Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

لوقا 8 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح سان گڏ هلندڙ سيوڪ ناريون

1 تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو يسوع شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن چيلا بہ ساڻس گڏ هئا.

2 ڪي ناريون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا،

3 يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي.


ٻج ڇٽڻ جو مثال
( متي 13‏:1‏-9 ، مرقس 4‏:1‏-9 )

4 جڏهن شهر شهر جا ماڻهو يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا تہ هڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ هڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ

5 ”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا.

6 ڪي داڻا وري ٽڪريلي زمين تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇو تہ انهن تائين پاڻي ڪونہ پهتو هو.

7 ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جيڪي انهن سان گڏ اُڀريا تن انهن کي اُسرڻ نہ ڏنو.

8 ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون.“ اهي ڳالهيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


مثالن ۾ سکيا ڏيڻ جو مقصد
( متي 13‏:10‏-17 ، مرقس 4‏:10‏-12 )

9 يسوع کان سندس چيلن پڇيو تہ ”هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟“

10 تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“


ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
( متي 13‏:18‏-23 ، مرقس 4‏:13‏-20 )

11 ”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي ايشور جي راڄ جو سنديش.

12 جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انهيءَ سنديش کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي وشواس آڻي بچي وڃن.

13 ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت وشواس آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن.

14 جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي جيون جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.

15 پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


ڏيئي جو مثال
( مرقس 4‏:21‏-25 )

16 ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

17 مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي سڌ نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي.

18 تنهنڪري منهنجي چيل ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو، ڇو تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جنهن کي هو پنهنجو سمجھي ٿو.“


يسوع مسيح جي ماتا ۽ ڀائر ڪير؟
( متي 12‏:46‏-50 ، مرقس 3‏:31‏-35 )

19 هڪڙي دفعي يسوع جي ماتا ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگھيا.

20 تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماتا ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“

21 يسوع انهن کي چيو تہ ”منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر اهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪن ٿا.“


طوفان کي بند ڪرڻ
( متي 8‏:23‏-27 ، مرقس 4‏:35‏-41 )

22 هڪڙي ڏينهن يسوع پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا.

23 جيئن هو هليا پئي تہ يسوع کي ننڊ وٺي ويئي. تڏهن ڍنڍ تي ڏاڍو طوفان اچي لٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي جنهن ڪري انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويئي.

24 تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

25 تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو وشواس ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي چيلا ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“


ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 8‏:28‏-34 ، مرقس 5‏:1‏-20 )

26 پوءِ اهي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پهتا جيڪو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي.

27 جڏهن يسوع سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.

28 هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“

29 هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.

30 يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو تہ ”لشڪر،“ ڇاڪاڻ تہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو هو.

31 انهن ڀوتن يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”اسان کي پاتال ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“

32 ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن يسوع کي وري وينتي ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي آگيا ڏيو.“ سو هن کين آگيا ڏني.

33 تنهن تي اهي ڀوت انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اهو ڌڻ لاهيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

34 اهو حال ڏسي ڌنار وٺي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اهو سڄو واقعو ٻڌايائون.

35 تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.

36 جن ماڻهن اهو رنگ ڏٺو هو، تن کين ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.

37 گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو.

38 تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس وينتي ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر يسوع کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ

39 ”وڃي ٻڌاءِ تہ ايشور تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“ سو انهيءَ ماڻهوءَ موٽي وڃي سڄي شهر ۾ مشهور ڪيو تہ ”يسوع مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“


يائرس جي ڌيءَ کي جيوت ۽ ناريءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 9‏:18‏-26 ، مرقس 5‏:21‏-43 )

40 جڏهن يسوع موٽي آيو تڏهن ماڻهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇو تہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.

41 ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي ڀڳتيءَ واري جاءِ جو اڳواڻ هو، سو يسوع وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“

42 هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي. پوءِ جيئن جيئن يسوع ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.

43 انهن ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.

44 اها ناري يسوع جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.

45 تڏهن يسوع پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”گرو! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“

46 پر يسوع چيو تہ ”مون کي پڪ آهي تہ ڪنهن ڄاڻي‌واڻي مون کي هٿ لاتو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون مان شڪتي نڪتي آهي.“

47 جڏهن ناريءَ ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.

48 تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“

49 اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ ڀڳتيءَ واري جاءِ جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي گروءَ کي تڪليف نہ ڏي.“

50 پر يسوع هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک تہ هوءَ بچي پوندي.“

51-53 پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڪنيا لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي يسوع چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي يسوع تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ يسوع پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڪنيا جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.

54 پوءِ يسوع ڪنيا جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي ڪنيا! اُٿ.“

55-56 تڏهن هن ۾ وري آتما اچي پئي ۽ هوءَ هڪدم جيوت ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڪنيا جي ماتا پتا کي حيراني وٺي ويئي. يسوع حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ