Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

2.بادشاهَہ 17 - Muslim Sindhi Bible


اسرائيل جو بادشاهہ هوسيع

1 يهوداہ جي بادشاهہ آخز جي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال، هوسيع ولد ايلہ سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن اٽڪل نَوَ سال بادشاهي ڪئي.

2 هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا، پر اهڙا نہ جيڪي هن کان اڳي اسرائيل جي ٻين بادشاهن ڪيا هئا.

3 اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.

4 پر هڪڙي سال هوسيع مصر جي ”سو“ نالي بادشاهہ ڏانهن مدد لاءِ پنهنجا قاصد موڪليا ۽ اشور جي شهنشاهہ کي آئندہ لاءِ ڍل ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيائين. جڏهن سلمنيسر کي انهيءَ ڳالهہ جو پتو پيو تڏهن هوسيع کي گرفتار ڪرائي قيد ۾ وجھي ڇڏيائين.

5 پوءِ سلمنيسر اسرائيل جي سڄي ملڪ تي چڙهائي ڪئي ۽ سامريہ شهر کي گھيري هيٺ آندائين. هن انهيءَ شهر کي اٽڪل ٽي سال گھيري هيٺ رکيو.

6 هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


اسرائيل وارن جو گناهہ جنهن سبب جلاوطن ٿيا

7 اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيو جو اسرائيل وارن خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن خدا هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪئي

8 ۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهن جي جوڙيل ريتن رسمن تي هليا.

9 اسرائيل وارن ڳجھہ ڳوهہ ۾ اهڙا ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندن خدا جي نظر ۾ چڱا نہ هئا. هنن پنهنجن سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ يعني هر هنڌ غير معبودن جا پوڄا گھر ٺاهيا.

10 هنن هر مٿاهين ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀن جيان بت کوڙيا ۽ مورتيون رکي ڇڏيون.

11-12 اتي غير معبودن وارين قربان‌گاهن تي هو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا، جيئن غير قومون ڪنديون هيون جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو. هنن بتن جي پوڄا ڪئي توڙي جو خداوند کين ائين ڪرڻ کان روڪيو هو. هنن خداوند کي ڪاوڙائڻ وارا ٻيا برا ڪم بہ ڪيا.

13 خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“

14 پر هنن ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجا ڳاٽ اوچا رکيائون، جهڙا سندن ابن ڏاڏن جا هئا جن خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو هو.

15 هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.

16 هنن خداوند پنهنجي خدا جا سمورا حڪم وساري ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ ٻہ پلٽيل گابا ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهيائون. هو آسمان جي ستارن اڳيان سر جھڪائڻ لڳا ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ لڳا.

17 هنن پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئر قربانيءَ طور باهہ ۾ ساڙي ڇڏيون ۽ فالن ۽ جادوگرين کان ڪم ورتائون. هنن پاڻ کي اهڙن ڪمن جي حوالي ڪيو جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هن کي ڪاوڙايائون.

18 انهيءَ ڪري خداوند اسرائيل وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، سو انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين. رڳو يهوداہ وارا ئي پنهنجي ملڪ ۾ رهيا.

19 يهوداہ وارن بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال نہ رکيو بلڪ هو اسرائيل وارن جي ريتن رسمن تي هلندا آيا.

20 تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.

21 جڏهن خداوند اسرائيل ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ دائود جي گھراڻي کان ڏهن قبيلن وارو حصو کسيو هئائين، تڏهن انهن ڏهن قبيلن وارن يربعام ولد نباط کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻايو. يربعام انهن کي خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦيرائي کانئن وڏا گناهہ ڪرايا.

22 اسرائيل وارا يربعام جي ڪيل گناهن کي چهٽيل رهيا ۽ انهن کان منهن نہ موڙيائون،

23 ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.


سامريہ علائقي جو وري آباد ٿيڻ

24 پوءِ اشور جي شهنشاهہ بابل، ڪوتہ، عوا، حمات ۽ سفروائم شهرن مان ماڻهن کي جلاوطن ڪري سامريہ علائقي جي شهرن ۾ اسرائيل وارن جي جاءِ تي آباد ڪيو. سو هو انهن شهرن ۾ قبضو وٺي رهڻ لڳا.

25 سامريہ علائقي ۾ رهڻ جي شروعات ۾ انهن ماڻهن خداوند جو خوف نہ رکيو، تنهنڪري خداوند منجھن شينهن موڪليا جن انهن مان ڪن کي ماري وڌو.

26 تڏهن اشور جي شهنشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”جيڪي قومون اوهان آڻي سامريہ جي شهرن ۾ آباد ڪيون آهن تن کي تہ انهيءَ ملڪ جي معبود جي قانونن جي بہ ڪا خبر ڪانهي، تنهنڪري هن منجھن شينهن موڪليا آهن جيڪي کين مارين پيا.“

27 تنهن تي اشور جي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”جن ڪاهنن کي اوهان اتان قيدي بڻائي وٺي آيا آهيو تن مان هڪڙو اوڏانهن ڏياري موڪليو تہ اتي وڃي رهي ۽ هنن کي انهيءَ ملڪ جي معبود جا قانون سيکاري.“

28 سو سامريہ مان قيد ڪري آندل هڪڙو ڪاهن بيت‌ايل ڏانهن موڪليو ويو. هو اتي رهي انهن ماڻهن کي سيکارڻ لڳو تہ خداوند جي عبادت ڪيئن ڪجي.

29 تنهن هوندي بہ هر قوم پنهنجي پنهنجي رهڻ وارن شهرن ۾ پنهنجي لاءِ بت ٺاهي سامريہ وارن جي ٺهيل پوڄا گھرن ۾ رکيا.

30 بابل جي ماڻهن سڪات‌بنات ديوتا جا بت، ڪوتہ جي ماڻهن نيرگل جا بت، حمات جي ماڻهن اسيما جا بت ۽

31 عوا جي ماڻهن نبحاز ۽ ترتاق جا بت ٺاهيا. سفروائم جي ماڻهن پنهنجي ديوتائن ادرملڪ ۽ عنملڪ لاءِ پنهنجا ٻار ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيا.

32 هو خداوند جي بہ عبادت ڪندا هئا، پر هنن پاڻ منجھان ڪي ماڻهو پڻ چونڊي مذهبي اڳواڻ طور مقرر ڪيا هئا جيڪي هنن لاءِ غير معبودن وارن پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪندا هئا.

33 اهي خداوند جي عبادت تہ ڪندا هئا، پر هو پنهنجن ملڪن جي ريتن رسمن موجب پنهنجن معبودن جي پوڄا پڻ ڪندا هئا.

34 اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجين اڳوڻين ريتن رسمن تي قائم آهن. هو نڪي خداوند جي عبادت ڪن ٿا ۽ نہ وري انهن قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي هلن ٿا جيڪي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا هئا. يعقوب جو نالو خداوند ڦيرائي اسرائيل رکيو هو.

35 جڏهن خداوند بني اسرائيل سان عهد ٻڌو هو تڏهن کين خداوند جو حڪم ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان غير معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نہ انهن اڳيان سر نوائجو ۽ نہ انهن لاءِ قرباني پيش ڪجو.

36 پر جنهن خداوند اوهان کي پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن جي ئي عبادت ڪجو. انهيءَ اڳيان سر نوائجو ۽ انهيءَ لاءِ ئي قربانيون پيش ڪجو.

37 قاعدا قانون، شريعت ۽ حڪم جيڪي هن اوهان جي لاءِ لکيا آهن تن تي هميشہ وڏي خبرداريءَ سان عمل ڪجو. غير معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪجو.

38 جيڪو عهد هن اوهان سان ٻڌو آهي سو اصل نہ وسارجو.

39 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ئي عبادت ڪجو ۽ اهو ئي اوهان کي اوهان جي سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.“

40 پر انهن ٻين ملڪن کان آيل ماڻهن انهيءَ تي ڌيان نہ ڏنو، بلڪ پنهنجين اڳوڻين ريتن رسمن تي قائم رهيا.

41 جيتوڻيڪ هي قومون خداوند جي عبادت تہ ڪنديون هيون، تڏهن بہ انهيءَ سان گڏ هو پنهنجن ٺاهيل بتن کي بہ پوڄينديون هيون. اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد ۽ سندن اولاد جو اولاد بہ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ائين ئي ڪندو ٿو اچي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ