Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.بادشاهَہ 9 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو سليمان کي ٻيهر ڏيکاري ڏيڻ
( 2.تواريخ 7‏:11‏-22 )

1 جڏهن بادشاهہ سليمان هيڪل ۽ شاهي محل جوڙائي پورو ڪيو ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ ڪرڻ ٿي گھريو سو بہ سڀ پورو ٿيو،

2 تڏهن خداوند ٻيو ڀيرو هن کي ڏيکاري ڏني، جيئن اڳي جِبعون شهر ۾ هن کي ڏيکاري ڏني هئائين.

3 خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.

4 باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر پنهنجي دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين،

5 تہ آءٌ بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس، جيئن مون تنهنجي پيءُ دائود سان واعدو ڪيو هو. مون کيس چيو هو تہ ’تنهنجي اولاد مان بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.‘

6 پر اي سليمان! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجو اولاد مون کان ڦري ويندا ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اوهان کي ڏنا آهن تن تي عمل نہ ڪندا ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ انهن اڳيان سر جھڪائيندا،

7 تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.

8 انهيءَ وقت هيءَ هيڪل اهڙيءَ طرح تہ ڊاهي ويندي جو جيڪي انهيءَ وٽان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪري چوندا تہ ’خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان ائين ڇو ڪيو آهي؟‘

9 ماڻهو کين جواب ڏيندا تہ ’هن ڪري جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو. هنن غير معبودن جي اطاعت ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪري پوڄڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو خداوند هنن تي اها سموري مصيبت آندي آهي.‘“


سليمان جا ٻيا ڪارناما
( 2.تواريخ 8‏:1‏-18 )

10 هيڪل ۽ شاهي محل جوڙائڻ ۾ سليمان کي ويهہ سال لڳي ويا.

11 جيئن تہ صور جي بادشاهہ حيرام سليمان کي ديال ۽ صنوبر جو ڪاٺ ۽ سون سندس ضرورت مطابق ڏنو هو، تنهنڪري سليمان بادشاهہ کيس گليل جي علائقي ۾ ويهہ شهر ڏنا.

12 پر جڏهن بادشاهہ حيرام صور کان اهي شهر ڏسڻ لاءِ ويو جيڪي کيس سليمان ڏنا هئا تہ اُهي کيس نہ وڻيا.

13 هن سليمان کان پڇيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! هي ڪهڙي قسم جا شهر آهن جيڪي تو مون کي ڏنا آهن؟“ هن انهيءَ جو نالو ڪبول رکيو ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن جو اهو ئي نالو آهي.

14 حيرام بادشاهہ جيڪو سون سليمان ڏانهن موڪليو هو تنهن جو وزن چار هزار ڪلوگرام کان بہ وڌيڪ هو.

15 سليمان بادشاهہ هيڪل ۽ پنهنجي محل جوڙائڻ، صيئون جبل جي هيٺاهينءَ کي هڪ ڪرو ڪرائڻ ۽ يروشلم جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍرائڻ ۽ حصور، مجدو ۽ جزر شهرن کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي بيگار ۾ لڳايو.

16 انهيءَ کان اڳ مصر جي بادشاهہ فرعون جزر تي ڪاهہ ڪري قبضو ڪيو هو. هن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙائي اتان جي رهاڪن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ اهو شهر پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.

17 پوءِ سليمان جزر شهر، هيٺيون بيت‌حورون،

18 بعلات شهر ۽ بيابان ۾ تدمور نالي شهر بہ نئين سر جوڙايا.

19 گدامن جا سڀ شهر، پنهنجين جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن وارا شهر ۽ ٻيو سڀ جيڪي هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي سڄي ملڪ ۾ تعمير ڪرڻ گھريو سو بہ جوڙايائين.

20-21 سليمان ڪنعان جي انهن بچي ويل ماڻهن جو اهو اولاد بيگر ۾ لڳايو، جن کي سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ وقت بني اسرائيل نہ ماريو هو. انهن ۾ اموري، حتي، فرزي، حوي ۽ يبوسي شامل هئا جن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين اتي غلاميءَ ۾ رهندو اچي.

22 پر سليمان بني اسرائيل مان ڪنهن کي بہ بيگار ۾ نہ لڳايو، بلڪ کين پنهنجا فوجي، عملدار، سالار، جنگي گھوڙي گاڏين جا نگران ۽ گھوڙي سوار مقرر ڪيائين.

23 جيڪي ماڻهو مختلف اڏاوتي ڪمن تي لڳايل هئا تن جي مٿان نظرداري ڪرڻ لاءِ جيڪي عملدار مقرر هئا تن جو تعداد پنج سؤ پنجاهہ هو.

24 جڏهن فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري پنهنجي انهيءَ گھر ۾ اچي رهڻ لڳي جيڪو سليمان سندس لاءِ تعمير ڪرايو هو، تڏهن سليمان هيٺاهين دڙي جي سنوت ڪرائي.

25 سليمان سال ۾ ٽي دفعا ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون انهيءَ قربان‌گاهہ تي پيش ڪندو هو جيڪا هن خداوند لاءِ ٺهرائي هئي. انهن کان علاوہ هو خداوند لاءِ لوبان بہ ساڙيندو هو. اهڙيءَ طرح هن هيڪل جا فرض پورا ڪيا.

26 بادشاهہ سليمان سامونڊي جهازن جو ٻيڙو پڻ عصيون‌جابر شهر ۾ ٺهرايو، جيڪو ادوم جي ملڪ ۾ خليج عقبہ جي ڪناري تي ايلات شهر جي ويجھو آهي.

27 حيرام پنهنجا ڪجھہ تجربيڪار ملاح سليمان ڏانهن موڪليا جيڪي سندس ملاحن سان گڏ انهن جهازن ۾

28 اوفير علائقي ڏانهن روانا ٿيا. اُهي اتان اٽڪل ساڍا چوڏهن هزار ڪلوگرام سون کڻي بادشاهہ سليمان وٽ موٽي آيا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ