2.تيمٿيس 1 - Muslim Sindhi Bible1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان، تہ جيئن انهيءَ واعدي ڪيل زندگيءَ جو پيغام ٻڌايان جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿي. 2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي. خدا جي شڪرگذاري ۽ تيمٿيس جي همتافزائي 3 جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صافدليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان. 4 تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي. 5 مون کي تنهنجو سچو ايمان ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو ايمان اهو ساڳيو ئي ايمان آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ جو هو. 6 انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود خدا جي انهيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي. 7 ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس. 8 تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ. 9 انهيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ فضل موجب ٿيو، جيڪو اسان تي عيسيٰ مسيح ۾ ازل کان وٺي ڪيو ويو هو. 10 هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو. 11 مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ڪيو ويو، 12 جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي. 13 اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ ايمان ۽ محبت سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن. 14 خوشخبريءَ واري چڱي امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي تنهن جي حفاظت انهيءَ پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رهي ٿو. 15 تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ ايمان وارا مون کان منهن موڙي ويا آهن. 16 خداوند عيسيٰ شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين. 17 ايتري قدر جو جڏهن هو روم شهر ۾ آيو تہ منهنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي ڳولي لڌائين. 18 شل خداوند عيسيٰ ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي خداوند خدا جو رحم ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society