Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

پيدائش 46 - Muslim Sindhi Bible


يعقوب ۽ سندس ڪٽنب جو مصر ڏانهن وڃڻ

1 پوءِ يعقوب پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي اُٿي روانو ٿيو. جڏهن هو بيرسبع ۾ آيو تڏهن پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون پيش ڪيائين.

2 تڏهن خدا يعقوب سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو. هن کيس چيو تہ ”يعقوب! اي يعقوب!“ هن جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“

3 تڏهن هن چيس تہ ”آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا. تون مصر وڃڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇو تہ آءٌ اتي تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.

4 آءٌ تو سان گڏ مصر هلندس ۽ آءٌ ئي وري تو کي موٽائي آڻيندس ۽ يوسف پنهنجي هٿن سان تنهنجيون اکيون بند ڪندو.“

5 پوءِ يعقوب بيرسبع مان روانو ٿيو. سو يعقوب جي پٽن پنهنجي پيءُ، پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجين زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو جيڪي فرعون يعقوب کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليون هيون.

6 هنن پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو سمورو سامان جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کڻي مصر ۾ آيا. يعقوب سان پنهنجو سمورو اولاد گڏ هو.

7 هو پنهنجي ڌيءَ، پٽن، پوٽن ۽ پوٽين، مطلب تہ پنهنجي سڄي اولاد کي پاڻ سان گڏ مصر ۾ وٺي آيو.


يعقوب جو اولاد

8 اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ جيڪي ساڻس گڏ مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن. سندس وڏو پٽ روبن هو

9 جنهن جا پٽ هي هئا: حنُوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.

10 سندس ٻيو پٽ شمعون هو جنهن جا پٽ هي هئا: يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صُحر ۽ شاؤ‌ل جيڪو هڪڙي ڪنعاني عورت مان پيدا ٿيو هئس.

11 سندس ٽيون پٽ لاوي هو جنهن جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.

12 سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.

13 سندس پنجون پٽ اِسڪار هو جنهن جا پٽ هي هئا: تولع، فووہ، يسوب ۽ شمرون.

14 سندس ڇهون پٽ زبولون هو جنهن جا پٽ هي هئا: سرد، اَيلون ۽ يحليل.

15 اهي سڀيئي لياہ جو اولاد آهن جيڪي کيس فدان‌ارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا. اهي جملي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا.

16 يعقوب کي لياہ جي ٻانهيءَ مان ٻيا پٽ بہ هئا. سندس پهريون پٽ جد هو جنهن جا پٽ هي هئا: صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي.

17 سندس ٻيو پٽ آشر هو جنهن جا پٽ هي هئا: يمنہ، اِشواہ، اِشوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ. بريعاہ جا پٽ حبر ۽ ملڪي‌ايل هئا.

18 اهي سڀيئي زِلفاہ جو اولاد آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي سورهن ڄڻا هئا.

19 يعقوب کي سندس زال راخل مان يوسف ۽ بنيامين نالي پٽ هئا.

20 مصر جي ملڪ ۾ يوسف کي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات مان منسي ۽ افرائيم ڄاوا.

21 بنيامين جو اولاد هي هو: بلع، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روش، مفيم، حُفيم ۽ آرد.

22 اهي جملي چوڏهن ڄڻا راخل مان يعقوب جو اولاد هئا.

23 يعقوب کي راخل جي ٻانهيءَ مان ٻيا پٽ بہ هئا. سندس پهريون پٽ دان هو جنهن جو پٽ حُشام هو.

24 سندس ٻيو پٽ نفتالي هو جنهن جا پٽ هي هئا: يحصي‌ايل، جُوني، يصر ۽ شليم.

25 اهي پٽ بلهاہ مان آهن، جيڪا لابن پنهنجي ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي. اهي جملي ست ڄڻا هئا.

26 يعقوب جي نُنهُن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي جملي ڇاهٺ ڄڻا هئا.

27 يوسف کي ٻہ پٽ مصر ۾ ڄاوا هئا. اهڙيءَ طرح يعقوب جي ڪٽنب جا سڀيئي ماڻهو جيڪي مصر ۾ آيا سي ستر ڄڻا هئا.


يعقوب ۽ سندس ڪٽنب جو مصر ۾ پهچڻ

28 يعقوب پاڻ کان اڳي يهوداہ کي يوسف ڏانهن موڪليو تہ جشن جو رستو معلوم ڪري اچي. پوءِ جڏهن اهي جشن جي علائقي ۾ اچي پهتا،

29 تڏهن يوسف بہ پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ جشن ڏانهن ويو. جڏهن يوسف کيس ڏٺو تہ ڀاڪر کڻي وڌائينس ۽ ڳچ دير تائين پئي رنو.

30 تڏهن يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون تو کي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي منهنجو موت اچي تہ ڀلي اچي.“

31 پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي باقي خاندان کي چيو تہ ”آءٌ وڃي ٿو فرعون بادشاهہ کي ٻڌايان تہ ’منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جيڪي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندا هئا سي مون وٽ اچي ويا آهن.

32 اهي ماڻهو ڌنار آهن ۽ مال چاريندا آهن. انهن پنهنجا ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو سو آندو آهي.‘

33 جڏهن فرعون اوهان کي سڏائي ۽ پڇي تہ ’اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟‘

34 تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ