مرقس 7 - Hindu Sindhi Bibleوڏن جون ريتون رسمون ( متي 15:1-9 ) 1 هڪ دفعي يروشلم کان ڪي فريسي ۽ نيم شاستري يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا. 2 انهن ڏٺو تہ يسوع جا ڪي چيلا پنهنجا هٿ ڌوئي پوِتر ڪرڻ کان سواءِ ئي اپوِتر هٿن سان روٽي کائين ٿا پيا. 3 جڏهن تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي ريتن رسمن موجب، جيستائين پنهنجا هٿ پنهنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آهن 4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ. 5 سو انهن فريسين ۽ نيم شاسترين يسوع کان پڇيو تہ ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ اپوِتر هٿن سان ڇو ٿا روٽي کائين؟“ 6 تنهن تي يسوع چين تہ ”ايشور اوهان پاکنڊين بابت يسعياہ سنت جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين. 7 هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“ 8 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ايشور جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو. 9 اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. 10 مثال طور موسيٰ جي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماتا يا پتا جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 11 پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هن اها ”قربان،“ يعني ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، 12 تہ پوءِ هو ماتا پتا جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘ 13 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن سان ايشور جو وچن رد ٿا ڪريو. اهڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا.“ انسان کي اپوِتر ڪرڻ واريون شيون ( متي 15:10-20 ) 14 پوءِ يسوع سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجھو. 15-16 ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي کيس اپوِتر ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندر مان ٻاهر نڪرن ٿيون سي کيس اپوِتر ٿيون ڪن.“ 17 جڏهن يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس چيلن انهيءَ مثال بابت پڇيس. 18 تنهن تي يسوع هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بيسمجھہ آهيو، جو ايتري بہ سڌ نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس اپوِتر نہ ٿو ڪري، 19 ڇاڪاڻ تہ اهو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاهر نڪريو وڃي.“ ائين چئي يسوع کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو. 20 هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس اپوِتر ٿو ڪري. 21 هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، 22 زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ مورکتا. 23 اهي سڀ خرابيون اندر مان ئي ٿيون نڪرن، جيڪي ماڻهوءَ کي اپوِتر ڪن ٿيون.“ هڪ ناريءَ جو وشواس ( متي 15:21-28 ) 24 پوءِ يسوع اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي سڌ نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي. 25 هڪڙي ناري جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو، تنهن کي جڏهن يسوع جي اچڻ جي خبر پيئي تہ اها هڪدم وٽس آئي ۽ اچي پيرن تي ڪريس. 26 اها ناري غير يهودي هئي ۽ شام ملڪ جي فينيڪي علائقي مان هئي. هن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”منهنجي ڌيءَ مان ڀوت ڪڍو.“ 27 پر يسوع مثال ۾ ڳالهائيندي چيس تہ ”پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 28 تنهن تي ناريءَ چيس تہ ”سوامي! برابر، پر ڪتا بہ تہ ٻارن جي رسوئي کائڻ وقت اوبر ڪيل روٽيءَ جا ٽڪر کائيندا آهن.“ 29 يسوع هن کي چيو تہ ”واہ! تنهنجي انهيءَ جواب جي ڪري تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“ 30 سو هن گھر وڃي ڏٺو تہ سندس ڌيءَ هنڌ تي پيل آهي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو اٿس. هڪ ٻوڙي ۽ هٻڪ واري ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ 31 پوءِ يسوع صور جي حدن مان نڪري صيدا جي علائقي مان لنگھي دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل ڍنڍ تي آيو. 32 ماڻهو وٽس هڪڙي اهڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو هو ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪ هئس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”هن کي پنهنجو هٿ لايو.“ 33 يسوع اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنهنجيون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنهنجي زبان جي لٻ ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين. 34 پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ ”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“ 35 تڏهن هڪدم سندس ڪن کُلي پيا ۽ هن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ هو چٽو ڳالهائڻ لڳو. 36 پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي. 37 سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society