Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

مرقس 12 - Hindu Sindhi Bible


بي‌ايمان باغائين جو مثال
( متي 21‏:33‏-46 ، لوقا 20‏:9‏-19 )

1 پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.

2 جڏهن انگورن لهڻ جي مند آئي تہ هن انهن باغائين ڏانهن پنهنجو هڪڙو نوڪر موڪليو تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي.

3 پر باغائين انهيءَ نوڪر کي پڪڙي مار ڏني ۽ کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو.

4 تنهن تي هن انهن ڏانهن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس.

5 مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انهن هن کي ماري وڌو. پوءِ هن ٻيا ڪيترائي ماڻهو موڪليا، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون.

6 هاڻي باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو هئس. تنهن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانهن موڪليائين، جو پڪ هئس تہ هو انهيءَ جو لحاظ ڪندا.

7 پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘

8 پوءِ انهن هن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاهران اڇلائي ڇڏيائون.“

9 پوءِ يسوع انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

10 ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.

11 اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“

12 تنهن تي يهودين جي ڌرمي اڳواڻن يسوع کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال يسوع انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا.


ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
( متي 22‏:15‏-22 ، لوقا 20‏:20‏-26 )

13 پوءِ يهودين جي انهن اڳواڻن ڪي فريسي ۽ ڪي هيروديس جا حمايت ڪندڙ ماڻهو يسوع ڏانهن موڪليا، تہ جيئن اهي کيس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين.

14 اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“

15 يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“

16 اهي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏهن يسوع پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ ڪنهن جو نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”قيصر جو.“

17 تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.


مرڻ کان پوءِ جيوت ٿيڻ بابت سوال
( متي 22‏:23‏-33 ، لوقا 20‏:27‏-40 )

18 پوءِ صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا

19 ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان جي لاءِ موسيٰ نيم ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو پتني ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

20 هڪڙا ست ڀائر هئا، پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو.

21 تڏهن ٻئي ان جي وڌوا سان شادي ڪئي ۽ اهو بہ بي‌اولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي.

22 اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ساڻس شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويا. آخرڪار اُها ناري بہ مري ويئي.

23 هاڻي ٻڌايو تہ جڏهن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيوت ٿي اٿندا تہ اُها ناري ڪنهن جي پتني ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ستن ئي هن سان شادي ڪئي هئي؟“

24 يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ پوِتر شاستر جون لکتون ٿا ڄاڻو، نڪي وري ايشور جي شڪتي.

25 ڏسو، مري ويل جڏهن جيوت ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آڪاش ۾ دوت آهن تيئن اهي بہ هوندا.

26 مري ويلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي شاستر ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن ايشور موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘

27 ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو ايشور نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي. سو اوهين تہ سخت ڀليل آهيو.“


سڀ کان وڏو حڪم
( متي 22‏:34‏-40 ، لوقا 10‏:25‏-28 )

28 انهيءَ وقت نيم شاسترين مان هڪڙو اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ يسوع صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“

29 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پهريون وڏو حڪم هي آهي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، پرڀو اسان جو ايشور هڪڙو ئي پرڀو آهي.

30 تون پرميشور پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ سمجھہ ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪر.‘

31 ٻيو حڪم هي آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ انهن ٻنهي حڪمن کان وڏو ٻيو ڪوبہ حڪم ڪونهي.“

32 تنهن تي انهيءَ نيم شاستريءَ يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! واہ جي ڳالهہ ڪئي اٿوَ. بيشڪ ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

33 سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي ٻليدان ڪرڻ يا ٻليدان واري جاءِ تي ايشور جي سيوا ۾ ٻيون شيون ڀيٽا ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“

34 يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي. تنهنڪري کيس چيائين تہ ”تون ايشور جي راڄ کان پري نہ آهين.“ انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو يسوع کان ڪو ٻيو سوال پڇي سگھي.


مسيح بابت سوال
( متي 22‏:41‏-46 ، لوقا 20‏:41‏-44 )

35 پوءِ يسوع جڏهن هيڪل ۾ سکيا پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”نيم شاستري ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟

36 دائود تہ پاڻ پوِتر آتما جي هدايت تي چيو هو تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘

37 سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ يسوع جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.


نيم شاسترين خلاف چتاءُ
( متي 23‏:1‏-36 ، لوقا 20‏:45‏-47 )

38 يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي وڌيڪ چيو تہ ”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن.

39 هو ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.

40 اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنا ويندا.“


وڌوا جو دان ڏيڻ
( لوقا 21‏:1‏-4 )

41 پوءِ يسوع هيڪل ۾ دان واري پيتيءَ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻهو اُن پيتيءَ ۾ پئسا وجھن ٿا. هن ڏٺو تہ ڪي دولتمند ان ۾ گھڻا پئسا وجھي رهيا هئا.

42 ايتري ۾ هڪ غريب وڌوا آئي جنهن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا.

43 تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ دان جي پيتيءَ ۾ هن غريب وڌوا سڀني کان وڌيڪ دان وڌو آهي.

44 ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ