رومين 10 - Hindu Sindhi Bible1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي مڪتي ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جي در پرارٿنا ٿو ڪريان. 2 هنن بابت آءٌ اها شاهدي ٿو ڏيان تہ ايشور جي لاءِ کين جذبو تہ آهي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن 3 تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن. 4 جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. (مڪتي سڀني جي لاءِ آهي) 5 نيم تي عمل ڪرڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيوت رهندو.“ 6 جڏهن تہ جيڪو وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آڪاش تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي. 7 يا ”ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير پاتال ۾ لهي ويندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي مئلن مان جيوت ٿي چڪو آهي. 8 بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا. 9 سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”يسوع ئي پرڀو آهي“ ۽ دل سان وشواس آڻيو تہ ”ايشور کيس مئلن مان جيوت ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي مڪتي ملندي. 10 ڏسو، دل سان وشواس آڻڻ ڪري ئي اسين ايشور ڏانهن سچار بڻجون ٿا ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ئي اسان کي مڪتي ملي ٿي. 11 اهو سنديش سڀني لاءِ آهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ 12 مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو پرڀو آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو، 13 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ پرڀوءَ جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي مڪتي ملندي.“ 14 پر جنهن تي هنن وشواس ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن وشواس آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟ 15 جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي سنديش جو پرچار ڪيئن ڪندا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“ 16 پر بني اسرائيل مان سمورن اها خوشخبري قبول نہ ڪئي آهي، جيئن يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس آندو؟“ 17 سو وشواس سنديش ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو سنديش آهي مسيح بابت پرچار. 18 پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن سنديش نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو سنديش ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“ 19 آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو سنديش سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت ايشور اڳي ئي فرمايو آهي تہ ”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن. آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بيسمجھہ آهي.“ 20 وري يسعياہ وڏي دليريءَ سان ايشور جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن کي آءٌ ملي ويس. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون درشن ڏنو.“ 21 پر بني اسرائيل بابت ايشور فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society