Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

شريعت جو دور 6 - Muslim Sindhi Bible


فرمانبرداريءَ جو ڦل

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهي حڪم ۽ قاعدا قانون هي آهن، جن تي اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪرڻو آهي جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو. اوهان کي انهن جي سيکارڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي،

2 انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.

3 تنهنڪري اي بني اسرائيل! ٻڌو ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهيءَ ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.“


سڀني کان وڏو حڪم

4 ”اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي.

5 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.

6 هي ڳالهيون جن جو آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي اوهان کان ڪڏهن بہ نہ وسرن.

7 اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.

8 انهن کي اوهين يادگيريءَ لاءِ پنهنجين ٻانهن تي ٻڌي ڇڏيو ۽ پنهنجي نرڙ تي ٽڪي وانگر هڻي ڇڏيو.

9 انهن کي پنهنجي گھر جي دروازن جي ٻانهين تي ۽ ٻاهرين دروازن تي لکي ڇڏيو.

10 جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ هو اوهان کي اهي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جيڪي اوهان نہ جوڙيا آهن.

11 هو اوهان کي سڀني چڱين شين سان ڀريل گھر، جيڪي اوهان نہ ڀريا آهن، اهي کوٽيل حوض، جيڪي اوهان نہ کوٽيا آهن، اُهي انگورن جا باغ ۽ زيتون جا وڻ، جيڪي اوهان نہ پوکيا آهن، سي ڏيندو. جڏهن اوهين اهي کائي ڍءُ ڪريو،

12 تڏهن خبردار ٿجو، متان پنهنجي خداوند کي وساري ڇڏيو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.

13 بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.

14 جيڪي قومون اوهان جي آس‌پاس رهنديون هونديون، تن جي معبودن جي پٺيان نہ لڳجو،

15 ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي سو غيرت وارو خدا آهي. ائين نہ ٿئي جو خداوند اوهان جو خدا اوهان تي ڪاوڙجي ۽ اوهان کي دنيا مان بلڪل برباد ڪري ڇڏي.

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائجو، جيئن اوهان کيس مساہ ۾ آزمايو هو.

17 اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ۽ قاعدا قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي سختيءَ سان عمل ڪندا رهجو.

18 اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تنهن ۾ وڃي مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.

19 ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جي سڀني دشمنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.

20 ايندڙ زماني ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟‘

21 تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’جڏهن اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.

22 خداوند اسان جي اکين اڳيان مصرين، فرعون ۽ سندس سڄي حويليءَ جي خلاف وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا.

23 هو اسان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي عطا ڪري.

24 سو خداوند اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين انهن سڀني قانونن تي عمل ڪريون ۽ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي ۽ هو اسان کي اڄوڪي ڏينهن وانگر جيئرو رکي.

25 سو جيڪڏهن اسين سندس حڪم مطابق خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ سچائي ليکي ويندي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ