سنتن جا ڪم 15 - Muslim Sindhi Bibleطهر بابت يروشلم ۾ گڏجاڻي 1 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ مسيح تي ايمان رکندڙن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي شريعت موجب طهر نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي ڇوٽڪارو ملي نہ سگھندو.“ 2 پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي رسولن ۽ ڪليسيا جي اڳواڻن کان پڇن. 3 تنهن تي انطاڪيا جي ڪليسيا وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي ايمان وارن کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4 جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ ڪليسيا وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود رسولن سميت سندن استقبال ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو خدا هنن جي وسيلي ڪيو هو. 5 پر جن فريسين ايمان آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو طهر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي شريعت تي هلن.“ 6 تڏهن رسول ۽ ڪليسيا جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا. 7 گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي خبر آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو پيغام ٻڌي ايمان آڻين. 8 خدا جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پاڪ روح نازل ڪرڻ سان سندن ايمان آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي. 9 هن ايمان جي وسيلي سندن دلين کي بہ پاڪ ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي. 10 تہ پوءِ اوهين خدا کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي ايمان آڻيندڙن تي شريعت جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟ 11 جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر خداوند عيسيٰ جي فضل سان مٿس ايمان آڻڻ تي ئي ڇوٽڪارو ملي ٿو.“ 12 پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ معجزا ڪيا. 13 جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو. 14 شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن خدا غير قومن تي پنهنجي فضل جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي. 15 ساڳيءَ طرح نبين جي پاڪ لکت بہ انهيءَ سان ٺهڪي ٿي اچي، جنهن ۾ خداوند فرمايو آهي تہ 16 ’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس. هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس، 17 انهيءَ لاءِ تہ باقي بني آدم يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن، سي مون خداوند جون طلبگار ٿين. 18 هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“ 19 يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي راءِ آهي تہ غير قومن مان جيڪي سچي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون. 20 پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين. 21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي شريعت جي منادي ڪئي ويندي آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي شريعت جون اهي ڳالهيون يهودين جي عبادتخانن ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“ مسيح تي ايمان رکندڙ غير قومن ڏانهن خط 22 پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي. 23 انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي ايمان رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ اڳواڻن جا سلام هجن. 24 اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون. 25 تنهنڪري اسان پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿي اهو مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻهو چونڊي پنهنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون. 26 اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي. 27 انهن سان گڏ اسين يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليون ٿا جيڪي هي لکيل ڳالهيون اوهان کي زباني بہ بيان ڪندا. 28 پاڪ روح ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون 29 تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سلامت رهو.“ 30 پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون. 31 جڏهن هنن اهو خط پڙهيو تہ انهن همتائيندڙ ڳالهين تي هو خوش ٿيا. 32 يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ خدا جو پيغام ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن ايمان وارن کي همتايو ۽ سندن ايمان مضبوط ڪيو. 33-34 هنن ڪجھہ ڏينهن اتي گذاريا. پوءِ ايمان وارن خير وَ سلامتيءَ جي دعا ڏيندي کين انهن ڏانهن روانو ڪيو، جن کين موڪليو هو. 35 جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت خداوند جي پيغام جي تعليم ڏيندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رهيا. پولس جو ٻيو تبليغي سفر ( 15:36–18:22 ) (برنباس ۽ پولس ۾ جدائي) 36 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“ 37 برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون. 38 پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ تبليغ جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو. 39 انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو، 40 جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ ايمان وارن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو. 41 پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي ڪليسيائن کي ايمان ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society