عاموس 5 - Muslim Sindhi Bibleاسرائيل ملڪ تي مرثيو 1 اي اسرائيل وارؤ! مون عاموس جو هي مرثيو اوهان لاءِ آهي، سو ٻڌو. 2 اي اسرائيل جي وسندي! تون هڪ اهڙيءَ ڪنواريءَ مثل آهين، جيڪا ڪري پيئي آهي ۽ وري ڪڏهن ڪين اٿندي. هائو، تون ڌرتيءَ تي لاچار ٿي پيئي آهين، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو تو کي اچي اٿاري. 3 انهيءَ ڪري ئي خداوند خدا ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ جي جنهن شهر مان جيڪڏهن هڪ هزار جو لشڪر نڪرندو، تہ انهيءَ مان باقي هڪ سؤ جيئرا موٽي ايندا، ۽ جنهن شهر مان هڪ سؤ جو لشڪر نڪرندو، تہ انهيءَ مان باقي ڏهہ جيئرا موٽندا.“ جيئري رهڻ جو سڏ 4 خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو. 5 بيتايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادتگاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“ 6 سو اي اسرائيل وارؤ! اوهين خداوند جا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو. جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ هو بيتايل بلڪ اوهان جي سڄي ملڪ ۾ باهہ وانگر ڪاهي پوندو، ۽ اوهان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. ڪوبہ انهيءَ باهہ کي وسائي نہ سگھندو. گنهگارن کي چتاءُ 7 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي انصاف کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿا ڇڏيو. 8 ياد رکو، جنهن ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙيا آهن، جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو، جيڪو گھُگھُہ اونداهيءَ کي ڦيرائي صبح جو سوجھرو ڪري ٿو، هائو، اهو ئي جيڪو ڏينهن کي رات جي اوندهہ ۾ ڦيرائي ٿو، انهيءَ جو ئي نالو خداوند آهي. 9 هو ڏاڍن تي اوچتو ئي اوچتو موت آڻي ٿو، هائو، هو ئي انهن جي قلعن تي تباهي نازل ڪري ٿو. 10 سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا. 11 هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي. 12 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو. 13 تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي. خداوند جو ڏينهن 14 سو اوهين بديءَ جا نہ، بلڪ نيڪيءَ جا طالبو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهي سگھو. پوءِ اوهين جيڪا دعويٰ ڪريو ٿا تہ ”خداوند قادرِمطلق خدا اسان سان آهي،“ سا سچي ثابت ٿيندي. 15 بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي. 16 خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”سڀني چونڪن تي بلڪ سڀني گھٽين ۾ ’واءِويلا! واءِويلا!‘ پڪاريو ويندو. انهيءَ کان علاوہ نہ رڳو معاوضو وٺندڙ ماهر مرثياخوانن کي بلڪ هارين کي بہ ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو. 17 سڀني انگورن جي باغن ۾ واءِويلا پئجي ويندي. آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ اچي رهيو آهيان.“ 18 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو. اوهين ڇو خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اهو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن آهي، نہ روشنيءَ جو. 19 اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس. 20 ڇا خداوند جي ڏينهن تي انڌارو نہ هوندو؟ بيشڪ اهو اونداهو، بلڪ بنا ڪنهن روشني جي اوندهہ انڌوڪار هوندو. 21 خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اوهان جي عيدن کي مڪروہ ٿو ڄاڻان، ۽ مون کي انهن کان نفرت آهي. اوهان جي پاڪ گڏجاڻين مان مون کي حقارت ٿي اچي. 22 هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون، ۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس. نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس. 23 پنهنجي راڳن جو هُل مون کان پري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس. 24 انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو. 25 ڀلا اي اسرائيل وارؤ! چاليهن سالن تائين بيابان ۾ مون اوهان کان ڪي قربانيون يا نذرانا گھريا هئا ڇا؟ 26 پر اوهين پنهنجي ديوتا سڪوت بادشاهہ جون ۽ ڪيوان ستاري ديوتا جون مورتيون ٺاهي انهن جي پوڄا ڪريو ٿا. سو هاڻي اوهين انهن مورتين سوڌو تڙيا ويندا. 27 هائو، آءٌ خداوند جنهن جو نالو قادرِمطلق خدا آهي، سو چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي جلاوطن ڪري دمشق کان بہ پري تڙي ڇڏيندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society