پيدائش 9 - Muslim Sindhi Bibleنوح سان خدا جو عهد 1 خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي. 2 سڀ جانور، پکي، سرندڙ جيت ۽ مڇيون اوهان جي رعب ۽ ڊپ ۾ رهندا. اهي سڀيئي مون اوهان جي هٿ وس ڪيا آهن. 3 اوهين اهي سڀ ساهوارا ڀاڄيءَ وانگر کائي سگھو ٿا. مون اهي سڀ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن. 4 پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي. 5 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ وٺندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو. 6 جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي. 7 گھڻا ٻار پيدا ڪريو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.“ 8 خدا نوح ۽ سندس پٽن کي چيو تہ 9 ”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان جي اولاد سان، 10 سڀني ساهوارن، سڀني پکين ۽ سڀني جانورن، جيڪي ٻيڙي مان توهان سان گڏ لٿا آهن، تن سان عهد ٿو ڪريان. 11 اوهان سان منهنجو عهد هي آهي تہ ڪڏهن بہ وري ٻوڏ جي ڪري سڀ ساهوارا برباد نہ ٿيندا ۽ نہ وري ڪڏهن ٻوڏ جي ڪري سڄي ڌرتي تباهہ ٿيندي. 12 اهو هميشہ تائين هلندڙ عهد جيڪو آءٌ اوهان سان ۽ سڀني ساهوارن سان ڪريان ٿو تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ 13 آءٌ پنهنجي انڊلٺ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها دنيا سان منهنجي عهد جي نشاني ٿيندي. 14 جڏهن بہ آءٌ آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ اها انڊلٺ ڪڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي، 15 تڏهن آءٌ اوهان سان ۽ سڀني جانورن سان پنهنجو ڪيل اهو عهد ياد ڪندس تہ ڪڏهن بہ وري ساهوارا ٻوڏ جي ڪري برباد نہ ٿيندا. 16 جڏهن انڊلٺ ڪڪرن مان نڪرندي تہ آءٌ اها ڏسي اهو عهد ياد ڪندس جيڪو مون ۽ اوهان ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي. 17 اها انهيءَ عهد جي نشاني آهي جيڪو مون ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن سان ڪيو آهي.“ نوح ۽ سندس پٽ 18 نوح جا پٽ جيڪي ٻيڙي مان نڪتا سي سِم، حام ۽ يافت هئا. حام ڪنعان جو پيءُ هو. 19 نوح جي انهن ئي ٽن پٽن مان سڄي ڌرتي انسانن سان آباد ٿي ويئي. 20 نوح پوک ڪندڙ اهو پهريون شخص هو جنهن انگورن جو هڪڙو باغ لڳايو. 21 انگوري مئي پيئڻ کان پوءِ مٿس نشو چڙهي ويو ۽ هو پنهنجي تنبوءَ ۾ اگھاڙو ٿي پئجي رهيو. 22 ڪنعان جي پيءُ حام جڏهن پنهنجي پيءُ کي اگھاڙو ڏٺو تہ ٻاهر وڃي پنهنجي ٻنهي ڀائرن کي ٻڌايائين. 23 تنهن تي سِم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ تنبوءَ ۾ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگھڙ ڍڪيائون. انهن پنهنجا منهن ابتا ڪيا انهيءَ لاءِ تہ پيءُ جي اوگھڙ نہ ڏسن. 24 جڏهن نوح تان نشو لٿو تڏهن جيڪي سندس ننڍي پٽ ساڻس ڪيو هو سو کيس معلوم ٿيو. 25 تنهن تي هن حام جي پٽ ڪنعان تي لعنت ڪندي چيو تہ ”ڪنعان تي لعنت هجي، شال هو پنهنجي سؤٽن جي غلامن جو بہ غلام ٿئي. 26 خداوند، سِم جو خدا سڳورو آهي، شال ڪنعان سِم جي اولاد جو غلام ٿئي. 27 شال خدا يافت جو اولاد وڌائي ۽ اهي سِم جي اولاد سان گڏ رهن، شال ڪنعان يافت جي اولاد جو غلام پڻ ٿئي.“ 28 ٻوڏ کان پوءِ نوح ٽي سؤ پنجاهہ سال جيئرو رهيو. 29 هن نو سؤ پنجاهہ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society