تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ 42 ڇا پاڪ ڪلام نہ ٿو چوي تہ مسيح دائود جي نسل مان هوندو ۽ بيتلحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“ 43 سو ماڻهن ۾ عيسيٰ جي ڪري ڦوٽ پئجي ويئي. 44 انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو. يهودي اڳواڻن جو عيسيٰ کي نہ قبولڻ 45 جڏهن پهريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوهين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“ 46 پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“ 47 تنهن تي فريسين کين چيو تہ ”اوهين بہ گمراهہ ٿي ويا آهيو ڇا؟ 48 ڇا يهودي اڳواڻن ۽ اسان فريسين مان ڪنهن بہ مٿس ايمان آندو آهي؟ 49 پر هي عوام جنهن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آهي، سو تہ خدا جو پٽيل آهي.“ 50 تڏهن نيڪديمس، جيڪو يهودي اڳواڻن مان هڪڙو هو ۽ اڳي عيسيٰ سان ملڻ آيو هو، تنهن چين تہ 51 ”شريعت موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“ 52 انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پاڪ ڪلام پڙهي ڏس تہ تو کي خبر پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيندو.“ 53 پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society