Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

حزقي ايل 10 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جي جلوي جو هيڪل تان هٽي وڃڻ

1 پوءِ جڏهن مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري گنبذ تي نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي بناوٽ تخت جهڙي هئي.

2 تڏهن خداوند عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي فرمايو تہ ”تون پردار آسماني مخلوق جي هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان اندر گھڙي وڃ ۽ پردار آسماني مخلوق جي وچ ۾ جيڪي ٽانڊا آهن، تن مان ٻئي مٺيون ڀري کڻي اچ ۽ اهي يروشلم شهر جي مٿان هيڏي هوڏي اڇلائي ڇڏ.“ تڏهن اهو ماڻهو منهنجي ڏسندي اندر گھڙي ويو.

3 جنهن وقت هو اندر ويو، تنهن وقت پردار آسماني مخلوقات هيڪل جي ڏاکڻي پاسي بيٺل هئا. تڏهن هڪڙو ڪڪر اندرين اڱڻ ۾ ڇانئجي ويو.

4 ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.

5 پردار آسماني مخلوق جي پرن جو آواز ايڏو تہ وڏو هو جو ڄڻ قادرِمطلق خدا جي ڳالهائڻ جو آواز هجي. اهو آواز ٻاهرين اڱڻ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

6 جڏهن خداوند عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي اهو حڪم ڏنو تہ هو پردار آسماني مخلوق هيٺان ڦرندڙ ڦيٿن جي وچان گھڙي ٽانڊا کڻي اچي، تڏهن هو اندر گھڙي هڪڙي ڦيٿي جي ڀرسان وڃي بيٺو.

7 ان وقت چئني پردار آسماني مخلوقات مان هڪڙي پنهنجو هٿ ڊگھيڙي وچ ۾ ٻرندڙ باهہ مان ڪجھہ ٽانڊا کڻي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿن تي رکيا. هو اهي ٽانڊا کڻي ٻاهر نڪري آيو.

8 مون نهاري ڏٺو تہ انهن چئني پردار آسماني مخلوقات جي وچ ۾ سندن پرن هيٺان مون کي انساني هٿ نظر آيا.

9 مون اهو بہ ڏٺو تہ انهن مخلوقات جي ڀرسان چار ڦيٿا هئا، هر هڪ جي پاسي ۾ هڪ هڪ ڦيٿو هو. اهي ڦيٿا قيمتي پٿر جيان چمڪي رهيا هئا

10 ۽ سڀيئي بلڪل هڪجهڙا هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ هر ڦيٿي منجھہ ٻيو ڦيٿو پيل هجي.

11 اهي ڦيٿا هلڻ وقت چئني پاسن ڏانهن هلي ٿي سگھيا. هلندي وقت اهي مڙيا نہ ٿي، بلڪ جنهن پاسي انهن مخلوقات جو منهن ٿيو پئي تنهن پاسي ڏانهن اهي سڌا هليا ٿي ۽ هلندي مڙيا نہ ٿي.

12 مون اهو بہ ڏٺو تہ پردار آسماني مخلوق مان هر هڪ جو سڄو بدن، سندن پٺا، هٿ، پر ۽ انهن جا ڦيٿا چوڌاري اکين سان ڀريل هئا.

13 مون هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن انهن ڦيٿن کي ”چرخو“ ڪري سڏيو.

14 هر هڪ مخلوق کي چار منهن هئا. سندن پهريون منهن ڍڳي جهڙو هو، ٻيو انسان جهڙو، ٽيون شينهن جهڙو ۽ چوٿون عقاب جهڙو هو.

15 اهي پردار آسماني مخلوقات بلڪل اهي ساڳيا ئي ساهوارا هئا، جيڪي مون ڪبار نهر جي ڀرسان ڏٺا هئا. جڏهن اهي مٿي بلند ٿي ٿيا،

16 تڏهن انهن جي هلڻ سان سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ ٿي هليا. جڏهن انهن زمين کان مٿي چڙهڻ لاءِ پنهنجا پر بلند ٿي ڪيا، تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان ٿي ڦريا.

17 جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ بيهي ٿي رهيا. جڏهن اهي مٿي چڙهيا ٿي تڏهن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا.

18 پوءِ خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني هيڪل جي دروازي تان بلند ٿي ۽ وڃي پردار آسماني مخلوق جي مٿان واري جاءِ تي بيٺي.

19 تڏهن انهن پنهنجا پر پکيڙيا ۽ منهنجي ڏسندي ئي اهي زمين تان مٿي چڙهي ويا ۽ سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا. پوءِ اهي هيڪل جي اوڀر طرف واري دروازي جي لنگھہ وٽ وڃي بيٺا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني انهن جي مٿان هئي.

20 مون انهن مخلوقات کي سڃاڻي ورتو. اهي بلڪل ساڳيا ئي هئا جن کي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي بني اسرائيل جي خدا جي جلوي هيٺان بيٺل ڏٺو هو.

21 انهن مان هر هڪ کي چار چار منهن ۽ چار چار پر هئا. انهن جي پرن هيٺان ماڻهن جي هٿن جهڙا هٿ هئا.

22 انهن جا منهن بلڪل اهڙا ئي هئا، جهڙا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺا هئا ۽ پاڻ بہ بلڪل اهي ساڳيا ئي هئا. اهي سڀ جو سڀ سڌا ٿي هليا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ