قاضين 3 - Muslim Sindhi Bibleملڪ ۾ باقي ڇڏيل قومون 1 سو خداوند اتي ڪجھہ قومون ڇڏي ڏنيون، انهيءَ لاءِ تہ انهن جي ذريعي بني اسرائيل جي انهن سڀني ماڻهن کي آزمائي جن ڪنعان ۾ جنگيون نہ ڏٺيون هيون. 2 اهو انهيءَ ڪري ڪيائين تہ جيئن هو بني اسرائيل جي هر پيڙهيءَ کي جنگ ڪرڻ سيکاري جن کي جنگ جو تجربو ڪونہ هو. 3 جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعلحرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا. 4 اهي بني اسرائيل جي آزمائش لاءِ ڇڏيا ويا هئا تہ جيئن خبر پوي تہ هو خداوند جا اهي حڪم مڃين ٿا يا نہ، جيڪي هن موسيٰ جي معرفت هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا. 5 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين منجھہ آباد ٿي ويا. 6 انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ انهن جي معبودن کي پوڄڻ لڳا. رهبر غتنيايل 7 بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا. 8 تڏهن خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن انهن کي ارام علائقي جي هڪ بادشاهہ ڪوشن رسعتيم جي هٿ ڏيئي ڇڏيو. سو بني اسرائيل اٺن سالن تائين ڪوشن رسعتيم جي غلامي هيٺ رهيا. 9 پوءِ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاريو، تڏهن هن هڪڙو ڇڏائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اٿاريو، جنهن کين ڇڏايو. اهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غتنيايل هو. 10 خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو ۽ هو بني اسرائيل جو رهبر ٿيو. تڏهن غتنيايل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خداوند کيس بادشاهہ ڪوشن رسعتيم تي فتح ڏني. 11 سو ڪنعان ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ سڪون رهيو. پوءِ غتنيايل وفات ڪئي. رهبر اهود 12 ان کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. سو انهن جي برائيءَ جي ڪري خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي انهن کان وڌيڪ زور وٺرايو. 13 عمون ۽ عماليق قبيلن کي عجلون پاڻ سان ملايو ۽ پوءِ انهن وڃي بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ کجين واري شهر يريحو تي قبضو ڪيائون. 14 سو بني اسرائيل ارڙهن سالن تائين موآب جي بادشاهہ عجلون جي غلامي هيٺ رهيا. 15 تڏهن بني اسرائيل وري خداوند کي پڪاريو. سو هن سندن لاءِ هڪڙو ڇڏائيندڙ اٿاريو جنهن جو نالو اهود ولد جيرا هو. هو کاٻڙيو هو ۽ بنيامين قبيلي مان هو. بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن ڏنُ ڏياري موڪليو. 16 اهود پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻِہمنهين تلوار ٺاهي جيڪا اٽڪل اڌ ميٽر ڊگھي هئي. اها هن پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان ساڄيءَ ران تي ٻڌي ڇڏي. 17 پوءِ هو اهو ڏنُ عجلون بادشاهہ ڏانهن کڻي ويو. عجلون تمام ٿلهو ماڻهو هو. 18 جڏهن اهود ڏنُ ڏيئي چڪو، تڏهن پاڻ سان گڏ ڏنُ کڻي ايندڙ ماڻهن کي چيائين تہ ”اچو تہ واپس هلون.“ 19 مگر پاڻ جِلجال وارين پٿر جي مورتين وٽان موٽي عجلون بادشاهہ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”اي بادشاهہ! مون کي هڪڙو ڳجھو پيغام توهان کي ڏيڻو آهي.“ بادشاهہ چيو تہ ”نويڪلائي ٿئي.“ تڏهن بادشاهہ جا سڀ درٻاري ٻاهر نڪري ويا. 20 جيئن تہ بادشاهہ ان وقت پنهنجي هوادار ماڙيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو، سو اهود سندس ويجھو آيو ۽ کيس چيائين تہ ”مون کي توهان لاءِ خدا جي طرفان هڪڙو پيغام مليو آهي.“ تنهن تي بادشاهہ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺو. 21 تڏهن اهود پنهنجو کاٻو هٿ ڊگھيري پنهنجي ساڄي ران تي ٻڌل تلوار ڪڍي ۽ بادشاهہ جي پيٽ ۾ هنئي. 22 ايتري قدر جو سڄي تلوار هٿئي سميت پيٽ ۾ گھڙي ويس ۽ پٺيءَ مان نڪري آيس. جيئن تہ هٿئي تي چرٻي چڙهي ويئي سو اهود اها بادشاهہ جي پيٽ مان ٻاهر نہ ڪڍي. 23 پوءِ اهود ٻاهر نڪري آيو ۽ ماڙيءَ جي درن کي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيائين. 24 جڏهن اهود هليو ويو تڏهن بادشاهہ جا نوڪر آيا. هنن ڏٺو تہ ماڙيءَ جا دروازا بند پيا آهن. سو هنن سمجھيو تہ بادشاهہ اندران بند ڪري ماڙيءَ ۾ ڪاڪوس ڪري رهيو آهي. 25 پوءِ هنن ايترو تہ انتظار ڪيو جو آخر پريشان ٿيڻ لڳا، پر پوءِ بہ جڏهن هن ماڙيءَ جا در نہ کوليا، تڏهن هنن چاٻي کڻي هڪڙو در کوليو ۽ ڇا ڏٺائون تہ سندن آقا زمين تي مئو پيو آهي. 26 جڏهن نوڪرن انتظار پئي ڪيو، تنهن وچ ۾ اهود ڀڄي نڪري ويو ۽ پٿر جي مورتين کان لنگھي سعيرت ۾ وڃي نڪتو. 27 جڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيو تڏهن هن جنگ لاءِ نفيل وڄائي بني اسرائيل کي سڏيو. پوءِ بني اسرائيل اهود جي اڳواڻيءَ ۾ جابلو علائقي مان لهي هيٺ آيا. 28 اهود کين چيو تہ ”منهنجي پٺيان هليا اچو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي دشمن موآبين کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“ سو هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا ۽ وڃي اردن درياءَ جي گھيرن وٽ موآبين جا گھٽ جھليائون ۽ هڪڙي ماڻهوءَ کي بہ پار لنگھڻ نہ ڏنائون. 29 انهيءَ ڏينهن هنن موآبين جا ڏهہ هزار سُورهيہ مرد ماري ڇڏيا ۽ انهن مان هڪڙو بہ بچي نہ نڪتو. 30 تنهن ڏينهن بني اسرائيل موآب قوم تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسي سالن تائين ملڪ ۾ امن وَ سڪون رهيو. رهبر شمجر 31 اهود کان پوءِ شمجر ولد عنات اڀريو، جنهن بني اسرائيل کي فلستين کان بچايو. هن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society