مڪاشفو 1 - Hindu Sindhi Bible1 هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاشواڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون. 2 پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني ايشور جو سنديش ۽ يسوع مسيح جي شاهدي. 3 سڀاڳو آهي اهو جيڪو انهيءَ لکت جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اهي جيڪي ٻڌي ڪري انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي. ستن منڊلين لاءِ پرارٿنا 4 هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي 5 ۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي 6 ۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين. 7 ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين. 8 پرڀو پرميشور، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو سروِشڪتيوان فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“ مسيح جو يوحنا کي درشن ۾ ڏيکاري ڏيڻ 9 آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي. 10 پرڀوءَ واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم، 11 جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“ 12 آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن انهيءَ کي ڏسان جنهن مون سان ٿي ڳالهايو. تڏهن ڇا ڏسان تہ ست سونا شمعدان آهن. 13 انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس. 14 انهيءَ جو مٿو ۽ وار اهڙا اڇا هئا جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙو کير. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون. 15 انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو. 16 هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہمنهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي. 17 جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي 18 ۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن. 19 سو هاڻي جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ لک، يعني اهي ڳالهيون جيڪي هن وقت ٿين ٿيون ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن کان پوءِ ٿينديون. 20 اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society