عاموس 7 - Muslim Sindhi Bibleماڪڙ واري رويا 1 خداوند خدا مون عاموس کي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ انهيءَ وقت جڏهن فصل مان بادشاهہ جو حصو لڻجي چڪو هو ۽ انهيءَ لڻيل فصل مان ٻيو لوب ڦٽي نڪتو هو، تڏهن خداوند انهن لڻيل فصل جي گونچن مٿان ماڪڙ جا ڪٽڪ موڪليا. 2 جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي. اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“ 3 تڏهن خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”چڱو ڀلا، ائين نہ ٿيندو.“ باهہ واري رويا 4 پوءِ خداوند خدا مون کي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ خداوند خدا پنهنجيءَ قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ باهہ کي موڪليو. جڏهن انهيءَ باهہ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو ۽ زمين کي بہ کائڻ لڳي 5 تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر، تنهنجي قوم ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“ 6 تڏهن وري خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”ڀلا، ائين بہ نہ ٿيندو.“ شاهل واري رويا 7 خداوند وري مون کي ٽين رويا ڏيکاري، جنهن ۾ ڏٺم تہ پروردگار شاهل سان ٺاهيل هڪڙيءَ ڀت وٽ بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ شاهل آهي. 8 خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”شاهل.“ تڏهن پروردگار فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ اسرائيل ملڪ واري پنهنجي قوم مٿان شاهل لڙڪايان ٿو. پوءِ منجھن ڏنگائي ڏسي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس. 9 تڏهن اسحاق جي اولاد جون جبلن تي ٺهيل عبادتگاهون تباهہ ٿي وينديون. هائو، اسرائيل ملڪ جون سڀيئي عبادت واريون جايون ويران ٿي وينديون. انهيءَ کان علاوہ آءٌ يربعام بادشاهہ جي گھراڻي خلاف جنگ کڙي ڪندس.“ عاموس نبيءَ ۽ امصياہ ڪاهن جي وچ ۾ بحث 10 تڏهن بيتايل جي ڪاهن امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”عاموس تنهنجي خلاف تنهنجي ملڪ جي رهاڪن ۾ فتنو کڙو ڪيو آهي، سندس ڳالهيون ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏينديون. 11 هو چوي ٿو تہ ’يربعام ثاني جنگ ۾ ماريو ويندو، ۽ اسرائيل وارن کي ضرور قيد ڪري پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪيو ويندو.‘“ 12 تنهن کان پوءِ امصياہ پاڻ عاموس کي چيو تہ ”اي غيب ڏسندڙ! هاڻي هليو وڃ. تون پنهنجي يهوداہ ملڪ ڏانهن موٽي وڃ. اُتي وڃي اڳڪٿيون ڪري پنهنجو پيٽ پال. 13 پر هتي بيتايل ۾ وري ڪڏهن بہ اڳڪٿي نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هيءَ بادشاهہ توڙي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي عبادت جي مقدس جاءِ آهي.“ 14 تنهن تي عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو تہ ”نڪي آءٌ ڪو نبي هئس ۽ نہ وري ڪنهن نبيءَ جو پٽ، بلڪ آءٌ تہ هڪڙو ڌنار ۽ انجير جي وڻن جو رکوالو آهيان. 15 پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘ 16 اي امصياہ! تون مون کي چوين ٿو تہ ’اسرائيل وارن جي خلاف اڳڪٿي نہ ڪر، نہ ئي سندن خلاف ڪا ٻي ڳالهہ ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو هي فرمان ٻڌ. 17 خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي امصياہ! تنهنجي زال شهر ۾ ڪڃري بڻبي، جنگي حمليآورن هٿان تنهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ماريا ويندا، تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي، ۽ تون پاڻ ڪنهن ناپاڪ ملڪ ۾ وڃي مرندين. جڏهن تہ اسرائيل وارا ضرور پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪري ڪڍيا ويندا.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society