Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

رومين 4 - Hindu Sindhi Bible


ابرهام جو مثال

1 هاڻ آءٌ ابرهام جو مثال ڏيندس، جيڪو شرير جي لحاظ کان اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن ايشور ڏانهن سچار بڻيو.

2 جيڪڏهن ابرهام پنهنجي عملن جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر ايشور جي شرڻ ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو،

3 ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“

4 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي.

5 جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر ايشور تي وشواس آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو وشواس سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي.

6 جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ

7 ”سڀاڳا آهن اهي، جن جا ڏوهہ ايشور معاف ڪيا آهن، ۽ جن جا پاپ بخشي ڇڏيا اٿائين.

8 هائو، سڀاڳا آهن اهي جن جا پاپ پرميشور ليکي ۾ ڪين ٿو آڻي.“

9 ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جن جو ختنو ٿيل آهي؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابرهام جي وشواس رکڻ جي ڪري ئي ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.

10 ابرهام جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس ختني ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابرهام جي ختني ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي.

11 ابرهام جو ختنو پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ ايشور سندس وشواس رکڻ جي ڪري ئي کيس ختني کان سواءِ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابرهام انهن سڀني جو پتا آهي، جيڪي ختني کان سواءِ ايشور تي وشواس آڻين ٿا ۽ ايشور کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.

12 ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو.


ايشور جو وچن وشواس جي وسيلي

13 ابرهام ۽ سندس اولاد سان ايشور اهو وچن ڪيو هو تہ هو کين سنسار جو وارث بڻائيندو. پر اهو وچن انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابرهام نيم تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن وشواس آندو ۽ ائين ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو.

14 جيڪڏهن سنسار جي وارث بڻائڻ جو وچن ايشور انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي نيم تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ ايشور تي وشواس آڻڻ اجايو ۽ سندس وچن بيڪار ٿي پوي ها.

15 ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟

16 تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي،

17 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.

18 ابرهام نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي ايشور تي وشواس رکيو ۽ گھڻين قومن جو پتا بڻيو، جيئن ايشور وچن ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“

19 جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابرهام جو وشواس ڪمزور نہ ٿيو

20 ۽ ايشور جي وچن تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو وشواس ۾ وڌيڪ پڪو ٿي ايشور جي مهما ڪندو رهيو.

21 هائو، هن کي پورو يقين هو تہ ايشور جيڪو وچن ڪيو آهي تنهن کي پوري ڪرڻ جي شڪتي بہ رکي ٿو.

22 اهو ئي سبب هو جو ايشور ابرهام کي سندس وشواس رکڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.

23 اهي لفظ تہ ”پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو،“ رڳو ابرهام لاءِ لکيل نہ آهن،

24 پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ ايشور تي وشواس آڻيون ٿا جنهن اسان جي پرڀو يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو.

25 اسان جي پاپن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيوت ڪيو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ