قاضين 6 - Muslim Sindhi Bibleجِدعون 1 بني اسرائيل وري بہ اهي ئي ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، تنهنڪري خداوند انهن کي ستن سالن تائين مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو. 2 مديانين جي ظالمانہ سلوڪ جي ڪري بني اسرائيل وڃي جبلن جي چرن، غارن ۽ ٻين مضبوط هنڌن تي پنهنجي لاءِ اجھا جوڙيا. 3 جڏهن بہ بني اسرائيل ڪجھہ پوکيندا هئا تہ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر وارا ماڻهو اچي مٿن حملو ڪندا هئا. 4 هو انهن جي سامهون خيما کوڙيندا هئا ۽ غزا تائين سندن فصل تباهہ ڪري ڇڏيندا هئا. هو سندن سمورا جاندار يعني رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ گڏهہ ڪاهي هليا ويندا هئا ۽ بني اسرائيل جي گذران لاءِ ڪابہ شيءِ نہ ڇڏيندا هئا. 5 هو پنهنجي چوپائي مال ۽ تنبن سميت مڪڙن جي ڪٽڪ وانگر ايندا هئا ۽ ملڪ کي اجاڙي ڇڏيندا هئا. هو پاڻ توڙي سندن اٺ ڳڻڻ کان ٻاهر هوندا هئا. 6 سو مديانين بني اسرائيل کي اهڙو تہ بدحال بڻائي ڇڏيو جو هو خداوند کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳا. 7 جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ظلم ڪري خداوند کي پڪاريو، 8 تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو. 9 مون اوهان کي مصرين جي هٿن مان ۽ انهن سڀني ماڻهن کان ڇڏايو جيڪي اوهان کي ستائيندا هئا. مون انهن کي اوهان جي اڳيان سندن ملڪ مان هڪالي ڪڍيو ۽ اهو ملڪ اوهان کي ڏنم. 10 مون اوهان کي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، سو اوهين امورين جي ملڪ ۾ جتي اوهين رهو ٿا، تن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو. پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.‘“ 11 هڪڙي ڏينهن خداوند جو ملائڪ عفرہ ڳوٺ ۾ آيو ۽ يوآس ابيعزريءَ واري شاهہبلوط وڻ هيٺ ويهي رهيو. اتي يوآس جو پٽ جِدعون انهيءَ وقت انگورن جي چيچڙي ۾ مديانين کان لڪي ڪڻڪ پئي ڳاهي. 12 تڏهن خداوند جي ملائڪ اتي کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”خداوند تو ساڻ آهي، اي طاقت وارا بهادر مرد.“ 13 جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“ 14 تڏهن خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي جِدعون کي حڪم ڏنو تہ ”پنهنجي طاقت سان وڃي بني اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ. آءٌ پاڻ تو کي موڪليان ٿو.“ 15 جِدعون وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ بني اسرائيل کي ڪيئن ڇڏايان؟ منسي قبيلي ۾ منهنجو خاندان بلڪل خسيس آهي ۽ آءٌ پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪمتر ڀاتي آهيان.“ 16 تڏهن خداوند جواب ڏنس تہ ”آءٌ تو ساڻ هوندس ۽ تون مديانين کي ائين ماريندين جو ڄڻ تہ هو هڪڙو ئي ماڻهو هجن.“ 17 پوءِ جِدعون وراڻيس تہ ”هاڻ جيڪڏهن مون تي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر ٿي آهي تہ مون کي نشاني ڏي تہ تون خداوند ئي آهين جيڪو مون سان ڳالهائين ٿو. 18 مهرباني ڪري تيستائين هتي ئي ترس جيستائين آءٌ موٽي اچان ۽ پنهنجو نذرانو آڻي تنهنجي اڳيان نہ رکان.“ خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”جيستائين تون موٽي نہ ايندين تيستائين آءٌ هتي ئي ترسندس.“ 19 تڏهن جِدعون گھر ويو ۽ هڪڙو ڇيلو ڪُهي تيار ڪيائين ۽ ڏهہ ڪلوگرام اٽي مان بيخميري مانيون پچايائين. اهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ وڌو ۽ شوروو هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌائين. پوءِ هن اهي آڻي شاهہبلوط وڻ هيٺ خداوند جي ملائڪ جي اڳيان پيش ڪيا. 20 خدا جي ملائڪ کيس چيو تہ ”اهي بيخميري مانيون ۽ گوشت کڻي هن ٽڪريءَ تي رک ۽ شوروو انهن جي مٿان پئٽي ڇڏ.“ سو جِدعون ائين ئي ڪيو. 21 تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بيخميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بيخميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو. 22 تڏهن جِدعون سمجھي ويو تہ اهو برابر خداوند جو ملائڪ هو. سو هن دهشت وچان چيو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! مون تنهنجي ملائڪ کي روبرو ڏٺو آهي.“ 23 پر خداوند کيس چيو تہ ”تون سلامت هوندين. ڊڄ نہ، تون مرڻ تي نہ آهين.“ 24 تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہسلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي. 25 انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”پنهنجي پيءُ جو اُهو ٻيو ڏاند جيڪو ستن سالن جو آهي سو ڪاهي وڃ. تنهنجي پيءُ جي جيڪا بعل ديوتا واري قربانگاهہ آهي سا ڊاهي ڇڏ ۽ انهيءَ جي پاسي واري يسيرہ مورتيءَ واري ٿنڀي کي وڍي ڪيرائي ڇڏ. 26 پوءِ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ انهيءَ ڊاهيل قربانگاهہ جي دڙي جي چوٽيءَ تي قاعدي موجب هڪڙي قربانگاهہ ٺاهہ. تنهن بعد يسيرہ مورتين واري ٿنڀي جي وڍيل ڪاٺين سان انهيءَ ڏاند جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪر.“ 27 سو جِدعون پنهنجي نوڪرن مان ڏهہ ڄڻا وٺي ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. پر جيئن تہ هو پنهنجي ڪٽنب ۽ شهر جي ماڻهن کان ڏينهن ڏٺي جو ائين ڪرڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري رات جو ائين ڪيائين. 28 صبح جو سوير جڏهن شهر جا ماڻهو اٿيا تڏهن ڇا ڏٺائون تہ بعل ديوتا جي قربانگاهہ ڊٺي پيئي آهي ۽ ان جي پاسي وارو يسيرہ مورتيءَ جو ٿنڀو وڍيو ويو آهي ۽ هڪڙي نئين ٺهيل قربانگاهہ تي ڏاند قرباني ٿيل آهي. 29 تڏهن هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟“ جاچ ڪرڻ کان پوءِ کين معلوم ٿيو تہ هي ڪم يوآس جي پٽ جِدعون ڪيو آهي. 30 پوءِ شهر جي ماڻهن يوآس کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين کيس قتل ڪريون. هن بعل ديوتا جي قربانگاهہ ڊاهي ڇڏي آهي ۽ انهيءَ جي پاسي وارو يسيرہ ديويءَ جو ٿنڀو بہ وڍيو اٿس.“ 31 يوآس پنهنجي خلاف چوڌاري بيٺل ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بعل ديوتا جي طرفداري ٿا ڪريو؟ ڇا اوهين کيس بچائڻ ٿا گھرو؟ جيڪو بہ انهيءَ جي طرفداري ڪندو سو صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ماريو ويندو. جيڪڏهن بعل واقعي خدا آهي تہ پوءِ هو پاڻ پنهنجي طرفان وڙهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا قربانگاهہ ڊاهي ويئي آهي سا سندس ئي آهي.“ 32 سو انهيءَ ڏينهن جِدعون جو نالو يربعل پئجي ويو، ڇو تہ يوآس چيو هو تہ ”جنهن بعل جي قربانگاهہ ڊاٺي آهي، تنهن سان بعل پاڻ پڄي.“ 33 تڏهن سڀ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر جا ماڻهو اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ اردن درياءُ پار ڪري يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ وڃي خيما کوڙيائون. 34 خداوند جو روح جِدعون تي نازل ٿيو ۽ هن نفيل وڄائي ابيعزر وارن ماڻهن کي پنهنجي پٺيان وٺي هلڻ لاءِ سڏيو. 35 هن منسي قبيلي جي ٻنهي حصن ڏانهن ۽ آشر، زبولون ۽ نفتالي قبيلن ڏانهن پڻ قاصد موڪليا ۽ اهي بہ نڪري اچي ساڻس گڏيا. 36 تڏهن جِدعون خدا کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجي قول مطابق بني اسرائيل کي منهنجي هٿان ڇڏائڻ ٿو گھرين، 37 تہ پوءِ عرض آهي تہ آءٌ ڳاهہ جي پِڙ تي رڍن واري اُنَ وجھان ٿو. صبح جو جيڪڏهن ماڪ رڳو انهيءَ اُنَ تي هوندي ۽ باقي آسپاس واري سڄي زمين سڪل هوندي تہ پوءِ مون کي پڪ ٿيندي تہ تون پنهنجي قول مطابق بني اسرائيل کي منهنجي هٿان ڇڏائيندين.“ 38 بلڪل ائين ئي ٿيو. جِدعون جڏهن صبح جو سوير اٿيو ۽ اُنَ کي نچوڙي ماڪ ڪڍيائين تہ پيالو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. 39 تڏهن جِدعون خدا کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون مون تي ناراض نہ ٿئين، تہ آءٌ هڪڙو دفعو وري عرض ڪرڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري بہ مون کي هن اُنَ سان آزمائش وٺڻ ڏي. هن دفعي اُنَ سڪل رهي ۽ باقي آسپاس واري سڄي زمين تي ماڪ پوي.“ 40 سو خدا انهيءَ رات ائين ئي ڪيو. صبح جو رڳو اُنَ سڪل هئي، باقي آسپاس واري سڄي زمين ماڪ سان آلي هئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society