حزقي ايل 1 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جو حزقيايل کي نبي چونڊڻ ( 1:1–3:27 ) خدا جو تخت 1 ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقيايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون. 2 يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي بابل ملڪ ۾ جلاوطنيءَ جي پنجين سال، مهيني جي پنجين ڏينهن، 3 ڪبار نهر جي ڪناري تي خداوند مون سان ڳالهايو ۽ سندس قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي. 4 مون مٿي کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ اتر طرف کان هڪڙو وڏو طوفان پيو اچي. ڏٺم تہ هڪڙي وڏي ڪڪر مان وڄ چمڪي رهي هئي ۽ انهيءَ جي چوڌاري آسمان مان تجلا ٿي نڪتا. تڏهن جتي وڄ چمڪي رهي هئي، انهيءَ جي وچ مان چمڪندڙ پتل جهڙي هڪ شيءِ ظاهر ٿي 5 ۽ انهيءَ شيءِ مان چار ساهوارا مخلوق ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي انساني صورت جهڙا هئا. 6 انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. 7 انهن جون ٽنگون سڌيون هيون ۽ سندن پيرن جون تِريون گابي جي کرن جهڙيون هيون. اهي مخلوق چمڪندڙ پتل وانگر پئي چمڪيا. 8 انهن مان هر هڪ کي چار منهن ۽ چار پر هئا. ان کان علاوہ انهن جي چئني پاسن تي سندن پرن جي هيٺان انساني هٿ بہ نظر ٿي آيا. 9 انهن چئني جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا ۽ هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، جو انهن هڪڙو چوڪنڊو ٺاهيو ٿي ۽ گڏجي هڪ ٿي هليا ٿي ۽ کين منهن ڦيرڻ جي ضرورت ڪانہ ٿي پئي. 10 انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي مختلف قسم جا چار منهن هئا. انهن جو اڳ وارو منهن انسان جهڙو ۽ ساڄي پاسي وارو منهن شينهن جهڙو هو. انهن جو کاٻي پاسي وارو منهن ڏاند جهڙو ۽ پٺيان وارو منهن عقاب جهڙو هو. 11 انهن ساهوارن جا ٻہ ٻہ پر پکڙيل هئا، جن جون چوٽيون ٻئي ساهواري جي پرن سان مليل هيون ۽ سندن باقي ٻن ٻن پرن سندن بدن کي ٿي ڍڪيو. 12 انهن مان هر ڪو اڳتي سڌو ڏسي رهيو هو. سو جيڏانهن انهن جي هلڻ جي مرضي پئي ٿي، تيڏانهن هو گڏجي بغير ڪنڌ ڦيرڻ جي ويا پئي. 13 انهن ساهوارن مان باهہ جا ٽانڊا يا اولانبا هڪٻئي ڏانهن اهڙيءَ طرح چمڪندي ڏسڻ ۾ ٿي آيا جو ڄڻ وڄ جا شعلا چمڪو ڏيئي رهيا هجن. 14 اهي ساهوارا وڄ جي تجليءَ وانگر هيڏانهن هوڏانهن پئي ٿيا. 15 اڃا آءٌ انهن چئني ساهوارن کي ڏسي ئي رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ هر هڪ ساهواري جي ڀرسان هڪ هڪ ڦيٿو زمين تي لٿو. 16 اهي چار ئي ڦيٿا بلڪل هڪجهڙا هئا ۽ قيمتي پٿر جيان چمڪي رهيا هئا. انهن جي بناوٽ اهڙي هئي ڄڻ تہ هر هڪ ڦيٿي جي وچ ۾ ٻيو ڦيٿو پيل هجي. 17 اهي ڦيٿا بنا مڙڻ جي هر طرف ڏانهن هلي ٿي سگھيا. 18 انهن جا پاٽا اوچا ۽ اچرج جهڙا هئا. انهن چئني ڦيٿن جي پاٽن ۾ چوڌاري اکيون ئي اکيون هيون. 19 جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي، تڏهن اهي ڦيٿا سندن پاسن کان ٿي هليا. جڏهن اهي ساهوارا زمين تان مٿي ٿي ويا ٿي، تڏهن ڦيٿا بہ مٿي کڄيو ٿي ويا. 20 ساهوارن جي دل جيڏانهن چاهيو ٿي، اوڏانهن هو وڃي ٿي سگھيا ۽ ڦيٿا بہ انهن سان گڏ ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا. 21 تنهنڪري جڏهن هو هليا ٿي تہ ڦيٿا بہ ٿي هليا ۽ جڏهن هو بيٺا ٿي تہ ڦيٿا بہ بيهي ٿي رهيا. زمين تان مٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڦيٿا بہ ساڻن گڏ کڄي ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ ڦيٿا انهن ساهوارن جي ضابطي ۾ هئا. 22 انهن ساهوارن جي مٿن جي مٿان چمڪندڙ بلور جهڙو گنبذ ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جيڪو انهن جي مٿان پکڙيل هو. 23 انهيءَ گنبذ جي هيٺان اهي ساهوارا بيٺا هئا ۽ سندن پاسي وارا ٻہ ٻہ پر سڌا هڪٻئي جي پرن سان مليل هئا، ۽ ٻين ٻن ٻن پرن سان سندن بدن ڍڪيل هو. 24 جڏهن اهي ساهوارا هليا ٿي تڏهن انهن جي پرن جو آواز ائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ، يا جيئن وڏي لشڪر جو گوڙ شور، يا جيئن قادرِمطلق خدا جو آواز. وري جڏهن اهي بيٺا ٿي تڏهن انهن پنهنجا پر پنهنجي بدن سان وڪوڙي ٿي ڇڏيا. 25 انهيءَ گنبذ مٿان جيڪو انهن ساهوارن جي مٿان هو، اوچتو هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. 26 انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي. 27 انهيءَ جي چيلهہ کان وٺي مٿي واري صورت باهہ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙي هئي ۽ سندس چيلهہ کان وٺي هيٺ واري صورت باهہ جي شعلي جهڙي هئي. انهيءَ جي چوڌاري روشنائي ئي روشنائي هئي، 28 جيڪا اهڙي رنگدار ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙا انڊلٺ جا رنگ. خداوند جي انهيءَ جلوي جي تجلي ڏسي آءٌ حزقيايل منهن ڀر زمين تي سجدي ۾ ڪري پيس. تڏهن مون هڪڙو آواز ٻڌو جيئن ڪو ڳالهائي رهيو هجي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society