Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.بادشاهَہ 16 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن ييهو ولد حنانيءَ جي معرفت خداوند بعشا کي ڇينڀيندي چيو تہ

2 ”جيتوڻيڪ مون تو کي مٽيءَ مان کڻي مٿي ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم، تنهن هوندي بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، جو منهنجي قوم بني اسرائيل کان گناهہ ڪرائي مون کي ڪاوڙايو اٿيئي.

3 سو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي خاندان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس، جيئن يربعام ولد نباط سان ڪيو هئم.

4 تنهنجي خاندان جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا ۽ جيڪو جھنگ ۾ مرندو تنهن کي ڳجھون کائينديون.“

5 بعشا جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم ۽ ڪارناما جيڪي هن ڪيا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

6 بعشا وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس ترضہ شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ ايلہ سندس جاءِ تي تخت‌نشين ٿيو.

7 بعشا ۽ سندس خاندان خلاف ييهو نبيءَ جي معرفت خداوند اهو انهيءَ ڪري فرمايو هو جو بعشا خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا هئا. هن خداوند کي نہ رڳو پنهنجي برن ڪمن ڪري ڪاوڙايو هو، جيئن کانئس اڳي بادشاهہ يربعام ڪيو هو، بلڪ هن ڪري بہ جو بعشا يربعام جي سڄي خاندان کي مارائي ڇڏيو هو.


ايلہ اسرائيل جو بادشاهہ

8 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ڇويهين سال ايلہ ولد بعشا اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن ترضہ شهر ۾ رهي اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪئي.

9 تڏهن هن جو سالار جنهن جو نالو زمري هو ۽ جيڪو جنگي گھوڙي گاڏين مان اڌ حصي جو نگران هو، تنهن هن خلاف بغاوت ڪئي. هڪ ڏينهن ترضہ ۾ ايلہ پنهنجي محل جي نگران ارضہ جي گھر ۾ گھڻي پيئڻ ڪري نشي ۾ ٻڏو پيو هو.

10 تڏهن زمري اندر گھڙي اچي هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. اهو واقعو يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال ۾ ٿيو. تنهن بعد زمري هن جي جاءِ تي تخت‌نشين ٿيو.

11 جڏهن زمري بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن تخت تي ويهڻ شرط هن بعشا جي سڄي ڪٽنب کي مارائي ڇڏيو. هن ڪنهن بہ نر کي نہ ڇڏيو، نہ سندس مائٽن مان ۽ نہ سندس دوستن مان.

12 سو ييهو نبيءَ جي معرفت بعشا جي خلاف خداوند جيڪي فرمايو هو، تنهن موجب زمريءَ بعشا جي خاندان کي ناس ڪري ڇڏيو.

13 اهو سڀ هن ڪري ٿيو جو بعشا ۽ سندس پٽ ايلہ گھڻا گناهہ ڪيا ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرايائون. اهڙيءَ طرح پنهنجي بت‌پرستيءَ وارن ڪمن سان هنن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايو.

14 ايلہ جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


زمري اسرائيل جو بادشاهہ

15 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال ۾، زمري ترضہ شهر ۾ رهي ست ڏينهن بادشاهي ڪئي. تن ڏينهن ۾ اسرائيل جو لشڪر فلستين جي شهر جِبتون کي گھيري هيٺ رکيو ويٺو هو.

16 انهيءَ لشڪر جڏهن ٻڌو تہ زمريءَ بادشاهہ ايلہ جي خلاف بغاوت ڪري کيس ماري ڇڏيو آهي، تڏهن هنن ساڳئي ڏينهن خيمي‌گاهہ ۾ پنهنجي سپهہ‌سالار عمريءَ کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو.

17 پوءِ عمري اسرائيل جي سڄي لشڪر سان جِبتون شهر جو گھيرو ختم ڪري وڃي ترضہ شهر کي گھيري هيٺ آڻي مٿس حملو ڪيو.

18 زمريءَ جڏهن ڏٺو تہ شهر تي قبضو ٿي ويو آهي، تڏهن هو شاهي محل جي اندرين قلعي ۾ ويو ۽ محل کي باهہ ڏنائين. اهڙيءَ طرح هو پاڻ بہ سڙي مري ويو.

19 اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو جو هن خداوند جي نظر ۾ برا ڪم ڪري گناهہ ڪيو هو، انهيءَ ڪري بہ تہ هو يربعام جي رستي تي هليو هو ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرايا هئائين.

20 زمريءَ جو باقي احوال ۽ جيڪا بغاوت هن ڪئي، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


عمري اسرائيل جو بادشاهہ

21 تنهن کان پوءِ اسرائيل وارا ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا، هڪڙي ڌر تبني ولد جِينت کي بادشاهہ بڻائڻ جي حق ۾ هئي، تہ ٻي ڌر عمريءَ جي حق ۾ هئي.

22 پر عمريءَ جا ماڻهو تبنيءَ جي ماڻهن تي غالب آيا. تبني مري ويو ۽ عمري بادشاهہ ٿيو.

23 اهڙيءَ طرح يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ايڪٽيهين سال ۾ عمري اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ ٿيو ۽ اٽڪل ٻارهن سال بادشاهي ڪيائين. پهريائين هن ترضہ شهر ۾ ڇهن سالن تائين بادشاهي ڪئي.

24 پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.

25 عمريءَ اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ جيڪي بادشاهہ کانئس اڳي ٿي گذريا هئا تن کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪيائين.

26 يربعام ولد نباط جي راهہ تي هلندي هن پاڻ بہ گناهہ ڪيا ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ۽ بت‌پرستي ڪرايائين. اهڙيءَ طرح هن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايو.

27 عمريءَ جو باقي احوال ۽ سندس ٻيا ڪم ۽ ڪارناما جيڪي هن ڪيا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

28 عمري وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سامريہ شهر ۾ دفنايو ويو. سندس پٽ اخي‌اب هن جي تخت تي ويٺو.


اخي‌اب اسرائيل جو بادشاهہ

29 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي اٺٽيهين سال، اخي‌اب ولد عمري اسرائيل جو بادشاهہ ٿيو. هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل ٻاويهہ سال اسرائيل تي بادشاهي ڪئي.

30 خداوند جي نظر ۾ اخي‌اب پاڻ کان اڳي وارن بادشاهن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا.

31 يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.

32 هن سامريہ شهر ۾ جيڪو بعل ديوتا جو پوڄا گھر ٺهرايو هو، تنهن ۾ بعل جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ بہ ٺهرايائين.

33 هن يسيرہ ديويءَ جي مورتيءَ وارو ٿنڀو پڻ ٺهرايو. هن ٻيا بہ اهڙا ڪم ڪيا جن سان اسرائيل جي اڳين بادشاهن کان بہ وڌيڪ خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايائين.

34 اخي‌اب جي ڏينهن ۾ بيت‌ايل جي رهاڪو حي‌ايل يريحو شهر وري تعمير ڪرايو. هن جڏهن يريحو شهر جو بنياد وڌو تہ سندس پهريتو پٽ ابيرام مري ويو ۽ جڏهن انهيءَ جا در اڏيائين تہ سندس سڀني کان ننڍو پٽ سجُوب بہ مري ويو. سو جيئن خداوند يشوع ولد نون جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ