2.بادشاهَہ 4 - Muslim Sindhi Bibleاليشع جا ٻيا معجزا ( 4:1–6:7 ) (بيوہ عورت جي تيل ۾ واڌارو) 1 هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“ 2 اليشع کيس وراڻيو تہ ”آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مون کي ٻڌاءِ، تو وٽ گھر ۾ ڇا آهي؟“ ان بيوہ جواب ڏنو تہ ”اوهان جي ٻانهيءَ وٽ گھر ۾ دنگيءَ ۾ ٿوري زيتون جي تيل کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“ 3 تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”وڃي پنهنجي پاڙيسرين کان جيترا ٿي سگھن اوترا خالي ٿانوَ وٺي اچ. 4 پوءِ تون ۽ تنهنجا پٽ گھر اندر وڃو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو. تون انهن ٿانون کي تيل سان ڀرڻ شروع ڪر. جيڪو ٿانءُ ڀربو وڃي تنهن کي پاسي تي رکندي وڃ.“ 5 تڏهن هوءَ اليشع وٽان هلي ويئي ۽ وڃي ائين ئي ڪيائين. هوءَ پاڻ ۽ سندس پٽ گھر ۾ اندر گھڙي ويا ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائون. هوءَ انهن ٿانون ۾ تيل ڀريندي رهي جيڪي سندس پٽ کيس ڏيندا رهيا. 6 جڏهن سمورا ٿانوَ ڀرجي ويا تڏهن هن پنهنجي هڪڙي پٽ کي چيو تہ ”جيڪڏهن اڃا بہ ڪو ٿانءُ آهي تہ مون وٽ کڻي اچ.“ پر هن وراڻيس تہ ”نہ، ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سندس دنگيءَ مان تيل وهڻ بند ٿي ويو. 7 تنهن کان پوءِ هن اچي خدا جي ٻانهي اليشع کي ٻڌايو. اليشع کيس چيو تہ ”وڃي تيل وڪڻي قرض ادا ڪر ۽ باقي جيڪي بچي تنهن تي تون ۽ تنهنجا پٽ گذران ڪجو.“ (شاهوڪار عورت جي پٽ کي بچائڻ) 8 هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويو. اتي هڪڙي شاهوڪار عورت رهندي هئي جنهن اليشع تي زور ڀريو تہ ”اسان جي دعوت کاءُ.“ انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ اليشع شونيم ڳوٺ ڏانهن ويندو هو تہ انهيءَ عورت وٽ ماني کائيندو هو. 9 انهيءَ عورت پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هي ماڻهو جيڪو اڪثر هتي ايندو آهي سو خدا جو خاص ٻانهو آهي. 10 سو ڇو نہ پنهنجي جاءِ مٿان هن لاءِ هڪڙي ڪوٺڙي ٺهرايون ۽ انهيءَ ۾ سندس لاءِ هڪڙي کٽ، ميز، ڪرسي ۽ ڏيئو رکون. پوءِ هو جڏهن بہ اسان وٽ اچي تہ اتي ئي رهي.“ 11 هڪڙي ڏينهن اليشع شونيم ڳوٺ ۾ آيو ۽ انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي ليٽي پيو. 12 هن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيو تہ ”انهيءَ شونيمي عورت کي سڏي اچ.“ هو انهيءَ عورت کي سڏي آيو ۽ اها سندس خدمت لاءِ اچي حاضر ٿي. 13 بعد ۾ اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”انهيءَ عورت کي چئُہ تہ ’تو جو اسان جي لاءِ هيتري ساري تڪليف ڪئي آهي، سو ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڇا آءٌ بادشاهہ کي يا فوج جي سپهہسالار کي اوهان جي سفارش ڪريان؟‘“ تنهن تي انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”هتي پنهنجن جي وچ ۾ رهندي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ 14 سو اليشع جيحازيءَ کان پڇيو تہ ”پوءِ هن عورت لاءِ ڇا ڪجي؟“ جيحازيءَ کيس ورندي ڏني تہ ”هن کي ڪو پٽ ڪونهي ۽ سندس مڙس بہ پوڙهو ٿي ويو آهي.“ 15 تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”سڏ ڪرينس.“ جيحازيءَ کيس سڏي آيو ۽ هوءَ در وٽ اچي بيٺي. 16 اليشع کيس چيو تہ ”ايندڙ سال هن وقت تنهنجو پٽ تنهنجي جھوليءَ ۾ هوندو.“ تڏهن انهيءَ عورت کيس رڙ ڪري چيو تہ ”نہ، اي منهنجا آقا! توهين خدا جا ٻانها آهيو، پنهنجي هن ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهايو.“ 17 پر انهيءَ عورت کي پيٽ ٿيو ۽ ايندڙ سال انهيءَ ئي ٻڌايل وقت تي کيس پٽ ڄائو، جيئن اليشع کيس چيو هو. 18 جڏهن اهو ٻار وڏو ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي پيءُ ڏانهن ٻنيءَ تي ويو جتي سندس پيءُ لاباري ڪندڙن سان گڏ ڪم پئي ڪيو. 19 اوچتو هن رڙ ڪري پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”هاءِ! منهنجو مٿو! هاءِ! منهنجو مٿو!“ تڏهن سندس پيءُ پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”هن کي سندس ماءُ وٽ کڻي وڃ.“ 20 نوڪر کيس کڻي ماڻس وٽ آندو. ڇوڪرو منجھند تائين پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ پيو رهيو ۽ پوءِ مري ويو. 21 تڏهن هن ٻار کي مٿي کڻي وڃي انهيءَ خدا جي ٻانهي جي کٽ تي سمهاريو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري در بند ڪري هلي آئي. 22 پوءِ پنهنجي مڙس کي سڏائي چيائين تہ ”مهرباني ڪري پنهنجو هڪڙو نوڪر ۽ هڪڙو گڏهہ مون ڏانهن ڏياري موڪل تہ آءٌ هن خدا جي ٻانهي ڏانهن تڪڙي وڃان ۽ موٽي اچان.“ 23 هن کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڇو ٿي انهيءَ وٽ وڃين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي نہ وري سبت آهي.“ انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”بس، انهيءَ ۾ ڪا چڱائي آهي.“ 24 تنهن کان پوءِ اها عورت هڪڙي گڏهہ تي آٿر رکي چڙهي ويٺي ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ ”هڪليندو هل، جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين رفتار ۾ ڍر نہ ڪجانءِ.“ 25 سو هوءَ رواني ٿي ۽ ڪرمل جبل تي انهيءَ خدا جي ٻانهي وٽ آئي. جڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي هن کي پري کان ايندو ڏٺو تڏهن پنهنجي خدمتگار جيحازيءَ کي چيائين تہ ”ڏس، هوءَ شونيمي عورت پيئي اچي. 26 ڊوڙي وڃي گڏجينس ۽ پڇينس تہ ’تو ڏانهن، تنهنجي مڙس ڏانهن ۽ تنهنجي پٽ ڏانهن تہ خير آهي؟‘“ تنهن تي انهي عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”سڀ خير آهي.“ 27 جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“ 28 تڏهن عورت اليشع کي چيو تہ ”اي سائين! مون توهان کان پٽ گھريو هو ڇا؟ بلڪ مون تہ اوهان کي منع ڪئي هئي تہ مون کي اجايو دلاسو نہ ڏيو.“ 29 تنهن تي اليشع جيحازيءَ کي چيو تہ ”جلدي ڪر، منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ ڊوڙندو وڃ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو کي گڏجي تہ انهيءَ کي سلام نہ ڪج ۽ جيڪڏهن ڪو تو کي سلام ڪري تہ انهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج. سڌو هن عورت جي گھر وڃ ۽ وڃي منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي رکج.“ 30 پر ٻار جي ماءُ اليشع کي چيو تہ ”جيئري خداوند ۽ توهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي وٺي وڃڻ کان سواءِ ڪين وينديس.“ تڏهن اليشع اُٿي انهيءَ عورت سان گڏ روانو ٿيو. 31 جيحازي هنن کان اڳ ۾ هليو ويو ۽ وڃي ٻار جي منهن تي اها لٺ رکيائين، پر ٻار نہ ڪو آواز ڪڍيو نہ ئي وري ڪا چرپر ڪيائين. سو جيحازي موٽندي اليشع سان گڏيو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”ٻار تہ ڪين اٿيو.“ 32 پوءِ جڏهن اليشع انهيءَ عورت جي گھر ۾ پهتو تڏهن ڏٺائين تہ ٻار سندس کٽ تي مئو پيو آهي. 33 هن اندران دروازو بند ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھرڻ لڳو. 34 پوءِ هو انهيءَ ٻار جي مٿان ليٽي پيو، پنهنجو وات هن جي وات تي، اکيون هن جي اکين تي ۽ هٿ هن جي هٿن تي رکيائين. جيئن هو ٻار جي مٿان ليٽيو تہ ٻار جو جسم گرم ٿي ويو. 35 تڏهن هو ٻار تان لٿو ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرا ڏيڻ لڳو ۽ پوءِ وري وڃي ٻار جي مٿان جھڪيو، تڏهن ٻار ست ڀيرا نڇون ڏنيون ۽ پوءِ اکيون کوليائين. 36 اليشع جيحازيءَ کي سڏي چيو تہ ”انهيءَ شونيمي عورت کي سڏ ڪر.“ هن کيس سڏ ڪيو. جڏهن هوءَ آئي تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”پنهنجو پٽ کڻ.“ 37 تڏهن هوءَ وڌي وڃي اليشع جي پيرن تي منهن ڀر ڪري پيئي ۽ پوءِ اُٿي پنهنجو پٽ کڻي ٻاهر نڪري آئي. (ديڳ مان زهر جو اثر ختم ڪرڻ) 38 جڏهن اليشع جِلجال ۾ موٽي آيو تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو. نبين جي هڪ ٽولي هن سان ملاقات ڪري رهي هئي. هن پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”وڏي ديڳ کڻي چاڙهہ ۽ هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري وٺ.“ 39 سو هڪڙو ماڻهو ٻنيءَ ڏانهن ڀاڄي گڏ ڪرڻ لاءِ ويو جتي هڪڙي ول ڏٺائين، جنهن جو ميوو پٽي جھولي ڀري کڻي آيو. پوءِ هن اهي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کاڌي جي ديڳ ۾ وڌا، ڪنهن بہ نہ ٿي ڄاتو تہ اُهي آهن ڇا. 40 پوءِ اُهو کاڌو سڀني کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو. پر جيئن ئي کائڻ شروع ڪيائون تہ رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا ٻانها! هن ديڳ ۾ تہ زهر آهي.“ سو هنن کاڌو کائڻ ڇڏي ڏنو. 41 تڏهن اليشع ڪجھہ اٽو گھرائي کاڌي جي ديڳ ۾ کڻي وڌو ۽ چيائين تہ ”هاڻ ورهائي ماڻهن کي ڏيو تہ کائين.“ انهيءَ جي ڪري جو اهو کاڌو کائڻ جهڙو ٿي پيو هو. (هڪ سؤ ماڻهن کي کاڌو کارائڻ) 42 ٻئي موقعي تي بعلشالِشہ مان هڪڙو ماڻهو اتي آيو. هن انهيءَ خدا جي ٻانهي لاءِ جَون جي پهرئين فصل مان ويهہ پڪل مانيون ۽ اناج جا تازا سنگ آندا. اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”اهي ماڻهن کي ورهائي ڏي تہ کائين.“ 43 سندس خدمتگار کانئس پڇيو تہ ”هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان ڪيئن رکان؟“ پر اليشع وري بہ کيس چيو تہ ”ماڻهن کي ڏي تہ کائين، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.“ 44 تڏهن هن انهن جي اڳيان کاڌو رکيو ۽ هنن اهو کاڌو ۽ بچايائون بہ، جيئن خداوند فرمايو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society