Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.بادشاهَہ 6 - Muslim Sindhi Bible


هيڪل جي تعمير

1 بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان چار سؤ اسي سال پوءِ، سليمان بني اسرائيل تي پنهنجي بادشاهيءَ جي چوٿين سال دوران، زيوِ مهيني، جيڪو سال جو ٻيو مهينو هو تنهن ۾ هيڪل تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو.

2 بادشاهہ سليمان جيڪا هيڪل تعمير ڪرائي تنهن جي ڊيگھہ ستاويهہ ميٽر هئي، ويڪر نوَ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي.

3 هيڪل ۾ گھڙڻ سان جيڪو ورانڊو هو تنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر جيتري يعني نوَ ميٽر هئي ۽ ويڪر ساڍا چار ميٽر هئس.

4 هيڪل ۾ هن سوڙهيون هوادار دريون ٺهرايون.

5 هيڪل جي ٻاهرين ڀتين سان هيڪل جي پٺيان ۽ ٻنهي پاسن کان هن ٽي منزلہ حجرا ٺهرايا.

6 سڀ کان هيٺين منزل ۾ هر حجرو سوا ٻہ ميٽر ويڪرو هو، وچين منزل ۾ پوڻا ٽي ميٽر ۽ سڀ کان مٿين منزل ۾ ٽي ميٽر ويڪرو هو. هن هيڪل جي ٻاهران چوڌاري ڀت ۾ ٽيڪون ڏياريون انهيءَ لاءِ تہ شهتيرَ هيڪل جي ڀتين ۾ لڳل نہ هجن.

7 جڏهن هيڪل تعمير ڪئي ٿي ويئي تڏهن اتي ڪنهن بہ مُترڪي، ڇيڻيءَ يا ڪنهن ٻئي لوهہ جي اوزار جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ پئي آيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پٿر استعمال ڪيا ٿي ويا سي جبلن مان ڪڍڻ وقت ئي گھڙي تيار ڪيا ويا هئا.

8 سڀ کان هيٺين منزل ۾ وڃڻ جو رستو هيڪل جي ڏاکڻي پاسي کان هو. اتان ڏاڪڻ وچين منزل تي ۽ اتان پوءِ سڀ کان مٿين منزل ڏانهن ويئي پئي.

9 اهڙيءَ طرح هن هيڪل کي تعمير ڪرايو ۽ ديال جي شهتيرن ۽ تختن جي ڇت وجھرائي کيس پورو ڪيو.

10 هيڪل جي ٽن طرفن کان جيڪي ٽي منزلہ جايون حجرن لاءِ ٺهرايون ويون هيون، تن جا شهتير هيڪل جي ڀتين جي ٽيڪن تي رکيل هئا. هر هڪ حجري جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي.

11 خداوند سليمان سان واعدو ڪندي چيو تہ

12 ”تون جيڪو هي هيڪل جوڙي رهيو آهين، سو جيڪڏهن تون منهنجي قاعدن قانونن تي هلندين ۽ منهنجا سڀ حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندين تہ پوءِ جيڪو واعدو تنهنجي پيءُ دائود سان مون ڪيو هو سو آءٌ تو سان پورو ڪندس.

13 آءٌ پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل منجھہ رهندس ۽ کين ڇڏي نہ ڏيندس.“

14 سو سليمان هيڪل ٺهرائي پوري ڪئي.


هيڪل جي اندرين سجاوٽ
( 2.تواريخ 3‏:8‏-14 )

15 هيڪل جي ڀتين تي اندران فرش کان وٺي ڇت تائين چوڌاري ديال جا تختا هڻايا ويا ۽ هيڪل جي فرش تي صنوبر جا تختا هڻايا ويا.

16 هيڪل جي پٺئين پاسي نوَن ميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڀت ٺهرائي ويئي تہ جيئن الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ڌار ٿي پوي. انهيءَ جي ڀت تي بہ فرش کان وٺي ڇت تائين ديال جا تختا کوڙايا ويا.

17 ان مقدس ترين جاءِ جي سامهون وارو هال يعني مقدس جاءِ ارڙهن ميٽر ڊگھي هئي.

18 هيڪل جي اندرين پاسي جيڪو ديال جو ڪاٺ لڳل هو تنهن تي لاٽون ۽ ٽڙيل گل اُڪريل هئا. اندر سڄو هال ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيل هو جنهن ڪري ڀتين جو پٿر اصل ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو.

19 هيڪل جي پٺين پاسي مقدس ترين جاءِ ۾ خداوند جي عهد واري صندوق رکڻي هئي.

20-22 سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.

23 مقدس ترين جاءِ ۾ زيتون جي ڪاٺ مان پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرايا ويا جيڪي ساڍا چار ميٽر اوچا هئا.

24-26 پردار آسماني مخلوق جا ٻيئي مجسما هڪڙيءَ ئي ماپ ۽ هڪڙيءَ ئي شڪل جا ٺهيل هئا. هر هڪ پردار آسماني مخلوق جا ٻيئي پَر سوا ٻہ ٻہ ميٽر ڊگھا هئا. هر هڪ مجسمي جي هڪڙي پَر جي چوٽيءَ کان ٻئي پَر جي چوٽيءَ تائين وٿي ساڍا چار ميٽر هئي.

27 مقدس ترين جاءِ ۾ رکيل پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جا پَر پکڙيل هئا. انهن جي پکڙيل پَرن جون ٻاهريون چوٽيون پاسي وارين ڀتين سان ٿي لڳيون ۽ اندريون پَرن جون چوٽيون ڪمري جي وچ ۾ هڪٻئي سان ٿي لڳيون.

28 انهيءَ پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن تي پڻ سون چاڙهيو ويو.

29 هيڪل جي اندران چوڌاري يعني مقدس جاءِ ۽ مقدس ترين جاءِ جي سڀني ڀتين تي پردار آسماني مخلوق، کجيءَ جي وڻن ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرائي ڇڏيون ويون.

30 هيڪل جي مقدس جاءِ توڙي مقدس ترين جاءِ جا فرش پڻ سون سان ڍڪرايا ويا.

31 مقدس ترين جاءِ ۾ گھڙڻ جي دروازي لاءِ زيتون جي ڪاٺ جا تاڪ ٺهرايا ويا، ان دروازي جون پنج ڪنڊون هيون.

32 زيتون جي ڪاٺ وارن ٻن تاڪن تي پڻ پردار آسماني مخلوق، کجيءَ جي وڻن ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرايون ويون ۽ مٿن سون چاڙهيو ويو. اهو سون پردار آسماني مخلوق ۽ کجيءَ جي وڻن جي مجسمن تي اهڙي نموني چاڙهيو ويو تہ جيئن اهي مجسما چٽا نظر اچن.

33 ساڳيءَ طرح مقدس جاءِ ۾ گھڙڻ واري دروازي جي چوڪاٺ بہ زيتون جي ڪاٺ مان ٺهرائي ويئي.

34 انهيءَ چوڪاٺ لاءِ صنوبر جي ڪاٺ مان ٻہ طاق ٺهرايا ويا جيڪي ٻٽا ٿي ويا ٿي.

35 انهن تي پردار آسماني مخلوق، کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اُڪرايون ويون ۽ انهيءَ اُڪر جي ڪم تي بہ سون چاڙهيو ويو. اهو سون اهڙيءَ طرح چاڙهيو ويو تہ جيئن اهي مجسما چٽا نظر اچن.

36 هيڪل جي اڳيان اڱڻ جوڙايو ويو جنهن جي ڀتين ۾ تراشيل پٿرن جي هر ٽئين بار کان پوءِ ديال جي ڪاٺ جو شهتير پيل هو.

37 سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال، زيوِ مهيني ۾ جيڪو سال جو ٻيو مهينو هو، هيڪل جو بنياد وڌو ويو.

38 سليمان جي بادشاهيءَ جي يارهين سال بُول مهيني ۾ جيڪو سال جو اٺون مهينو آهي، رٿيل نقشي تحت هيڪل پوريءَ طرح جڙي راس ٿي. اهڙيءَ طرح سليمان کي انهيءَ جي ٺهرائڻ ۾ ست سال لڳي ويا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ