1.تواريخ 21 - Muslim Sindhi Bibleدائود جو مردم شماري ڪرڻ ( 2.سموئيل 24:1-9 ) 1 شيطان بني اسرائيل جي خلاف کڙو ٿي دائود جي دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيو تہ هو بني اسرائيل جو شمار ڪري. 2 سو دائود پنهنجي سپهہسالار يوآب ۽ فوج جي سالارن کي چيو تہ ”اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ وڃي بني اسرائيل جي جوان مردن جو شمار ڪريو. پوءِ اچي مون کي ٻڌايو تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا جوان آهن.“ 3 پر يوآب کيس وراڻيو تہ ”شل خداوند تنهنجي لشڪر کي سؤڻو وڌائي. اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڇا اهي سڀ اوهان جا ٻانها ناهن؟ منهنجو آقا بادشاهہ ائين ڇو ٿو ڪرڻ گھري؟ هو بني اسرائيل کي گناهہ منجھہ ڇو ٿو وجھي؟“ 4 انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ پنهنجي ڳالهہ تان نہ لٿو. سو يوآب روانو ٿيو ۽ اسرائيل جي سڄي ملڪ جو دورو ڪيائين ۽ پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو. 5 يوآب دائود کي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي لائق ماڻهن جو تعداد ٻڌايو تہ چار لک ستر هزار جوان مرد بني يهوداہ جا هئا ۽ جملي يارهن لک جوان مرد باقي بني اسرائيل جا هئا. 6 پر لاوي ۽ بنيامين قبيلي وارن کي يوآب شمار ۾ شامل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ جو حڪم کيس ناپسند هو. مردم شماريءَ جي سزا ( 2.سموئيل 24:10-16 ) 7 انهيءَ حڪم مان خدا بہ خوش نہ هو، تنهنڪري خدا بني اسرائيل کي سزا ڏني. 8 پوءِ دائود خدا کي چيو تہ ”اهو ڪم ڪري مون وڏو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي هن ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر. مون ڏاڍي بيعقلي ڪئي آهي.“ 9 تڏهن خداوند دائود جي جاد نالي غيبدان کي فرمايو تہ 10 ”وڃي دائود کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ خداوند تنهنجي اڳيان ٽي آفتون رکان ٿو، جن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ اها تو تي نازل ڪريان.‘“ 11 سو جاد اچي دائود کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ هنن مان جيڪا ڳالهہ تو کي وڻي سا قبول ڪر: 12 ٽي سال ڏڪار، يا ٽي مهينا تنهنجا دشمن تلوار کنيون توهان کي ڀڄائيندا وتن، يا ٽي ڏينهن خداوند جي تلوار يعني وبا اوهان جي ملڪ ۾ پوي ۽ خداوند جو ملائڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي وڃي ڪهڙو جواب ڏيان.“ 13 دائود جاد کي چيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مشڪلات ۾ آهيان. آءٌ ماڻهن جي هٿان سزا نہ ٿو چاهيان، ڀلي تہ خداوند مون کي سزا ڏئي، ڇو تہ هن جي رحمت تمام وسيع آهي.“ 14 سو خداوند بني اسرائيل تي وبا جي بيماري موڪلي ۽ بني اسرائيل جا ستر هزار ماڻهو مري ويا. 15 خدا هڪڙي ملائڪ کي موڪليو تہ يروشلم کي تباهہ ڪري. هو اڃا تباهہ ڪري ئي رهيو هو تہ خداوند کي ترس اچي ويو سو انهيءَ ملائڪ کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ تنهن وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو. وبا ٽارڻ لاءِ دائود جو قربانگاهہ جوڙڻ ( 2.سموئيل 24:17-25 ) 16 دائود مٿي نهاري ڏٺو تہ خداوند جو ملائڪ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اگھاڙي تلوار يروشلم جي مٿان جھليو بيٺو آهي. تڏهن دائود ۽ اڳواڻ، جن کي کٿا ڍڪيل هئا، تن زمين تي سر رکي سجدو ڪيو. 17 دائود دعا گھري تہ ”اي خدا! جنگي جوانن کي شمار ڪرڻ جو مون ئي حڪم ڏنو هو. مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ غلطي ڪئي اٿم. هنن ويچارن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ سو اي خداوند منهنجا خدا! مون کي ۽ منهنجي گھراڻي کي ڀلي سزا ڏي، پر هنن ماڻهن کي وبا سان نہ مار.“ 18 تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ ”دائود کي چئُہ تہ هو اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ وڃي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي.“ 19 دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند فرمايو هو تيئن اوڏانهن ويو. 20 ان وقت اُروناہ ۽ سندس چار پٽ اتي ڪڻڪ جو ڳاهہ ڳاهي رهيا هئا، تن جڏهن منهن ڦيرائي ملائڪ کي ڏٺو تڏهن اُروناہ جا چار ئي پٽ وڃي لڪي پيا. 21 دائود جڏهن اوڏانهن ويجھو پهتو، تڏهن اُروناہ دائود کي ڏٺو ۽ پنهنجي اَن ڳاهڻ واري پِڙ مان نڪري دائود جي اڳيان جھڪي منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏنائين. 22 پوءِ دائود اُروناہ کي چيو تہ ”مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پِڙ ڏي، تہ آءٌ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان تہ مَن خلق تان وبا ٽري وڃي. تون انهيءَ پِڙ لاءِ ڀلي مون کان پوري قيمت وٺ.“ 23 اُروناہ دائود کي چيو تہ ”ڀلي وٺو. جيئن اوهان منهنجي آقا بادشاهہ کي وڻي تيئن ڪريو. آءٌ اوهان کي ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏاند، ڪاٺين جي لاءِ ڳاهڻ جا اوزار ۽ اناج جي قربانيءَ لاءِ ڪڻڪ ڏيندس. آءٌ اهو سڀڪي رضا خوشيءَ سان اوهان کي ڏيندس.“ 24 پر دائود بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ائين نہ ٿيندو. آءٌ انهيءَ لاءِ رقم ڏيندس. آءٌ اهڙي ڪابہ قرباني خداوند لاءِ پيش نہ ڪندس جيڪا تنهنجي ملڪيت هجي ۽ اهڙي ڪابہ شيءِ خداوند لاءِ نہ وٺندس جنهن جي لاءِ مون رقم نہ ڏني هجي.“ 25 اهڙيءَ طرح دائود اُروناہ کي انهيءَ جاءِ لاءِ ست ڪلوگرام سون ڏنو. 26 پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون. هن خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند آسمان مان باهہ موڪلي کيس ورندي ڏني، جنهن اچي قربانگاهہ تي پيش ڪيل قربانيون ساڙي ڇڏيون. 27 سو جڏهن خداوند ملائڪ کي حڪم ڏنو تڏهن هن پنهنجي تلوار موٽائي مياڻ ۾ وجھي ڇڏي. 28 دائود جڏهن اهو سڀ ڏٺو تہ خداوند کيس اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ سندس دعا جو جواب ڏنو آهي، تڏهن هن اتي ئي جانورن جون قربانيون پيش ڪيون، 29 جڏهن تہ بيابان ۾ موسيٰ جو ٺاهيل مقدس خيمو ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ ان وقت جِبعون جي ٽڪر واري جاءِ تي هئا. 30 پر دائود خداوند جي عبادت جي لاءِ اوڏانهن نہ وڃي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جي ملائڪ جي تلوار کان ڊنو ٿي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society