Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

حزقي ايل 28 - Muslim Sindhi Bible


صور جي بادشاهہ خلاف پيغام

1 خداوند مون کي فرمايو تہ

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.

3 تون سمجھين ٿو تہ تون دانيال کان بہ وڌيڪ داناءُ آهين، ۽ اهڙو ڪوبہ ڳجھہ ناهي جيڪو تو کان لڪل هجي.

4 تو پنهنجيءَ ڏاهپ ۽ سمجھہ سان ئي پنهنجي لاءِ مال ملڪيت هٿ ڪيو آهي، ۽ سون ۽ چانديءَ سان پنهنجا خزانا ڀري ڇڏيا اٿيئي.

5 وڏيءَ ڏاهپ سان واپار ڪندي تو پنهنجي دولت کي وڌايو آهي. تنهنجي انهيءَ دولت جي ڪري تنهنجيءَ دل ۾ ڪيڏو نہ تڪبر اچي ويو آهي!

6 انهيءَ ڪري آءٌ خداوند خدا تو بابت چوان ٿو تہ جيئن تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين،

7 سو ياد رک، آءٌ تو تي اهڙا ڌاريا ماڻهو چاڙهي آڻيندس، جيڪي قومن ۾ نهايت هيبتناڪ آهن. هو تنهنجو هنرمنديءَ واري واپار سان اڏيل شاندار شهر تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.

8 اتي ئي سمنڊ جي وچ ۾، اهي تو کي تلوار سان ماري پاتال ۾ غرق ڪري ڇڏيندا.

9 جڏهن تنهنجا قاتل تو آڏو اچي بيهندا تہ پوءِ تون اڃا پاڻ کي خدا سڏائيندين؟ جڏهن تہ تنهنجا قاتل ڄاڻن ٿا تہ تون خدا نہ بلڪ رڳو هڪڙو فاني انسان آهين.

10 تون ڌارين ماڻهن جي هٿان ڪتي جي موت مرندين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند خدا جو تو لاءِ اهو ئي فرمان آهي.‘“


صور جي بادشاهہ لاءِ مرثيو

11 خداوند وڌيڪ مون کي فرمايو تہ

12 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ لاءِ هي مرثيو ڳاءِ. هائو، چوينس تہ هن لاءِ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي صور جا بادشاهہ! تون ڪڏهن ڪماليت ۾ يڪتا ۽ حسن ۾ ڪامل هئين،

13 تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.

14 مون تو کي پنهنجي پاڪ جبل تي، چونڊيل پردار آسماني مخلوق جي حفاظت ۾ رکيو، جتي تون آتشي پٿرن جي وچ ۾ گھمندو هئين.

15 بيشڪ تون پنهنجي پيدائش جي ڏينهن کان ئي منهنجو مڪمل فرمانبردار هئين، پر بعد ۾ تو بدڪاريءَ وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا.

16 تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي ظلم سان ڀرجي ويو آهين. هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو. سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو، ۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي، تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.

17 تون پنهنجي حسن جي ڪري ئي مغرور ٿي وئين. هائو، تنهنجي سونهن تنهنجي ڏاهپ کي بگاڙي ڇڏيو. تنهنڪري ئي مون تو کي ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو، ۽ ٻين بادشاهن جي آڏو تو کي ذليل وَ خوار ڪيو اٿم.

18 تو پنهنجي گھڻي بدڪاريءَ ۽ واپار ۾ بي‌ايمانيءَ جي ڪري، پنهنجي مذهبي پاڪ جاين کي بہ پليت ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري مون تنهنجي شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جتي تنهنجو شهر اڏيل هو، تتي هر ڪنهن کي رڳو رک ئي رک ڏسڻ ۾ ٿي اچي.

19 ٻين قومن مان جيڪي ماڻهو تو کي سڃاڻين ٿا، سي تنهنجو اهو حال ڏسي دهلجي ويا آهن. تون ٻين لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويو آهين، ۽ وري ابد تائين نابود ئي رهندين.‘“


ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري واري صيدا شهر جي خلاف پيغام

20 خداوند وري مون کي فرمايو تہ

21 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صيدا شهر ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ان جي خلاف اڳڪٿي ڪر.

22 تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

23 آءٌ اوهان جي شهر ۾ وبا موڪليندس. آءٌ هڪ قاتل لشڪر پڻ آڻيندس، جيڪو شهر ۾ هر طرف کان حملا ڪندي گھٽين ۾ خونريزي ڪندو. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


بني اسرائيل لاءِ برڪتون

24 خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آس‌پاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“

25 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”جن قومن ۾ بني اسرائيل ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن، تن مان جڏهن آءٌ کين آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ قومن جي روبرو هنن کان پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرائيندس. پوءِ بني اسرائيل پنهنجي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو.

26 انهيءَ ملڪ ۾ هو سلامتيءَ سان رهندا، گھر جوڙيندا ۽ انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، جڏهن آءٌ سندن آس‌پاس وارا سڀيئي ماڻهو جيڪي کانئن حقارت ڪندا هئا، تن کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي امن وَ امان ۾ پيا گذاريندا. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ