Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

قاضين 11 - Muslim Sindhi Bible


رهبر افتاح

1 افتاح جِلعادي هڪڙو ڏاڍو همت وارو ۽ بهادر شخص هو. هو هڪڙي ڪسبياڻيءَ کي جِلعاد نالي شخص مان ڄائو هو.

2 جِلعاد کي پنهنجيءَ زال مان بہ پٽ هئا. جڏهن اهي وڏا ٿيا تڏهن هنن افتاح کي گھر مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هنن کيس چيو تہ ”تو کي اسان جي پيءُ جي گھر مان ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ تون ٻيءَ عورت جو پٽ آهين.“

3 تڏهن افتاح پنهنجي ڀائرن وٽان ڀڄي وڃي طوب علائقي ۾ رهڻ لڳو. اتي هن ڪن لچن‌لفنگن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ اهي ساڻس گڏجي ٻاهر وارداتون ڪندا هئا.

4 جڏهن بني عمون بني اسرائيل سان جنگ جوٽي،

5 تڏهن جِلعاد جا اڳواڻ افتاح کي طوب جي علائقي مان وٺي اچڻ لاءِ روانا ٿيا.

6 هنن افتاح کي چيو تہ ”هلي اسان جو سپهہ‌سالار ٿيءُ تہ اسين بني عمون سان وڙهون.“

7 افتاح جِلعاد جي اڳواڻن کي چيو تہ ”اوهان مون کان نفرت ڪري مون کي پنهنجي پيءُ جي گھر مان ڪڍي ڇڏيو هو. هاڻي جڏهن مشڪلات ۾ اچي پيا آهيو تڏهن مون وٽ ڇو آيا آهيو؟“

8 تڏهن جِلعاد جي اڳواڻن افتاح کي چيو تہ ”اسان انهيءَ لاءِ تو ڏانهن رخ ڪيو آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل ۽ بني عمون سان وڙهڻ ۾ اسان جي اڳواڻي ڪر. پوءِ تون اسان جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندين.“

9 تنهن تي افتاح جِلعاد جي اڳواڻن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ موٽائي گھر وٺي ٿا هلو ۽ خداوند مون کي انهن تي سوڀ ڏئي، تہ ڇا پوءِ آءٌ واقعي اوهان جو سردار ٿيندس؟“

10 جِلعاد جي اڳواڻن افتاح کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ لاءِ خداوند اسان جي وچ ۾ شاهد آهي تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي اسين ڪنداسين.“

11 پوءِ افتاح جِلعاد جي اڳواڻن سان گڏ ويو ۽ اتان جي ماڻهن افتاح کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سردار بڻايو. افتاح مصفاہ شهر ۾ خداوند جي آڏو سردار مقرر ٿيڻ وارا شرط ٻڌايا.

12 پوءِ افتاح بني عمون جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين سان چوائي موڪليو تہ ”تنهنجو اسان سان ڪهڙو جھڳڙو آهي جو تون اسان جي ملڪ تي ڪاهي آيو آهين؟“

13 تنهن تي بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي جواب ڏنو تہ ”جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا تڏهن انهن برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق ۽ اردن درياءَ تائين منهنجي زمين قبضي ڪئي هئي. سو هاڻ اها صلح سانت ۾ مون کي موٽائي ڏيو.“

14 افتاح وري بني عمون جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين سان هي جواب ڏياري موڪليو تہ

15 ”بني اسرائيل نڪا موآب جي زمين قبضي ڪئي هئي نہ وري بني عمون جي.

16 پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا ۽ هو بيابان مان پنڌ ڪري ڳاڙهي سمنڊ کان قادش ۾ آيا،

17 تڏهن هنن ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچيءَ هٿان چوائي موڪليو تہ ’مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏي.‘ پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي. تڏهن ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ چوائي موڪليو پر هن بہ انڪار ڪيو. سو بني اسرائيل قادش ۾ ئي ترسي پيا.

18 تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگھي ادوم ۽ موآب ملڪن کان وڪڙ ڪري موآب ملڪ جي اوڀر طرف کان آيا ۽ برساتي نهر ارنون جي هُنَ ڀر اچي تنبو هنيائون. جيئن تہ ارنون جي برساتي نهر موآب ملڪ جي سرحد هئي، تنهنڪري هو اها پار ڪري موآب ملڪ ۾ نہ آيا.

19 پوءِ بني اسرائيل اموري بادشاهہ سيحون ڏانهن، جيڪو حشبون شهر ۾ رهندو هو، ايلچين سان چوائي موڪليو تہ ’مهرباني ڪري اسان کي اجازت ڏي تہ تنهنجي ملڪ مان لنگھي پنهنجي علائقي ڏانهن وڃون.‘

20 پر سيحون جو بني اسرائيل تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان کين لنگھڻ ڏئي. اٽلندو هن پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري يهص ۾ اچي تنبو کوڙيا ۽ بني اسرائيل تي حملو ڪري ڏنائين.

21 تڏهن خداوند، بني اسرائيل جي خدا سيحون ۽ سندس سڄي لشڪر کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنو ۽ کين انهن تي فتح حاصل ٿي. سو اموري، جيڪي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي سڄي ملڪ تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو.

22 هنن ڏکڻ طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي اتر ۾ برساتي نهر يبوق تائين ۽ اوڀر طرف بيابان کان وٺي اولهہ ۾ اردن درياءَ تائين امورين جو سڄو علائقو قبضي ڪيو.

23 سو اي بني عمون جا بادشاهہ! هاڻ جڏهن خداوند، بني اسرائيل جي خدا امورين کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تہ پوءِ تون انهن جي ملڪ تي قبضو ڪري سگھندين ڇا؟

24 تنهنجو معبود ڪموس جيڪي تو کي ورثو ڪري ڏئي، تون اهو هٿ نہ ڪندين ڇا؟ ساڳيءَ طرح جن کي خداوند اسان جي خدا اسان جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تن جي ملڪ تي اسان قبضو نہ ڪيون ڇا؟

25 ڀلا تون موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور کان بهتر آهين ڇا؟ هن ڪڏهن بني اسرائيل سان ڪو جھڳڙو ڪيو ڇا يا انهن سان جنگ ڪيائين؟

26 جڏهن تہ بني اسرائيل حشبون، عروعير ۽ انهن جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ برساتي نهر ارنون جي ڪناري وارن سڀني شهرن ۾ ٽي سؤ سالن کان رهيا پيا آهن، تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اوهان انهن کان اهي موٽائي نہ ورتا آهن؟

27 مون تنهنجو ڪو ڏوهہ نہ ڪيو آهي پر تون جنگ ڪري مون سان بدي ٿو ڪرين. ڀلي تہ اڄ منصف خداوند بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ فيصلو ڪري.“

28 ليڪن بني عمون جي بادشاهہ انهن ڳالهين ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو جيڪي افتاح کيس چوائي موڪليون.

29 تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو. سو هو جِلعاد ۽ منسيءَ کان لنگھي، جِلعاد ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ آيو ۽ اتان بني عمون ڏانهن رخ ڪيائين.

30 افتاح خداوند جي آڏو هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون بني عمون تي مون کي سوڀ ڏيندين،

31 تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس تڏهن منهنجي گھر جي دروازي مان پهريون جيڪو بہ مون سان ملڻ لاءِ نڪري ايندو سو تو خداوند جو ٿيندو. آءٌ انهيءَ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندس.“

32 پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ پار ويو ۽ خدا کيس سوڀ ڏني.

33 هن انهن کي عروعير کان وٺي منيت تائين ويهن ئي شهرن ۾ ۽ ويندي ابيل‌ڪراهيم تائين ماريو. هن تمام وڏو ڪوس ڪيو. اهڙيءَ طرح بني عمون بني اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي.


افتاح جي هڪڙي ئي ڌيءَ

34 پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گھر موٽي آيو، تڏهن ڇا ٿيو جو سندس ڌيءَ دڦ وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ نڪري آئي. کيس اها هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ٻيو ڪوبہ پٽ يا ڌيءَ ڪونہ هئس.

35 جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“

36 تڏهن هن وراڻيس تہ ”اي بابا! جيڪڏهن تو خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي تہ جيڪي تو پنهنجي زبان سان چيو آهي سو ڀلي مون سان ڪر، ڇو تہ خداوند تنهنجي دشمنن بني عمون کان تنهنجو وير ورتو آهي.“

37 ڌيڻس کيس وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي رڳو هڪڙي ڳالهہ مڃ، مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ ٻہ مهينا پنهنجين سهيلين سان گڏجي وڃي جبلن تي ڦران ۽ پنهنجي ڪنئارپڻي تي روئان ۽ رڙان.“

38 تڏهن پڻس چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ هن کيس ٻن مهينن لاءِ روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ پنهنجين ساهيڙين سميت جبلن ڏانهن هلي ويئي ۽ اتي پنهنجي ڪنئارپڻي تي روئندي رڙندي رهي.

39 ٻن مهينن گذرڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي. تڏهن هن جيڪا باس باسي هئي تنهن موجب ساڻس هلت ڪيائين. سو هوءَ مرڻ تائين ڪنواري رهي. تنهن بعد بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو

40 تہ هر سال بني اسرائيل جون جوان ڇوڪريون چار ڏينهن افتاح جِلعاديءَ جي ڌيءَ جي يادگيريءَ ۾ سوڳ ملهائينديون هيون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ