1.ڪرنٿين 3 - Muslim Sindhi Bibleڪليسيا خدا جو گھر 1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن روحاني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن دنياوي ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو 2 سو مون اوهان کي ڄڻ کير پيئاريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڃا انهيءَ لائق نہ هئا، نڪي هاڻي ئي انهيءَ لائق آهيو. 3 جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا. 4 جڏهن اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان،“ تہ پوءِ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ اوهين دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. 5 ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ خدمتگار آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي ايمان آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آهي. 6 مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا. 7 سو پوکيندڙ ۽ پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ نہ آهن، پر وڌائڻ وارو يعني خدا ئي سڀ ڪجھہ آهي. 8 پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو. 9 مطلب تہ اسين خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، جڏهن تہ اوهين خدا جي پوک آهيو. اوهين خدا جي عمارت پڻ آهيو. 10 سو خدا جو فضل جيڪو هن مون کي بخشيو آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري. 11 ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ خدا جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد عيسيٰ مسيح آهي. 12 سو هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ بنياد تي سون، چانديءَ، هيرن جواهرن، يا وري ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن ڪانن جي اڏاوت ڪندو، 13 تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي. 14 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽادار هوندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو. 15 پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان کڻڻو پوندو، جڏهن تہ هو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو. 16 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي خدا جي هيڪل آهيو ۽ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو؟ 17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو. 18 ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو دنيا جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس بيوقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي. 19 ڏسو، هن دنيا جي ڏاهپ خدا جي آڏو بيوقوفي آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“ 20 هيئن بہ لکيل آهي تہ ”خداوند ڄاڻي ٿو تہ ڏاهن جا خيال اجايا آهن.“ 21 تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي، 22 پوءِ ڀلي اهو پولس هجي توڙي اپلوس يا پطرس، يا وري دنيا، يا زندگي، يا موت هجي، يا وري حال يا مستقبل هجي. اِهي سڀيئي اوهان جا آهن. 23 جڏهن تہ اوهين سڀيئي مسيح جا آهيو ۽ مسيح خدا جو آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society