رومين 6 - Hindu Sindhi Bibleپاپ جي نسبت مئل هجڻ 1 تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ پاپ ڪندا رهون تہ جيئن ايشور جي ڪرپا وڌيڪ ٿئي؟ 2 نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي پاپ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن پاپ وارو جيون گذاري ٿا سگھون؟ 3 ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي يسوع مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟ 4 تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پتا جي مهان شڪتيءَ سان مئلن مان جيوت ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر جيون گذاريون. 5 جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيوت ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. 6 سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي شرير تان پاپ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين پاپ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون، 7 ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو پاپ کان آزاد ڪيو ويو آهي. 8 هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو وشواس آهي تہ ساڻس گڏ جيوت رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين، 9 ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي. 10 هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ پاپ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيوت ٿيو آهي تہ سندس جيون ايشور لاءِ مخصوص آهي. 11 اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي پاپ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ يسوع مسيح ۾ اوهين پنهنجو جيون ايشور لاءِ مخصوص سمجھو. 12 تنهنڪري اوهين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير ۾ پاپ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين پاپ وارين خواهشن جي وس هيٺ رهو. 13 پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين. 14 سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو. سچائيءَ جا غلام 15 پوءِ ڇا اسين پاپ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين نيم جي نہ، پر ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيون؟ نہ، هرگز نہ. 16 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي وس هيٺ رهو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين پاپ جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن ايشور جي وس هيٺ رهندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي. 17 حقيقت ۾ اوهين اڳي پاپ جا غلام هئا، پر ايشور جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل سکيا تي هلندي تن ۽ من سان ان جي وس هيٺ ٿيا آهيو. 18 هائو، اوهين پاپ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو. 19 اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو. 20 جڏهن اوهين پاپ جا غلام هئا، تڏهن اوهان تي سچائيءَ جي ڪا پابندي نہ هئي. 21 پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. 22 پر هاڻي اوهين پاپ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پوِترتائي جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي امر جيون. 23 بيشڪ پاپ جو لاڀ موت آهي، جڏهن تہ ايشور اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي ڪرپا واري بخشش يعني امر جيون بخشي ٿو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society