Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

پيدائش 50 - Muslim Sindhi Bible


يعقوب جي تدفين

1 تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو ۽ کيس چميائين.

2 پوءِ يوسف ملازم حڪيمن کي حڪم ڏنو تہ ”منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو.“ سو حڪيمن يعقوب کي سرهاڻيون لاتيون.

3 انهيءَ ۾ پورا چاليهہ ڏينهن لڳي ويا، ڇو تہ سرهاڻيون لائڻ ۾ ايترا ئي ڏينهن لڳندا هئا. مصرين هن جي لاءِ ستر ڏينهن سوڳ ملهايو.

4 جڏهن سوڳ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي محلات جي عملدارن کي چيو تہ ”جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مهرباني ڪري منهنجي هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن ۾ وجھو تہ

5 مون يوسف جي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ’جيئن تہ آءٌ مرڻ تي آهيان، سو مون کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪجانءِ جيڪو مون ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي لاءِ خريد ڪري ڇڏيو آهي.‘ تنهنڪري مهرباني ڪري مون يوسف کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري موٽي اچان.“

6 تڏهن فرعون انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري، جيئن سندس پيءُ کيس قسم کڻايو هو.“

7 تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. فرعون جا سڀ عملدار، سندس محلات جا ناظم ۽ مصر ملڪ جا سڀ اڳواڻ يوسف سان گڏجي هليا.

8 يوسف جو سمورو خاندان، سندس ڀائر ۽ سندس پيءُ جي گھر جا باقي ٻيا ڀاتي بہ ساڻس گڏجي هليا. هنن فقط پنهنجا ٻار، رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ئي جشن جي علائقي ۾ ڇڏيا.

9 گاڏين وارا ۽ گھوڙي سوار سڀيئي ساڻس گڏ ويا. سو هڪ وڏو انبوهہ يوسف سان روانو ٿيو.

10 جڏهن اهي اتد علائقي جي ڳاهہ ڳاهڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا، جيڪا اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اُتي هو دل ڏاريندڙ وڏي آواز ۾ رنا. يوسف اُتي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن سوڳ ڪيو.

11 جڏهن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن اهو اتد جي ڳاهہ ڳاهڻ واري جاءِ وارو سوڳ ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”مصري ڪيڏو نہ سخت سوڳ ڪن ٿا!“ انهيءَ سبب انهيءَ جاءِ جو نالو ابيل‌مصرئيم پئجي ويو. اها جاءِ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي.

12 سو يعقوب جي پٽن ائين ئي ڪيو جيئن هن کين حڪم ڏنو هو.

13 هو سندس لاش کي ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻي ويا. هنن کيس ممري جي اوڀر ۾ مڪفيلاہ جي ٻنيءَ واري غار ۾ دفن ڪيو، جيڪا ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪئي هئي.

14 يوسف پنهنجي پيءُ کي دفن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائرن ۽ ٻيا جيڪي سندس پيءُ کي دفن ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ ويا هئا، تن سميت موٽي مصر ۾ آيو.


يوسف جو خاطري ڏيڻ

15 جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ مري ويو آهي، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”شايد هاڻي يوسف اسان سان دشمني ڪندو ۽ جيڪا بڇڙائي اسان هن سان ڪئي هئي تنهن جو اسان کان بدلو وٺندو.“

16 تنهنڪري هنن يوسف ڏانهن هڪڙو پيغام موڪليو تہ ”توهان جي پيءُ مرڻ کان اڳ ۾ توهان لاءِ هڪڙي وصيت ڪئي هئي تہ

17 ’تنهنجي ڀائرن تو سان بڇڙائي ڪندي جيڪو قصور ۽ ڏوهہ ڪيو هو سو هاڻي ڀلائي ڪري کين بخشي ڇڏ.‘ تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري اسان جو ڏوهہ معاف ڪريو، جيڪو اسان توهان جي پيءُ جي خدا جي ٻانهن ڪيو آهي.“ جڏهن يوسف کي اهو نياپو رسيو تہ هن روئي ڏنو.

18 پوءِ هن جي ڀائرن بہ پاڻ وڃي سندس اڳيان مٿا ٽيڪيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسين توهان جا غلام آهيون.“

19 پر يوسف کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا؟

20 اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.

21 سو هاڻي ڊڄو نہ. آءٌ اوهان جي ۽ اوهان جي ٻارن جي پرورش ڪندو رهندس.“ اهڙيءَ طرح هن کين خاطري ۽ دلداري ڏني.


يوسف جي وفات

22 يوسف پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان سميت مصر ۾ ئي رهڻ لڳو. هو هڪ سؤ ڏهہ سال جيئرو رهيو.

23 يوسف پنهنجي ننڍي پٽ افرائيم جا پٽ پوٽا بہ ڏٺا ۽ پنهنجي وڏي پٽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ سندس هنج ۾ پليا.

24 آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“

25 پوءِ يوسف انهن کي قسم کڻائي چيو تہ ”اوهين مون سان واعدو ڪريو تہ جڏهن خدا اوهان کي ان ملڪ ڏانهن وٺي وڃي تڏهن اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي ويندءُ.“

26 اهڙيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هنن سندس لاش کي صدين تائين محفوظ رکڻ لاءِ سرهاڻيون لائي تابوت ۾ وجھي مصر ۾ رکيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ