Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

فليمون 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، جيڪو مسيح يعني يسوع جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ ساٿي سيواداري آهين.

2 تو سان گڏ هي خط اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس ۽ تنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ وشواسي منڊليءَ لاءِ پڻ آهي.

3 شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


فليمون جو پيار ۽ وشواس

4 جڏهن بہ آءٌ پنهنجي پرارٿنا ۾ تو کي ياد ٿو ڪريان، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان

5 جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون پرڀو يسوع تي وشواس رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو.

6 منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل آسيسن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي وشواس واري صحبت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.

7 اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.


اُنيسمس جي باري ۾ پولس جي وينتي

8 آءٌ مسيح جي ڪري ايترو تہ دلير آهيان جو تو کي هن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيان جيڪو تو کي ڪرڻو آهي.

9 پر تنهن هوندي بہ آءٌ پولس جيڪو پيرسن ۽ هن وقت يسوع مسيح جي خاطر قيد ٿيل آهيان، سو تو کي پيار وچان وينتي ٿو ڪريان.

10 منهنجي وينتي اُنيسمس جي باري ۾ آهي، جنهن کي مون قيد ۾ هوندي پنهنجو پٽ بڻايو آهي.

11 اڳي تہ هو تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي، ٻنهي جي ڪم جو آهي.

12 آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.

13 حقيقت ۾ مون هن کي پاڻ وٽ رکڻ پئي چاهيو، تہ جيئن جيستائين آءٌ هتي خوشخبريءَ جي خاطر قيد ۾ آهيان، هي تنهنجي پاران منهنجي سيوا ڪري.

14 تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.

15 شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انهيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ هو تو وٽ اچي هميشہ لاءِ

16 هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو.

17 سو جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ هن جو آڌرڀاءُ ائين ڪجانءِ جيئن جيڪر منهنجو ڪرين ها.

18 جيڪڏهن هن تنهنجو ڪو نقصان ڪيو آهي، يا تنهنجو ڪو لهڻو ليکو اٿس تہ اهو منهنجي کاتي سمجھہ.

19 آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي.

20 اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي.

21 آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.

22 انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين پرارٿنائن جي وسيلي پرڀو مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.


آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا

23-24 اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آهن، سي سڀ تو کي نمسڪار ٿا ڏين.

25 شل پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا اوهان سڀني تي هجي. آمين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ