Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

1.ڪرنٿين 16 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم جي ڪليسيا لاءِ چندو

1 باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي ڪليسيائن کي ڪئي هئي تہ

2 هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.

3 پوءِ جڏهن آءٌ پهچان تڏهن جن ماڻهن کي اوهين اعتماد جوڳو سمجھي مقرر ڪندا تن کي ڪي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن هو اوهان جو اهو نذرانو يروشلم ڏانهن کڻي وڃن.

4 پر جيڪڏهن مناسب هوندو تہ آءٌ بہ ويندس ۽ اهي مون سان گڏجي هلندا.


پولس جا پنهنجي سفر بابت منصوبا

5 جيئن تہ منهنجو مڪدُنيا صوبي ڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوهان وٽ ايندس.

6 شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو.

7 آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هن وقت رستي ويندي اوهان سان ٿوري وقت لاءِ ملاقات ڪريان، بلڪ اوهان سان ڪافي وقت گذارڻ جي اميد اٿم، جيڪڏهن خداوند چاهيو تہ.

8 في‌الحال پنتيڪُست جي عيد تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس،

9 ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.

10 جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ خداوند جي خدمت جو ڪم پيو ڪري.

11 تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.

12 هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.


آخر ۾ هدايتون ۽ دعا سلام

13 سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو

14 ۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو محبت سان ڪريو.

15 اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ

16 اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي خدمت وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.

17 آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، ڇو تہ هنن منهنجي اها سڪ پوري ڪري ڇڏي جيڪا اوهان سان نہ ملڻ جي ڪري منهنجي دل ۾ هئي.

18 ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو.

19 آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين.

20 سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.

21 هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا سلام هجن.

22 جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.

23 شل اوهان تي خداوند عيسيٰ جو فضل ٿيندو رهي.

24 اوهين جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ