Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

شريعت جو دور 12 - Muslim Sindhi Bible


عبادت لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪرڻ

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي آهن اهي قاعدا قانون جن تي اوهين پنهنجي سڄي عمر انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جيڪو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.

2 اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون.

3 اوهين هنن جون قربان‌گاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو.

4 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪن ٿا.

5 بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.

6 اُتي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ۽ پنهنجا ڏهان حصا، پنهنجيون باسون ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون ۽ پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا پيش ڪجو.

7 اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.

8 عبادت واري انهيءَ جاءِ تي اوهين ائين نہ ڪجو، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، جو جنهن کي جيئن وڻي ٿو تيئن ٿو عبادت ڪري.

9 پر اڃا تائين اوهين انهيءَ آرام ۽ ميراث واري هنڌ تي ڪونہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.

10 سو جڏهن اوهين اردن درياءَ جي پار وڃي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، تڏهن هو اوهان کي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهڻ لڳندا.

11 پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.

12 اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.

13 خبردار ٿجو، متان جيڪا بہ جاءِ ڏسو، اتي ئي پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو.

14 بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جي قبيلن منجھان چونڊي ڪڍي، اتي ئي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪجو. جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان سي سڀ اتي ئي ڪجو.

15 پر جيڪڏهن اوهين پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب گوشت کائڻ چاهيو تہ اوهين پنهنجن شهرن اندر، خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت موجب جانور ڪهي گوشت کائي ٿا سگھو، توڙي اوهين پاڪ هجو يا ناپاڪ، جيئن اوهين ڦاڙهو يا هرڻ کائو ٿا.

16 مگر اوهين رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.

17 پر اوهين پنهنجي اناج، مئي يا زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا، پنهنجيون باسون، پنهنجي خوشيءَ جون قربانيون يا پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجن شهرن جي اندر کائي نہ ٿا سگھو.

18 بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو.

19 خبردار، جيستائين اوهين انهيءَ ملڪ ۾ جيئرا آهيو، تيستائين لاوين کي نہ وسارجو.

20 جڏهن خداوند اوهان جو خدا پنهنجي واعدي موجب اوهان جي سرحد وڌائي ۽ اوهان جي گوشت کائڻ تي دل ٿئي ۽ اوهين چئو تہ ’اسين گوشت کائون،‘ تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب ڀلي گوشت کائو.

21 جيڪڏهن اهو گھر جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي سو اوهان کان گھڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند اوهان کي جيڪي ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڏنيون آهن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن پنهنجي دل جي خواهش موجب پنهنجن شهرن جي اندر کائجو.

22 جهڙيءَ طرح ڦاڙهي يا هرڻ کي کائبو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين پاڪ هجو توڙي ناپاڪ انهيءَ مان کائي ٿا سگھو.

23 رڳو ايتري خبرداري ڪجو جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇاڪاڻ تہ رت حياتي آهي. سو اوهين گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائجو.

24 اوهين اهو رت هرگز نہ کائجو پيئجو بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.

25 اوهين اهو نہ کائجو پيئجو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي.

26 پر اوهين پنهنجيون مخصوص شيون، جي اوهان وٽ هجن ۽ پنهنجيون باسون انهيءَ جاءِ تي کڻي وڃجو جيڪا خداوند چونڊيندو.

27 اُتي اوهين پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين جو گوشت ۽ رت، خداوند پنهنجي خدا جي قربان‌گاهہ تي پيش ڪجو. اوهان جي ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت پڻ خداوند اوهان جي خدا جي قربان‌گاهہ تي پئٽيو ويندو، باقي انهن جو گوشت اوهين ڀلي کائجو.

28 هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.“


بت‌پرستيءَ خلاف چتاءُ

29 ”جن قومن جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تن قومن کي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سامهون تباهہ ڪري ڇڏيندو ۽ اوهين سندن ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهڻ لڳندا.

30 تڏهن اوهين خبردار ٿجو، متان انهن جي برباد ٿيڻ کان پوءِ اوهين بہ انهن جي معبودن جي پٺيان لڳي ڦندي ۾ ڦاسو. هائو، متان انهن جي معبودن بابت پڇا ڪريو تہ ’اهي قومون ڪهڙيءَ طرح پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون، تہ اسين بہ ائين ئي خداوند جي عبادت ڪريون.‘

31 خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.

32 جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ