Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يسعياہ 20 - Muslim Sindhi Bible


نبيءَ جو اگھاڙو ٿيڻ هڪ نشانيءَ طور

1 اشور جي شهنشاهہ سرجُون پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار اعليٰ کي فلستين جي شهر اشدود تي حملو ڪري شهر فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سو هن انهيءَ شهر تي ڪاهہ ڪئي.

2 انهيءَ کان ٽي سال اڳ ۾ خداوند يسعياہ ولد آموص کي فرمايو هو تہ ”اي يسعياہ! جتيءَ سميت پنهنجي بدن تان هر شيءِ لاهي ڇڏ.“ يسعياہ ائين ئي ڪيو ۽ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو گھمندو ڦرندو رهيو.

3 اشورين جڏهن اشدود شهر فتح ڪيو تڏهن خداوند فرمايو تہ ”جيئن تہ منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو رهيو آهي، سو اها مصر ۽ سوڊان وارن جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت آهي تہ ساڻن ڇا ڪيو ويندو.

4 اهڙي ئي نموني اشور جو شهنشاهہ مصر ۽ سوڊان وارن کي پڪڙي جلاوطن ڪري وٺي ويندو، پوءِ اهي ننڍا هجن توڙي وڏا، کين بلڪل انگ اگھاڙو پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي ويندو، جنهن ڪري مصري خوار خراب ٿيندا.

5 پوءِ اهي جيڪي سوڊان ۽ مصر کي پنهنجي اميد ۽ فخر سمجھندا هئا، سي پريشان ۽ مايوس ٿي ويندا.

6 انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ