Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

خروج 21 - Muslim Sindhi Bible


غلامن بابت قانون
( شريعت جو دور 15‏:12‏-18 )

1 خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”جيڪي قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌائيندين سي هي آهن.

2 جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجي هم‌قوم عبرانيءَ کي غلام طور خريد ڪري ٿو تہ اهو ڇهن سالن تائين سندس خدمت ڪندو. ستين سال هو مفت ۾ آزاد ٿي ويندو.

3 جيڪڏهن اوهان جو غلام ٿيڻ وقت هو پرڻيل نہ هو، تہ آزاد ٿيڻ وقت هو اڪيلو ئي ويندو. پر جيڪڏهن هو تنهنجو غلام ٿيڻ وقت پرڻيل هو تہ آزاد ٿيڻ وقت سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي.

4 جيڪڏهن هن جي مالڪ کيس شادي ڪرائي هجي ۽ انهيءَ عورت مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون هجن، تہ هن جي زال ۽ ٻار سندس مالڪ جا آهن. هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو.

5 پر جيڪڏهن اهو غلام صاف طرح چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي مالڪ، پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي ٻارن کي پيار ٿو ڪريان ۽ آءٌ آزاد ٿيڻ نہ ٿو گھران،‘

6 تڏهن هن جو مالڪ مون خدا کي شاهد بڻائي انهيءَ غلام کي در تي يا در جي چانئٺ تي آڻي بيهاريندو ۽ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو. پوءِ هو سڄي حياتيءَ لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.

7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو تہ هوءَ مرد ٻانهن وانگر آزاد نہ ٿيندي.

8 جيڪڏهن هن جي مالڪ ساڻس مڱڻو ڪيو هجي پر هاڻي کيس اها نہ ٿي وڻي، تہ پوءِ هو انهيءَ ٻانهيءَ کي سندس ئي خاندان ۾ وڪڻي ڇڏي. مالڪ کي اهو اختيار ڪونهي تہ هو کيس ڌارين ماڻهن ۾ وڪڻي، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ سان دوکو ڪيو آهي.

9 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻانهي خريد ڪري انهيءَ سان پنهنجي پٽ جو مڱڻو ٿو ڪري تہ پوءِ هو انهيءَ سان پنهنجي ڌيئرن جهڙو سلوڪ ڪري.

10 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻي زال ٿو پرڻجي، تہ هو پهرينءَ زال جي کاڌي، ڪپڙي ۽ زال جي حق ادا ڪرڻ ۾ ڪابہ گھٽتائي نہ ڪري.

11 پر جيڪڏهن هو پهرينءَ زال جا اهي ٽيئي حق پورا نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو انهيءَ کي پئسن وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏي.“


خون بابت قانون

12 ”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري وڃي، تہ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.

13 پر جيڪڏهن هن جو مارڻ جو ارادو نہ هو، مگر انهيءَ واقعي ۾ مون خدا جي مرضي ائين هئي، تہ پوءِ آءٌ هڪڙي جڳهہ مقرر ڪندس، جتي هو وڃي پناهہ وٺي.

14 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي‌واڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربان‌گاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.

15 جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي.

16 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.

17 جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.

18 جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ جھيڙو ڪن ۽ هڪڙو ٻئي کي پٿر يا ٺونشو هڻي ۽ هو مري نہ وڃي پر بستري داخل ٿئي،

19 پوءِ جيڪڏهن اهو وري اُٿي ۽ پنهنجيءَ لٺ تي ٻاهر گھمي ڦري، تہ جنهن ڌڪ هنيو هجي تنهن کي ڇڏي ڏجي. پر هو ڌڪيءَ جو رڳو ٿيل نقصان ڀري ڏئي ۽ سندس پوريءَ طرح علاج ڪرائي.

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي لٺ سان اهڙو ماري جو هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گھرجي.

21 پر جي مار کان پوءِ بہ غلام ڏينهن ٻہ جيئرو هجي، تہ مالڪ کي ٻي سزا نہ ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ غلام جو مرڻ سندس ئي ملڪيت جو نقصان آهي.

22 جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ۽ ڪنهن پيٽ واريءَ عورت کي اهڙو ڌڪ هڻن جو کيس وقت کان اڳ ٻار پيدا ٿئي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئي، تہ ڌڪ هڻندڙ کي ايترو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوندو جيترو انهيءَ عورت جو مڙس مٿس رکي ۽ جج منظوري ڏين.

23 پر جيڪڏهن ڌڪ مان ڪو ٻيو نقصان رسي تہ ان جو عيوضو هن ريت ٿئي، يعني ڌڪ هڻندڙ ساهہ جي عيوض ساهہ ڏئي.

24 هو اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ ۽ پير جي عيوض پير ڏئي.

25 هن کي ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ جي سزا ملي.

26 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي هن جي اک ڪڍي وجھي، تہ هو سندس اک جي عيوض ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏي.

27 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي هن جو ڏند ڀڃي وجھي، تہ هو سندس ڏند جي عيوض ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏي.“


مالڪن جي ذميواري

28 ”جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن مرد يا عورت کي سڱ هڻي ماري وجھي، تہ انهيءَ ڏاند کي ضرور سنگسار ڪيو وڃي ۽ ان جو گوشت نہ کاڌو وڃي. پر ڏاند جو مالڪ بي‌گناهہ آهي.

29 پر جيڪڏهن انهيءَ ڏاند کي اڳي سڱن هڻڻ جي عادت هجي ۽ ان بابت سندس مالڪ کي ٻڌايو بہ ويو هجي، تڏهن بہ هن کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي ۽ پوءِ جي اهو ڪنهن مرد يا عورت کي ماري وجھي، تہ انهيءَ ڏاند کي ضرور سنگسار ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جو مالڪ بہ ماريو وڃي.

30 جيڪڏهن هن تي خون جو عيوضو رکڻ ۾ اچي، تہ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جيڪي مٿس رکيو وڃي سو هو ڀري ڏئي.

31 جيڪڏهن ڏاند ڪنهن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي سڱ هڻي ماريو هجي، تڏهن بہ ساڳئي ئي حڪم موجب ڏاند ۽ مالڪ سان سلوڪ ڪيو وڃي.

32 جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن جي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي ماري وجھي، تہ ڏاند جو مالڪ ٻانهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڀري ڏئي ۽ ڏاند کي سنگسار ڪيو وڃي.

33 جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڏ کولي يا نئين کڏ کوٽي ۽ انهيءَ کي ڍڪي نہ ڇڏي ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي،

34 تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ ان جو نقصان ڀري ڏئي. هو جانور جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي ۽ مئل جانور پاڻ کڻي.

35 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڏاند ٻئي جي ڏاند کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ هو جيئرو ڏاند وڪڻن ۽ انهيءَ جي رقم ٻئي پاڻ ۾ ورهائي کڻن. هو انهيءَ مئل ڏاند کي بہ ائين ورهائين.

36 پر جيڪڏهن اها خبر پئجي وڃي تہ انهيءَ ڏاند کي اڳي بہ سڱن هڻڻ جي عادت هئي ۽ سندس مالڪ ان کي ٻڌي نہ ڇڏيو هو، تہ پوءِ هو ضرور ان ڏاند جي عيوضي ۾ جيئرو ڏاند ڀري ڏئي. مئل ڏاند هو پاڻ کڻي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ