Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

دانيال 5 - Muslim Sindhi Bible


بيلشضر جي دعوت دوران خدائي لکت

1 بيلشضر بادشاهہ پنهنجي هڪ هزار اميرن جي وڏي دعوت ڪئي ۽ انهن سان گڏجي مئي پيتائين.

2 مئي پيئندي پيئندي نشي ۾ بيلشضر حڪم ڪيو تہ سون ۽ چانديءَ جا جيڪي ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم جي هيڪل مان ڪڍي آندا هئا، سي وٽس آندا وڃن تہ جيئن بادشاهہ پاڻ، سندس امير، سندس زالون ۽ سريتون انهن ۾ مئي پيئن.

3 تڏهن اهي سونا ٿانوَ آڻي حاضر ڪيا ويا، جن ۾ انهن سڀني مئي پيتي.

4 هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.

5 تڏهن اوچتو هڪ انساني هٿ ظاهر ٿيو، جنهن جون آڱريون شمعدان جي روشنيءَ ۾ بادشاهہ جي محل جي ڀت تي گچ مٿان ڪجھہ لکڻ لڳيون. بادشاهہ انهيءَ هٿ کي لکندي ڏسي ورتو.

6 تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.

7 پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“

8 تڏهن بادشاهہ جا عالم اڳتي ايندا ويا، پر اهي سڀيئي اها لکت پڙهي بادشاهہ کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيا.

9 تنهن تي بادشاهہ بيلشضر اڃا بہ وڌيڪ فڪرمند ٿيو ۽ سندس منهن جو رنگ ويتر ڦري ويو. سندس امير پڻ پريشانيءَ ۾ پئجي ويا.

10 بادشاهہ ۽ اميرن جي ڳالهين جو آواز ٻڌي، بادشاهہ جي ماءُ ملڪہ دعوت واريءَ جاءِ ۾ آئي ۽ چيائين تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهين. تون پريشان نہ ٿيءُ، نڪي ڪو ڊپ ڪر.

11 تنهنجي بادشاهت ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جنهن ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن منجھہ نور، سمجھہ ۽ ڏاهپ، بلڪ معبودن جي ڏاهپ ڏٺي ويئي. تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر هن کي جادوگرن، نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن جو سردار مقرر ڪيو هو،

12 ڇاڪاڻ تہ دانيال نالي انهيءَ شخص ۾، جنهن کي بادشاهہ نبوڪدنضر ’بيلطشضر‘ جو نالو ڏنو هو، غير معمولي خوبيون هيون. منجھس خوابن جو تعبير ڪرڻ جو علم ۽ سمجھہ، ڳُجھن کي بيان ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي. سو هاڻي دانيال کي گھراءِ، هو ئي تو کي انهيءَ لکت جو مطلب ٻڌائيندو.“


دانيال جو لکت جو مطلب ٻڌائڻ

13 تڏهن دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”مون ٻڌو آهي تہ تون اهو ئي دانيال آهين، جيڪو يهوداہ ملڪ جي انهن يهودين منجھان هڪ آهين، جن کي منهنجي پيءُ پڪڙي آندو هو؟

14 مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.

15 هاڻ عالمن ۽ نجومين کي آڻي مون آڏو حاضر ڪيو اٿن انهيءَ لاءِ تہ اهي هن ڀت واري لکت پڙهي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائين، پر هو ائين نہ ڪري سگھيا آهن.

16 مگر مون تو بابت ٻڌو آهي تہ تون تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکين ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون هيءَ لکت پڙهي انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندين، تہ پوءِ تو کي شاهي خلعت ڍڪائبي، تنهنجي ڳچيءَ ۾ سونو هار وجھبو ۽ تون بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حاڪم ٿيندين.“

17 تڏهن دانيال بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”تنهنجا انعام تو کي ئي نيبهہ هجن، يا اهي ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏ. تنهن هوندي بہ آءٌ اها لکت تو بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان ۽ انهيءَ جو مطلب بہ سمجھايان ٿو.

18 اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.

19 خدا جي انهيءَ ڏنل عظمت جي ڪري سڀ قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ کانئس ڊڄندا ۽ ڏڪندا هئا. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي جيئرو رکندو هو. هو جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي سرفراز ڪندو هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي ڪيرائي ڇڏيندو هو.

20 پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.

21 هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.

22 پر اي بيلشضر! تون جيڪو سندس اولاد آهين، انهن سڀني ڳالهين کان واقف هوندي بہ تو پنهنجيءَ دل ۾ عاجزي نہ آندي آهي.

23 اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.

24 تنهنڪري ئي وٽانئس اهو هٿ موڪليو ويو، جنهن سان اها لکت لکي ويئي.

25 ڀت تي جيڪي لفظ لکيل آهن يعني ’ڳڻپ، ڳڻپ، تور، ورهاست،‘

26 تن جو مطلب هي آهي. ’ڳڻپ، ڳڻپ‘ يعني خدا تنهنجي بادشاهيءَ جا ڏينهن ڳڻي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس.

27 ’تور‘ يعني تون تارازيءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گھٽ نڪتو آهين.

28 ’ورهاست‘ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي ۽ اها مادئين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“

29 تڏهن بيلشضر جي حڪم سان دانيال کي شاهي خلعت پهرائي ويئي ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان سواءِ هن بابت اعلان ڪيو ويو تہ هو بادشاهت جو ٽيون نمبر حاڪم شمار ڪيو وڃي.

30 سو بابلين جي انهيءَ بادشاهہ بيلشضر کي ساڳيءَ رات ئي قتل ڪيو ويو.

31 تڏهن دارا مادئيءَ کي بادشاهت ملي ويئي، جنهن جي عمر ٻاهٺ سال هئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ