Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يسعياہ 64 - Muslim Sindhi Bible

1 ڪاش! تون آسمان کي ڦاڙي هيٺ لهي اچين، تہ تو کي ڏسي جبل بہ خوف وچان ڪنبي وڃن.

2 هائو، اهي ائين ڏڪڻ لڳن، جيئن سڪل ڪاٺين واري باهہ مٿان پاڻي ٽهڪندو آهي. اچ ۽ پنهنجي دشمنن کي اچي پنهنجي قدرت ڏيکار، تہ اهي تو کي ڄاڻي وٺن. هائو، پاڻ اچ ۽ قومن کي اچي ڏهڪاءِ.

3 بيشڪ تو اهڙا تہ خوفناڪ ڪم ڪيا آهن، جيڪي اسان جي وهم وَ گمان ۾ بہ نہ هئا. تنهنجي هيٺ لهي اچڻ سان تہ جبل بہ ڏڪيو ٿي ويا.

4 بيشڪ قديم وقت کان وٺي ڪنهن بہ ماڻهوءَ تو جهڙو خدا نہ ڪڏهن ٻڌو آهي ۽ نہ ڏٺو آهي، جيڪو انهن لاءِ اهڙا ڪم ڪري ڏيکاري، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن.

5 تون انهن جي مدد ڪرين ٿو، جيڪي خوشيءَ سان تنهنجي فرمانبرداري ٿا ڪن، ۽ اهي ئي ڪم ٿا ڪن جيڪي تو کي پسند آهن. اسين بہ جيڪڏهن انهن تي قائم رهون ها، تہ جيڪر بچي سگھون ها. پر ڏس، هاڻ تون اسان تي ڪاوڙيو آهين، ڇاڪاڻ تہ اسين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيون.

6 اسين سڀ جو سڀ گناهہ ڪرڻ ڪري پليت ٿي پيا آهيون. ايتري قدر جو اسان جا سمورا ڪم جيڪي سچائيءَ وارا سمجھيا ٿا وڃن، سي بہ حيض لڳل ڪپڙي وانگر پليت ٿي پيا آهن. اسين سڀ سڪل پنن وانگر ڪومائجي ڪري ٿا پئون، ۽ اسان جون بدڪاريون اسان کي هوا وانگر اُڏايو ڇڏين.

7 انهن بدڪارين جي ڪري تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، بلڪ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو اٿيئي. هاڻ ڪوبہ اهڙو ڪونهي، جيڪو تنهنجو نالو وٺي تو کان دعا گھري، نہ ئي ڪو اهڙو آهي جيڪو تنهنجي عبادت ڪري.

8 پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.

9 سو اي خداوند! ڏس، اسين سڀ تنهنجي ئي قوم آهيون، اسين تو کي رحم لاءِ منٿ ٿا ڪريون. اسان تي ايڏي وڏي ڪاوڙ نہ ڪر، نہ ئي اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد ڪر.

10 ڏس، تنهنجي چونڊيل ملڪ جا شهر بيابان بڻجي ويا آهن، صيئون بہ اجڙي ويو آهي، هائو، يروشلم ويران ٿي ويو آهي.

11 اسان جي پاڪ ۽ خوبصورت هيڪل، جنهن ۾ اسان جا ابا ڏاڏا تنهنجي واکاڻ ڪندا هئا، تنهن کي باهہ ڏيئي ساڙيو ويو آهي. اسان جون خوبصورت جايون جڳهون هاڻي مٽيءَ جا ڍير بڻجي ويون آهن.

12 اي خداوند! اهي سڀ ڳالهيون ڏسڻ جي باوجود بہ تون ڪجھہ نہ ڪندين ڇا؟ ڇا تون ماٺ ڪيو ويٺو رهندين، ۽ اسان جي سهڻ کان وڌيڪ اسان کي مصيبت ۾ پيو وجھندين؟

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ