يسعياہ 47 - Muslim Sindhi Bibleبابل لاءِ سزا 1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي وسندي! تون جيڪا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهين، ۽ ڪنهن تو کي هٿ بہ نہ لاتو آهي، سا هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ. هائو، تون تخت تان لهي پٽ تي ويهہ، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ تو کي نازڪ ۽ نازنين ڪنواري ڪڏهن بہ نہ سڏيو ويندو، بلڪ هاڻي تون غلام ٿيندينءَ. 2 سو جنڊ کڻي ويهي اَنُ پيهُہ. پاڻ تان پردو هٽاءِ ۽ پنهنجا عمدا ڪپڙا لاهي ڇڏ. پنهنجو اوڇڻ مٿي ڪري اُگھاڙين ٽنگن سان نديءَ مان لنگھي وڃ. 3 ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا. هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي. آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“ 4 بيشڪ بني اسرائيل جو پاڪ معبود اسان جو ڇڏائيندڙ آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. 5 خداوند بابل شهر وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي قوم! تون ماٺ ڪري اوندهہ ۾ ويهہ، ڇاڪاڻ تہ تون اڳتي بادشاهتن جي راڻي نہ سڏبينءَ. 6 آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ. 7 تو سمجھيو تہ تون هميشہ راڻي رهندينءَ. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ مون ڪيو، تنهن تي تو ڪو ڌيان نہ ڏنو، ۽ نہ ئي تو انهيءَ تي ڪو غور ڪيو تہ آخر ۾ آءٌ ڇا ڪندس. 8 تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بيپرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رنزال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو، 9 سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون، يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ، هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون. هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بيانداز منترن هوندي بہ تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ. 10 جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو، ۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي، بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو، ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘ 11 تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو. 12 هاڻ ڀلي تون پنهنجي انهن جادوگرين، ۽ بيانداز منترن تي ڀروسو ڪندي قائم رهہ، جن کي تون ننڍپڻ کان وٺي ورجائيندي پيئي رهي آهين. پوءِ ڏسون تہ انهن مان تو کي ڪهڙو ٿو فائدو رسي؟ ڏسون تہ تنهنجا دشمن تو کان ڪيئن ٿا ڊڄن؟ 13 پر تو تہ پنهنجي جادوگر مشيرن سان صلاحون ڪري ڪري پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي. هاڻ ڀلي تہ اهي نجومي، ستارا ڏسندڙ، ۽ هر مهيني بابت فالون وجھندڙ تنهنجي پاران اُٿي کڙا ٿين، ۽ ڏسون تہ جيڪي ڳالهيون تو تي اچڻيون آهن، تن کان اهي تو کي بچائي سگھن ٿا؟ 14 پر ڏس، اهي تہ پاڻ کي ئي شعلن جي پڪڙ کان ڇڏائي نہ سگھندا. اهي بُهہ جي ذرڙن وانگر ٿيندا، جن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. انهن جي سڙڻ سان ڪو ٽانڊو ئي نہ ٺهندو، جو ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪري سگھي. هائو، انهيءَ ۾ ڪا تپش ئي نہ رهندي، جو ڪو ماڻهو انهيءَ جي اڳيان ويهي گرمائش وٺي سگھي. 15 اهي آهن اُهي نجومي، جن سان تو پنهنجي سڄي زندگي پئي مشورو ڪيو. هائو، جن سان تو ننڍپڻ کان وهنوار ٿي ڪيو، تن مان هر ڪو پنهنجي راهہ وٺي هليو ويندو، ڪوبہ تو کي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society