Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

حزقي ايل 16 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم هڪ بي‌وفا زال مثل

1 خداوند وري مون کي فرمايو تہ

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون يروشلم جي وسنديءَ کي ٻڌائي ڇڏ تہ انهيءَ ڪهڙا ڪهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن.

3 تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.

4 تنهنجي ڄمڻ جو احوال هن طرح آهي جو جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن ڪنهن بہ تنهنجو ناڙو نہ وڍيو، نڪي ڪنهن تو کي غسل ڪرائي صاف ڪيو. نڪي ڪنهن تنهنجي بدن کي لوڻ سان مهٽيو ۽ نہ وري ڪنهن تو کي ڪپڙي ۾ ويڙهيو.

5 ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي تو تي ايترو قياس بہ نہ پيو جو انهن ڪمن مان ڪو هڪڙو ئي تنهنجي لاءِ ڪري ۽ تو لاءِ ڪا شفقت ڏيکاري، بلڪ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، انهيءَ ڏينهن ئي تنهنجو بدن اهڙو نفرت جهڙو هو جو تو کي کُليل ميدان ۾ کڻي اڇلايو هئائون.

6 پوءِ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگھيس ۽ تو کي تنهنجي ڄم جي رت ۾ ليٿڙندي ڏٺم، تڏهن جيتوڻيڪ تون ڄم جي رت ۾ ٻڏل هئينءَ تہ بہ تو کي مرڻ نہ ڏنم، بلڪ تو کي چيم تہ ”جيئري رهہ

7 ۽ جھنگ جي ٻوٽن وانگر وڌندي رهہ.“ سو تون وڌي بالغ ٿينءَ. تنهنجيون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجو بدن ڀرجي ويو. پر پوءِ بہ تون اگھاڙي ۽ ننگي ئي رهينءَ.

8 پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.

9 پوءِ مون تو کي پاڻيءَ سان وهنجاري تنهنجي بدن تي لڳل رت چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪئي ۽ تو کي زيتون جو تيل مکيم.

10 مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم.

11 مون تو کي زيورن سان سينگاريو. تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ ۽ ڳچيءَ ۾ هار پارايم.

12 تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم.

13 اهڙيءَ طرح تو کي سون ۽ چانديءَ سان سينگاريم. تو هميشہ عمدي ۽ قيمتي ڪپڙي جي پوشاڪ پاتي، جنهن تي ڀرت جو ڪم ٿيل هو. تو عمدي ميدي واري ماني، ماکي ۽ زيتون جو تيل پئي کاڌو. تون ڄڻ تہ ڪا شهزادي ٿي پئينءَ جيڪا تمام خوبصورت هجي.

14 تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي. مون خداوند پنهنجي شان وَ شوڪت مان تو کي اهڙو حسنِ ڪامل بخشيو.

15 پر تو پنهنجي خوبصورتيءَ جو ناجائز فائدو ورتو ۽ پنهنجي مشهوريءَ جي وسيلي زناڪاري ڪرڻ لڳينءَ. تون پاڻ وٽان لنگھندڙ هر واٽهڙوءَ سان ٿي سمهينءَ ۽ انهيءَ جي ٿي وئينءَ ٿي.

16 تو پنهنجي ڪپڙن مان ڪجھہ ڪپڙا پوڄا وارين جاين کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪيا ۽ اتي ڪسبياڻيءَ وانگر تو اهڙي تہ زناڪاري ڪرائي جو اهڙي نہ ڪڏهن ٿي آهي ۽ نہ ٿيندي.

17 تو منهنجا ڏنل سون ۽ چانديءَ جا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ مردن جون مورتيون جوڙايون ۽ انهن سان زناڪاري ڪئي.

18 تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو.

19 جيڪو کاڌو مون تو کي ڏنو هو، يعني اهو ميدو، زيتون جو تيل ۽ ماکي جيڪي آءٌ تو کي کارائيندو هئس، سي بہ تو خوشبو واري قربانيءَ طور انهن بتن آڏو وڃي رکيا. مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو.

20 تنهن کان سواءِ تو پنهنجا اهي پٽ ۽ ڌيئر جيڪي تو کي مون مان پيدا ٿيا هئا، سي وٺي وڃي تو انهن بتن آڏو قربان ڪري ڇڏيا تہ جيئن اهي کين کائي ڇڏين. تنهنجيون زناڪاريون ڪي گھٽ هيون ڇا،

21 جو تو منهنجي ٻارن کي بہ ڪهي ڇڏيو ۽ کين باهہ ۾ ساڙي بتن آڏو قربان ڪيو؟

22 ڪسبياڻيءَ طور پنهنجي ڪراهت جهڙي زندگي گذارڻ دوران تو ڪڏهن هڪڙو دفعو بہ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد نہ ڪيو، جڏهن تون ننگي ۽ اگھاڙي پيئي هئينءَ ۽ ڄم جي رت ۾ پئي ليٿڙينءَ.‘“


يروشلم جي ڪسبياڻيءَ واري زندگي

23 خداوند خدا فرمايو تہ ”ويل آهي تو لاءِ ويل! اي يروشلم جي وسندي! تو نہ رڳو اهي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا،

24 بلڪ تو هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اهڙيون جايون ٺاهيون جتي تون بتن جي پوڄا ڪرين ۽ زناڪاري ڪرين.

25 هائو، هر رستي جي چونڪ ۾ تو بتن جي پوڄا لاءِ جاءِ ٺهرائي ۽ پنهنجي خوبصورتيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيئِہ، جو جيڪو ٿي لنگھيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ زناڪاريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهينءَ.

26 تو پنهنجي مصري يارن سان بہ زناڪاري ڪئي جيڪي تو سان سمهڻ لاءِ هميشہ آتا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح تو زناڪاري وڌائي مون کي غصو ڏياريو.

27 تنهنڪري ڏس، تو کي سزا ڏيڻ لاءِ مون پنهنجو هٿ تو تي کنيو آهي ۽ پنهنجي برڪتن مان تنهنجو حصو ختم ڪيو اٿم. مون تو کي انهن فلستين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي تو کان نفرت ٿا ڪن ۽ تنهنجي زناڪاريءَ وارن ڪمن کان بيزار آهن.

28 جيئن تہ زناڪاريءَ مان تنهنجو ڍءُ ئي نہ ٿي ٿيو سو تو اشورين سان بہ زناڪاري ڪئي. هائو، تو انهن سان بہ بدڪاري ڪئي پر تڏهن بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.

29 تنهن کان سواءِ تو تجارت ڪندڙ بابلين سان بہ پنهنجي زناڪاري وڌائي ڇڏي. تڏهن انهن مان بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.“

30 اهو ئي سبب آهي جو خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”تون اهي سڀ ڪم ڪري ٿي ڇڏين جيڪي هڪ بي‌حيا ڪڃريءَ جا ڪم آهن. تنهنڪري مون کي تو تي سخت ڪاوڙ آهي.

31 تو هر گھٽيءَ ۾ اهڙيون جايون جوڙيون آهن، جتي بتن جي پوڄا ۽ زناڪاري ڪئي اٿيئي. پر پوءِ بہ تون انهيءَ ڪڃريءَ جهڙي بہ ناهين جيڪا پنهنجي اجرت وٺي ٿي.

32 اي زناڪار عورت! تون پنهنجي مڙس جي بدران ڌارين کي قبول ٿي ڪرين.

33 سڀيئي ڪڃريون ماڻهن کان اجرت وٺن ٿيون، پر تون پنهنجي سڀني يارن کي بخششون ۽ رشوتون ڏيئي لالچائين ٿي تہ جيئن اهي هر طرف کان تو وٽ اچي تو سان زنا ڪن.

34 سو تون زناڪاريءَ ۾ ٻين عورتن جهڙي ناهين، ڇاڪاڻ تہ زناڪاريءَ لاءِ ڪوبہ ماڻهو پاڻيهي تنهنجي پٺيان لڳي نہ ٿو اچي، بلڪ تون انهن کي خرچي ٿي ڏئين، انهن کان خرچي وٺين نہ ٿي. تنهنڪري تون عجيب قسم جي زناڪار آهين.“


يروشلم لاءِ سزا

35 خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو اي ڪڃري، يروشلم جي وسندي! منهنجي ڳالهہ ٻڌ.

36 آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ تون پنهنجي آس‌پاس وارن يارن پٺيان وڃي ڪپڙا لاهي هڪڙي ڪڃريءَ وانگر ساڻن زناڪاري ڪرڻ لاءِ آتي آهين. تو پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا پڻ ڪئي آهي ۽ پنهنجيءَ ئي اولاد کي انهن جي آڏو قربان ڪري سندن رت وهايو اٿيئي.

37 ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن.

38 آءٌ تو تي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس، جهڙي ڪنهن زناڪار ۽ خون وهائيندڙ عورت تي جاري ڪئي ويندي آهي. آءٌ پنهنجي غصي ۽ غيرت سببان تو کي موت جي سزا ڏيندس.

39 اهو سڀ ڪجھہ تڏهن ٿيندو جڏهن آءٌ تو کي تنهنجي يارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. هو تنهنجي زناڪاريءَ وارين جاين ۽ بتن جي پوڄا وارن هنڌن کي ڊاهي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا. اهي تنهنجا ڪپڙا لاهي کڻي ويندا ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي وٺندا. هائو، هو تو کي خالي هٿئين ۽ بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏي ويندا.

40 هو تو تي ماڻهن جا ميڙ آڻي تو کي سنگسار ڪري ماريندا ۽ تنهنجي لاش کي پنهنجي تلوارن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا.

41 هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.

42 تڏهن ئي منهنجو قهر تو تي ڍرو ٿيندو ۽ منهنجي غيرت ماٺي ٿيندي. ائين آءٌ ماٺ ڪندس ۽ تو تي وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪندس.

43 تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءُ

44 ماڻهو تو بابت هي پهاڪو ڪم آڻيندا تہ ’جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءَ.‘

45 تون سچ پچ پنهنجي انهيءَ ماءُ جي ڌيءَ آهين، جنهن پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي اولاد کان نفرت ٿي ڪئي. هائو، تون پنهنجي انهن ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجي مڙسن ۽ پنهنجي اولاد کي ڌڪاريو ٿي. ڄڻ تہ تنهنجي ماءُ حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو.

46 تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريہ جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي اتر طرف هئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ سدوم جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي ڏکڻ طرف هئي.

47 تون نہ رڳو انهن جي راهہ تي هلي آهين ۽ نہ فقط انهن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، بلڪ تو تہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪري کانئن گوءِ کڻي ويئي آهين.

48 آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن بہ اهڙي بڇڙائي نہ ڪئي هئي جهڙي تو ۽ تنهنجي ڳوٺن ڪئي آهي.

49 ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.

50 اهي مغرور ۽ هٺيليون هيون ۽ اهڙا ڪم ڪنديون هيون جن کان مون کي نفرت هئي. تنهنڪري مون انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيو، جنهن بابت تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي.

51 سامريہ جي وسنديءَ تہ تنهنجي گناهن جي اڌ جيترا بہ گناهہ نہ ڪيا هئا. تون ڪراهت جي ڪمن ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي کان گوءِ کڻي ويئي آهين. تنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڀيٽ ۾ تنهنجي ٻنهي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي نہ هو.

52 تنهنجي ڀينرن جي گناهن کان تنهنجا گناهہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا آهن. سو اهي تو کان گھٽ قصوروار آهن. تنهنڪري تون پنهنجي سزا جي پاڻ ذميوار آهين. سو تون ذليل ۽ خوار خراب ٿيندينءَ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي بڇڙن ڪمن جي نسبت تنهنجي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي ڪونہ هو.“


سدوم ۽ سامريہ جي بحالي

53-55 خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آس‌پاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ.

56 ڇا تون اڳي پنهنجي مغروريءَ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ جي خواريءَ جو ذڪر ٽوڪ طور نہ ڪندي هئينءَ؟

57 اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي بڇڙائي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿيو. پر هاڻي تون بہ انهيءَ جهڙي ٿي پيئي آهين. تنهنڪري هاڻي تنهنجيون آس‌پاس واريون سڀ قومون، ادومين ۽ فلستين سميت تو کي ملامت ٿيون ڪن ۽ تو کي ڌڪارين ٿيون.

58 سو تو کي پنهنجي بدڪارين ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا ضرور ملندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند جو يروشلم سان واعدو

59 خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.

60 انهيءَ هوندي بہ مون کي پنهنجو اهو عهد ياد آهي، جيڪو مون تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تو سان ڪيو هو. آءٌ انهيءَ عهد کي هميشہ تائين قائم رکندس.

61 جڏهن تون پنهنجي وڏي ۽ ننڍي ٻنهي ڀينرن سان وري ملندينءَ، تڏهن تون پنهنجي چال چلت کي ياد ڪري شرمسار ٿيندينءَ. آءٌ اهي تو کي ڌيئرون ڪري عطا ڪندس، پر اهو سڀ ڪجھہ منهنجي انهيءَ عهد اقرار جو حصو نہ هوندو.

62 آءٌ تو سان پنهنجو عهد اقرار نئين سر قائم ڪندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

63 آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ