Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

مرقس 16 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
( متي 28‏:1‏-8 ، لوقا 24‏:1‏-12 ، يوحنا 20‏:1‏-10 )

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن.

2 پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اُڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون.

3-4 جيئن تہ قبر جي منهن تي رکيل پٿر تمام وڏو هو، سو رستي تي اهي پاڻ ۾ چونديون ٿي آيون تہ ”اسان لاءِ قبر جي منهن تان پٿر ڪير هٽائيندو؟“ پر جڏهن اتي اچي پهتيون تہ ڇا ڏسن تہ اهو پٿر تہ اڳي ئي رڙهيو پيو آهي.

5 جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون.

6 تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.

7 پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت يسوع جي ٻين چيلن کي چئو تہ ’يسوع اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“

8 تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.


مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏيڻ
( متي 28‏:9‏-10 ، يوحنا 20‏:11‏-18 )

9 يسوع آچر ڏينهن صبح جو سوير جيوت ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏنو، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا.

10 تڏهن هن وڃي يسوع جي ساٿين کي اها ڳالهہ ٻڌائي، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا.

11 جڏهن هنن ٻڌو تہ يسوع جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ مريم پاڻ ان کي ڏٺو آهي، تڏهن بہ اهي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.


ٻن چيلن کي درشن ڏيڻ
( لوقا 24‏:13‏-35 )

12 انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻئي روپ ۾ چيلن مان ٻن ڄڻن کي درشن ڏنو، جيڪي رستو وٺيو ٻهراڙيءَ ڏانهن پئي ويا.

13 تڏهن اهي اتان ئي يروشلم ڏانهن موٽي آيا ۽ اها ڳالهہ ٻين چيلن کي بہ اچي ٻڌايائون. پر انهن جي ڳالهہ تي بہ هنن اعتبار نہ ڪيو.


يارهن چيلن کي درشن ڏيڻ
( متي 28‏:16‏-20 ، لوقا 24‏:36‏-49 ، يوحنا 20‏:19‏-23 ، سنتن جا ڪم 1‏:6‏-8 )

14 آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.

15 پوءِ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين سڄي سنسار ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريو.

16 جيڪو بہ انهيءَ تي وشواس آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو مڪتي حاصل ڪندو، پر جيڪو وشواس نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو.

17 جيڪي وشواس آڻيندا، تن ۾ شڪتيءَ جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا.

18 جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


يسوع مسيح جو آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ
( لوقا 24‏:50‏-53 ، سنتن جا ڪم 1‏:9‏-11 )

19 انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ پرڀو يسوع آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

20 پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ