Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.سموئيل 7 - Muslim Sindhi Bible


ناتن نبيءَ جي وسيلي خدا جو واعدو
( 1.تواريخ 17‏:1‏-15 )

1 هاڻي جڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ئي ٿي رهيو ۽ خداوند سندس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان کيس آرام ڏنو،

2 تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“

3 تنهن تي ناتن نبيءَ بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”ڀلي جيڪي توهان جيءَ دل ۾ آهي سو وڃي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند توهان سان گڏ آهي.“

4 پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ

5 ”وڃ، منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند جو هي فرمان وڃي ٻڌاءِ تہ ’منهنجي رهڻ لاءِ گھر بڻائڻ وارو تون ئي آهين ڇا؟

6 جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گھر ۾ ڪين رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.

7 جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ هئس، اتي بني اسرائيل جي جن بہ رهبرن کي مون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبريءَ لاءِ مقرر پئي ڪيو، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ ڪڏهن ائين چيو اٿم ڇا تہ هنن منهنجي لاءِ ديال جي ڪاٺيءَ جو گھر ڇو نہ جوڙيو آهي؟‘

8 تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.

9 جيڏانهن بہ تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ تو سان گڏ پئي رهيو آهيان ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي تابع ڪيا اٿم. هاڻي آءٌ تو کي دنيا جي وڏن وڏن اڳواڻن جيان مشهور ڪندس.

10 آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس ۽ انهن کي اتي اهڙو تہ ڄمائيندس جو هو انهيءَ جاءِ تي ئي رهندا ايندا ۽ وري اتان ڪين چرندا. بدڪار ماڻهو انهن کي وري اهڙيون تڪليفون نہ ڏيئي سگھندا، جهڙيون شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندا هئن،

11 جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تو کي تنهنجي سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ خداوند تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.

12 جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي آءٌ کڙو ڪندس ۽ هن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.

13 هو ئي منهنجي نالي هڪڙو گھر جوڙيندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

14 آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ کيس ائين سزا ڏيندس جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي سزا ڏئي ٿو.

15 منهنجي رحمت هن کان جدا نہ ٿيندي، جيئن مون سائول کان اها جدا ڪئي هئي، جنهن کي مون تنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيو.

16 تنهنجو گھر ۽ تنهنجي بادشاهت هميشہ منهنجي نظر هيٺ رهندي ۽ تنهنجو تخت هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو ويندو.‘“

17 سو ناتن اهي سموريون ڳالهيون ۽ اهو سڄو الهام دائود کي بيان ڪري ٻڌايو.


شڪرگذاريءَ لاءِ دائود جي دعا
( 1.تواريخ 17‏:16‏-27 )

18 تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ هي دعا گھري چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.

19 تنهنجي نظر ۾ تہ اها خسيس ڳالهہ آهي، اي خداوند خدا! تڏهن ئي تہ تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ اي خداوند خدا! تو پنهنجي هن ٻانهي تي عام ماڻهن وانگر مهرباني ڪئي.

20 ٻيو وڌيڪ آءٌ دائود تو کي ڇا ٿو چئي سگھان؟ اي خداوند خدا! تون پنهنجي هن ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.

21 تو پنهنجي واعدي خاطر ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب اهي سڀ عظيم ڪم ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهن کان واقف ڪرين.

22 اي خداوند خدا! تون عظيم آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌيون آهن، تن سڀني موجب تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، نڪي تو کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي.

23 دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.

24 تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.

25 هاڻي اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو هن پنهنجي ٻانهي ۽ سندس گھراڻي جي باري ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي ڪر،

26 انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، جو ماڻهو چون تہ ’خداوند قادرِمطلق، بني اسرائيل جو خدا آهي.‘ انهيءَ سان گڏ تنهنجي هن ٻانهي مون دائود جو گھراڻو تنهنجي حضور ۾ قائم دائم رهي.

27 اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو ئي تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجي هن ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ تو کان هيءَ دعا گھري.

28 هاڻي اي خداوند خدا! تون ئي خدا آهين ۽ تنهنجيون ڳالهيون سچ آهن. تو پنهنجي هن ٻانهي سان انهن چڱين ڳالهين جو واعدو ڪيو آهي.

29 تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند خدا! تو اهو واعدو فرمايو آهي. بيشڪ تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گھراڻو هميشہ لاءِ سڳورو رهندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ